عاشق سولنگي
سينيئر رڪن

مايوس ڪٿي ٿيو آهيان، بس راز لڪايان ٿو،
آ دور سجاڳي جو، سمهندي به ڪنايان ٿو.
هي ڪنهن به ڏني آهي، پر گهر کي لڳي آهي،
لڙڪن جي ڦڻنگن سان، مان باهه وسايان ٿو.
مَن ڀڀڙ پوي ڀڙڪي، اوندهه نه رهي جڳ ۾،
مان ڇار ڇنڊي ڇَڄَ سان، ٽانڊن کي گڏايان ٿو.
مَن هٿ جي اشاري تي، مسرور هو يان يان ڪَن
مان گونگن ٻوڙن کي، هي شعر ٻُڌايان ٿو.
نوٽ هي شاعري پهريان به ونڊ ٿي چڪي آهي۔ مان صرف هن شاعري کي تصويري شڪل ڏني آهي۔
http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=1051