ڪوهه دامن ۽ تختِ لاهور عوام سان ڪيستائين شترنج کيڏندا رهندا؟

'راءِ شماري' فورم ۾ حاڪم طرفان آندل موضوعَ ‏13 آڪٽوبر 2010۔

  1. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اڃا زلزلي زدگان جي مصيبت جا ڏينهن به نه ڪٽيا هئا ته هن ملڪ کي ٻوڏ وڪوڙي ڇڏيو، ملڪ ۾ هر ايندڙ ڏينهن وڌندڙ آپگهاتي حملن سان گڏوگڏ جاري ڊرون حملن پاڪستان جي عوام جي زندگي بي معنيٰ ۽ پريشان ڪري ڇڏي آهي، ڪو به نه ٿو ڄاڻي ته ڪڏهن ۽ ڪٿي کيس رت ۾ وهنجاريو ويندو، بس ۾ سفر ڪندي، ڪنهن بازار ۾ ٻارن سان خريداري ڪندي، ڪنهن مسجد ۾ نماز ادا ڪندي، ڪنهن درويش جي درگاهه تي قلب جو سڪون حاصل ڪندي يا ڪنهن سرڪاري عمارت تي ڊيوٽي ڪندي، جي ايڇ ڪيو کان وٺي سول لائتي ٿاڻي ۽ لال مسجد کان عبدالله شاهه غازي جي مزار تائين خبر ناهي ڪنهن ڪنهن جي هٿان ڪير ڪير زندگي هاري ويندا، ڪنهن کي ڪجهه خبر ناهي.

    سڄي دنيا شور ڪري رهي آهي ته پاڪستان کي ترقي جي رستي تي آڻڻ لاءِ هن ملڪ مان بنياد پرستي ۽ فرقي پرستي جي خاتمي لاءِ ملڪ جي نوجوانن کي اعليٰ سطحي تعليم ۽ غير فني تعليم ڏيارڻ جي ضرورت آهي، پر دامن ڪوهه وارن پاڪستان جي يونيورسٽين لاءِ فنڊ ڏيڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو هو، ڪيترن ئي يونيورسٽين جي سربراهن جو چوڻ آهي ته وٽن استادن کي پگهارون ادا ڪرڻ لاءِ پئسا نه آهن، هي اهو ملڪ آهي جتي غربت ۽ ذهني مرضن وبائي بيمارين وانگر پکڙي رهيا آهن.

    هڪ محتاط اندازي موجب 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مايوس ۽ غربت سبب خودڪشيون ڪري رهيا آهن، ملڪ جي هڪ وسيع آبادي کي ٻوڏ دربدر ڪري ڇڏيو آهي، فيصل آباد، جيڪب آباد، جعفر آباد، شهدادڪوٽ، ٺٽو، ميانوالي جا لکين ماڻهو ٻوڏ سبب بيروزگار ٿي ويا آهن، ملڪ جي ٽيڪسٽائيل واري صنعت کي پنهنجو پاڻ بجلي پيدا ڪرڻي پئجي رهي آهي ته جيئن اها زندهه رهي سگهي، ملڪ جو بجلي وارو وزير فقط رينٽرل پاور پراجيڪٽ ذريعي عوام جي جسم جو رهيل سهيل رت به ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي، ڏٺو وڃي ته تخت لاهور وارن عوام کي مهانگائي ۽ ڌاڙيلن سامهون شڪار وانگر بيهاري ڇڏيو آهي، روشنين واري شهر ڪراچي جو به ساڳيو ئي حال آهي، ڪنهن به شهر جي ڪنهن به مارڪيٽ ۾ حڪومت نالي جي ڪا به شئي موجود ناهي، عام واهپي جي شين جون قيمتون منافعي خورن جي رحم ڪرم تي آهن، صوبائي حڪومتون ضلعي نظام کي لاڳو ڪرڻ لاءِ اڃا تائين تيار نظر نه ٿيون اچن، اهي خوفزده آهن ته ڪٿي عوام کي اهڙا نمائندا نه ملي وڃن جيڪي گلي ۽ محلي جي سطح تي عوام کي ترقي وٺرائي عوامي دلين ۾ راڄ ڪرڻ نه شروع ڪن.

    ضلعي حڪومتي نظام مان مقامي قيادت پيدا ٿيندي آهي جڏهن ته پنجاب جا حڪمران رائيونڊ جي ”سپرڪمپيوٽر“ ذريعي پورو صوبو هلائڻ چاهين ٿا جڏهن ته سنڌ جا واڳ ڌڻي به پنهنجي منشا تحت مڙئي حڪومت کي ڌڪي رهيا آهن، هنن ٻنهي صوبن جا حڪمران پنهنجي ويجهو ويٺل وزيرن کي مڪمل اختيار ڏيڻ لاءِ به تيار نه آهن. خير! وري به سنڌ ۾ وزير بااختيار آهن، پر پنجاب ۾ رائونڊ فارم جا مالڪ پاڻ ئي اهو ڪم سر انجام ڏين ٿا، سنڌ هجي يا پنجاب، جيڪڏهن هو پنهنجي مرضيءَ سان حڪمراني ڪندا ۽ ڪرپشن عام هوندي ته اهو حڪمران آخري مقامي حڪومت جي نمائندن کي ڇو برداشت ڪندا، مڪاني نظام جو مطلب حڪومت عوام جي دروازي تي هئڻ آهي پر هتي ته حڪومت مختلف مخصوص ”جاين“ جي دروازي تي بيٺل نظر ايندي آهي، ٻوڏ سٽيل سنڌ ۾ دربدر آهن، جن مان بيمارن کي علاج ميسر ناهي، ٻارن ۽ نوجوانن کي اسڪول ۽ ڪاليج ميسر نه آهن، سنڌ توڙي پنجاب جي غريب عوام لاءِ امن امان مسئلو بڻيل آهي، بک، بيروزگاري ۽ بدحالي نوجوانن جي وڏي انگ کي ذهني مريض بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن سبب نوجوانن جو لاڙو ڏوهن جي دنيا طرف وڌندي ڏٺو ويو آهي، پنجاب ۽ سنڌ ۾ پوليس گردي به جاري آهي، ماڻهن کي پڪڙي ڌاڙيل ڄاڻائي ماريو ويندو آهي، ڪنهن کان به پڇا ڳاڇا ناهي، عوام کي مارڻ واري ڏوهه ۾ مبتلا پوليس جا ڪيترائي غنڊا وڏن پوسٽن تي ويٺل آهن، جن کان ڪو به حڪمران پڇڻ لاءِ تيار ناهي.

    مون هن مضمون ۾ پنجاب، تخت لاهور ۽ اتان جي عوام جو ذڪر ان لاءِ ڪيو ته صوبي ۾ بادشاهتي طرز واري حڪمراني ڪندڙ جاتي ڪمره جو رهواسي شهباز شريف، ديدار شاهه جي نيب چيئرمين طور مقرريءَ کي غلط قرار ڏيندي لانگ مارچ جي ڌمڪي ڏني آهي. پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف صوبي جي غريب عوام جي حقيقي مسئلن کي حل ڪرڻ بجاءِ هو دامن ڪوهه وارن کي تخت لاهور جي طاقت ڏيکارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي، آخر دامن ڪوهه ۽ تخت لاهور هي ڪهڙي شطرنج کيڏي رهيا آهن؟

    ڪڏهن ڪڏهن شطرنج جا رانديگر هڪ ٻي کي به پنهنجي چال بابت اڳواٽ اطلاع ڏيندا آهن، ڪٿي ائين ته ناهي جو حڪمران ملڪ جي غريب عوام سان شطرنج ته نه کيڏي رهيا آهن؟ تخت لاهور جي بادشاهن کي گهرجي ته هو پنهنجي سياست گهڻي چمڪائي چڪا آهن، هاڻي اهڙا معاملا نه اٿارين، ڇاڪاڻ ته لانگ مارچ سان هاڻي ڪجهه به نه ٿيندو، هي وقت عوامي مسئلا حل ڪرڻ جو آهي، اهڙين ڌمڪين جي هاڻي ڪا به اهميت نه آهي، ڇاڪاڻ ته بک، بدحالي، بي روزگاري ۾ گهريل عوام هاڻي مسئلن جو حل چاهي ٿو.

    ججز جي بحالي لاءِ ن ليگ جو جيڪو لانگ مارچ ٿيو هو، ان جي ڪاميابي ۾ عوام جو هٿ هو، پنجاب جي عوام ان اميد تي لانگ مارچ کي ڪامياب بڻايو ته شريف ڀائر عدليا آزاد ڪرائي عوام لاءِ اعليٰ عدليا مان انصاف جي حصول کي يقيني بڻائيندا، جج ته بحال ٿي ويا پر شريف ڀائر وري بادشاهه بڻجي ويا، سندن اهڙي حڪمراني واري طرز تي عوام پنجاب ۾ ٿيل ننڍي چونڊن ۾ به کين ووٽ نه ڏنا ۽ ڪيترن ئي تڪن تي پيپلز پارٽي ئي ڪامياب ٿي آهي.

    بهرحال پيپلز پارٽي حڪومت به ن ليگ سان گڏجي عوام سان شطرنج کيڏڻ کان پاسو ڪري ۽ عوام جي مسئلن جي حل تي ڌيان ڏئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو