• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چيف جسٽس جي مشاورت بنا نيب چيئرمين جي مقرري عدالتي فيصلي خلاف قرار،سوئس ڪيسن بابت جدا

حاڪم

سينيئر رڪن
سپريم ڪورٽ نئين نيب چيئرمين جي مقرري کي عدالتي فيصلي جي خلاف ورزي قرار ڏيندي وضاحت طلب ڪري ورتي آهي ۽ چيو آهي ته نيب چيئرمين جي مقرري چيف جسٽس جي مشاورت سان ٿيندي، جڏهن ته اين آر او نظرثاني اپيل ۾ حڪومت جو نئون وڪيل مقرر ڪرڻ جي درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي نومبر جي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، عدالت اين آر او مان فائدو حاصل ڪندڙ سرڪاري عهديدارن خلاف ايڪشن کڻڻ جو حڪم ڏيندي امڪان ڏيکاريو آهي ته سوئس ڪيسن بابت الڳ بينچ جوڙي سگهجي ٿي، ڪالهه چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ 17 رڪني لارجر بينچ اين آر او تي عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، اٽارني جنرل مولوي انوارالحق عدالت آڏو پيش ٿيندي چيو ته اين آر او تحت جن ملزمن جون سزائون بحال ٿيون آهن ۽ اهم حڪومتي عهدن تي موجود آهن انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالتن جي فيصلن تي ان جي روح موجب عمل نه ٿي رهيو آهي، حڪومت نيب ملازمن خلاف ايڪشن ڇو نه کڻي رهي آهي، هن اٽارني جنرل کي چيو ته اوهان ٻڌايو ته ڪنهن ڪنهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي، اوهان کي عملدرآمد لاءِ 3 ڏينهن جي مهلت ڏيون ٿا، نه ته سڀاڻي ئي ٻڌڻي شروع ڪنداسين، اٽارني جنرل چيو ته مون وٽ اين آر او تحت فائدو حاصل ڪندڙ 22 ڄڻن جي لسٽ آهي، جيتري قدر عدالتي فيصلي جي ڳالهه آهي ته ان تي مڪمل عمل ڪيو ويندو، چيف جسٽس چيو ته جن جو معاملو اين آر او نظرثاني ڪيس سان لاڳاپيل آهي ته انهن خلاف ڪجهه نٿو ڪيو وڃي ته باقي فيصلي جي وڏي حصي تي ڪارروائي ڇو نه ٿي ڪئي وڃي، جسٽس خليل الرحمان رمدي اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته مولوي صاحب اوهان تڪليف نه ڪيو، اسان کي خبر آهي ته ايڪشن نه کنيو ويندو، عدالت ۾ نيب جو پراسيڪيوٽر جنرل اڪبر تارڙ اين آر او فيصلي تي عملدرآمد بابت احتساب بيورو جي رپورٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سوئس اڪائونٽس ۾ پيل 6 ڪروڙ ڊالرز جي رقم متعلق نيب کي ڪا به خبر ناهي، جنهن تي جسٽس خليل الرحمان رمدي چيو ته سوئس عدالت جي ويب سائيٽ ڏسو، ان مان اندازو ٿي ويندو ته رقم ڪٿي منتقل ٿي آهي، اڳوڻي اٽارني جنرل ملڪ قيوم صرف سوئس عملدارن کي اين آر او تحت ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ خط لکيو هو ۽ نيب جي رڪارڊ موجب ان کان علاوه ڪنهن ٻئي ملڪ کي خط نه لکيو آهي، نيب پنهنجي رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ته اين آر او تحت ختم ڪيل ڪيسن جي ٻيهر ٻڌڻي لاءِ اسلام آباد۽ ملتان ۾ به نيب جون عدالتون قائم ڪيون ويون آهن، ان موقعي تي جسٽس جاويد اقبال رمارڪس ڏيندي چيو ته محسوس ائين ٿي رهيو آهي ته نيب عملدارن رپورٽ تڪڙ ۾ تيار ڪئي آهي ۽ انهن اين آر او جو فيصلو پڙهيو ئي ڪونهي يا پڙهيو آهي ته سمجهيو ئي ناهي، جيڪڏهن سمجهيو آهي ته ان تي عملدرآمد ناهي ڪيو، چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري اٽارني جنرل کان پڇيو ته اڳوڻي اٽارني جنرل ملڪ قيوم خلاف ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي؟، جنهن تي هن چيو ته ان بابت لاڳاپيل عملدارن کي لکيو آهي، چيف جسٽس چيو ته لاڳاپيل عملدارن مان ڇا مراد آهي، اٽارني جنرل چيو ته پاڪستان بار ڪائونسل ۽ ايف آءِ اي کي ان حوالي سان هدايت جاري ڪئي آهي، ان موقعي تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اهڙا وزير به آهن جيڪي مختلف عدالتن مان سزا يافته آهن، جيڪڏهن عدالت کين طلب ڪرڻ شروع ڪيو ته پوءِ چيو ويندو ته سسٽم کي هلڻ نٿو ڏنو وڃي، نيب جي پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته عدالت جي فيصلن تي عمل کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، جسٽس سائر علي چيو ته هر ننڍو وڏو وڪيل جيڪو نيب پاران پيش ٿيندو آهي اهو ئي سمجهندو آهي پر اڳئين ڏينهن هو چوندو آهي معاف ڪيو، عمل نه ڪري سگهيس،هي سرڪس ختم ٿيڻ گهرجي، جسٽس جاويد اقبال چيو ته ميرٽ جون ڌڄيون اڏائڻ ۽ پائمالي ڪرڻ جو مثال نٿو ملي، جسٽس راجا فياض چيو ته اوهان ايترا اڻ ڄاڻ آهيو جو اوهان کي خبر ئي نٿي پوي، جسٽس جاويد اقبال چيو ته بيروزگاري تمام گهڻي آهي پر قوم باشعور آهي، باربار پنهنجن ماڻهن کي نوازڻ درست ناهي، چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري قرار ڏنو ته نئين نيب چيئرمين (ر) جسٽس ديدار حسين شاهه جي مقرري چيف جسٽس جي مشاورت بغير سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف ورزي آهي، چيف جسٽس اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان ان معاملي جو جائزو وٺو، مان ان معاملي ۾ احتياط سان لفظ استعمال ڪري رهيو آهيان، اسفند يار ولي ڪيس ۾ واضح آهي ته نيب چيئرمين جي مقرري چيف جسٽس جي مشاورت سان ٿيندي، ڏٺو وڃي ته اوهان هڪ ٻئي ڪيس جي فيصلي جي خلاف ورزي ڪئي آهي، عدالت عدنان خواجا کي چيئرمين او جي ڊي سي ايل مقررڪرڻ بابت سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ جي جواب تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي ان جي مقرري جي حوالي سان سڄو رڪارڊ ۽ دستاويز طلب ڪري ورتا، سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ عدالت کي ٻڌايو ته عدنان خواجا جي مقرري جي حوالي سان وزيراعظم جو زباني حڪم آيو، عدالت پڇيو ته اڳوڻي ايم ڊي عدنان خواجا جي تعليم صرف انٽر ۽ عمر 43 سال آهي، جسٽس خليل الرحمان رمدي چيو ته لڳي ٿو ته کيس ڏاڙهي ۽ مڇ به نه آئي هوندي، سندس تجربو ڪهڙو هوندو، ايڏي وڏي عهدي تي مقررڪيو ويو آهي، اسماعيل قريشي چيو ته عدنان خواجا جي سزا بابت ڄاڻ نه هئي، جڏهن معلوم ٿيو ته سندس نوٽيفڪيشن واپس ورتو، جسٽس ثاقب نثار چيو ته ڇا وزيراعظم جي زباني حڪم تي قانون کي پاسيرو رکي سگهجي ٿو ؟، ڇا سرجن جي آسامي تي انجنيئر مقرر ڪري سگهجي ٿو؟، جسٽس جاويد اقبال چيو ته حڪومت اهڙا فيصلا ڇو ٿي ڪري جو مشڪل ۾ پئجي وڃي، اوهان کي جونيئر ڪلارڪ ڀرتي ڪرڻو آهي ته 400 ضابطا پورا ڪيو ٿا ۽ هتي هڪ انٽر پاس کي ايم ڊي بڻايو ويو، جنهن جي هڪ مهيني جي پگهار 17 ججن کان وڌيڪ هوندي آهي، چيف جسٽس چيو ته غلط ڪم جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي جسٽس راجا فياض چيو ته سرڪاري ڍانچي کي تباهه ڪيو پيو وڃي، ان جو ذميوار ڪير آهي، قانون جي حڪمراني کي تباهه ڪيو ويو آهي، اعليٰ اٿارٽي جي قدمن سان ملڪي خزاني کي نقصان پهچايو ويو آهي، ڇو نه اها رقم وصول ڪئي وڃي؟، سڀني بيورو ڪريٽس کي ذاتي ملازم بڻائي رکيو ويو آهي، ڪير به قانون جي پرواهه نٿو ڪري، ملڪ بحران مان گذري رهيو آهي، جسٽس جاويد اقبال چيو ته ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ چيو وڃي ٿو ته جج نه انهن جا فيصلا ڳالهائيندا آهن، اهڙي صورت ۾ پٿر جو شخص به ڳالهائيندو. چيف جسٽس اٽارني جنرل کي چيو ته اسان جي زبان نه کولرايو، اوهان پاڻ ڪارروايون ڪريو، اين آر اوجي 22 ڄڻن جي لسٽ ۾ اوهان جا وزير به شامل آهي، سسٽم هلائڻو آهي ان کي هلڻ گهرجي پر جيڪڏهن سسٽم خودڪشي ڪرڻ چاهي ته اسان ڇا ڪيون؟، جسٽس خليل الرحمان رمدي چيو ته ٻڌايو وڃي ته نيب جي قانون ۾ ڪٿي لکيل آهي ته صدر نيب جو وقتي چيئرمين مقرر ڪري سگهي ٿو، اوهان غير قانوني ڪم ڪيو ۽ عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪريو ٿا، احتساب عدالتن مان جيڪي ماڻهو بري ٿيا آهن انهن جي لسٽ فراهم ڪئي وڃي، جسٽس خليل الرحمان رمدي رمارڪس ڏيندي چيو ته ججز ۽ عدليا خلاف مهم هلائي پئي وڃي، جسٽس رمدي چيو ته ٽي وي پروگرام ۾ منهنجي پٽ مصطفيٰ رمدي ۽ اڳوڻي اٽارني جنرل چوڌري محمد فاروق تي الزام مڙهيو ويو ته هنن ڪرپشن ڪئي آهي، جسٽس خليل الرحمان رمدي چيو ته منهنجي پٽ تي الزام آهي ۽ مون کي حق آهي، معاملو عوام آڏو پيش ڪريان، عدالت اٽارني جنرل کي حڪم ڏنو ته انهن الزامن بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي، پي آءِ اي، آڊيٽر جنرل ۽ قانون جي وزارت کان تفصيل ورتا وڃن ته مصطفيٰ رحمان ڇا ڪٿي قانوني صلاحڪار به رهيو آهي يا نه؟، خليل الرحمان رمدي چيو ته منهنجي پٽ جو سهرو پي آءِ اي ۾ وڏو آفيسر مقرر هو، چاهي ها ته قانوني صلاحڪار ٿئي ها پر ائين نه ڪيائين، ايڊيشنل پراسيڪيوٽر نيب عدالت کي ٻڌايو ته سوئس ڪيس کولڻ لاءِ نيب 2 خط لکيا هئا، جنهن تي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري رمارڪس ڏيندي چيو ته اهو اهم معاملو آهي، ان تي الڳ بينچ به جوڙي سگهجي ٿي، عدالت احمد رياض شيخ جي مقرري جي معاملي تي گهرو وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو ، جڏهن ته چيئرمين نيب جي مقرري تي اٽارني جنرل کان وضاحت طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته عدالت اين آر او تي عملدرآمد بابت نيب جي رپورٽ رد ڪندي نئين رپورٽ دستاويزي ثبوتن سان تيار ڪري پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ حڪم ڏنو آهي ته اين آر او فيصلي جي هر پيراگراف تي عملدرآمد ڪري عدالت کي آگاهي ڏني وڃي، عدالت ٻڌڻي نومبر جي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻئي طرف سپريم ڪورٽ اين آر او نظرثاني اپيل ۾ حڪومت جي نئين وڪيل ڪرڻ جي درخواست منظور ڪندي حڪومتي وڪيل سردار لطيف کوسي کي هدايت ڪئي آهي ته سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار ۽ پاڪستان بار ڪائونسل کي آگاهي ڏئي ته هو هاڻ وزيراعظم جو صلاحڪار ناهي ۽ پنهنجي وڪالت جو لائسنس بحال ڪرائي، کيس ڪيس ۾ حڪومت جي پيروي لاءِ اجازت ڏني وئي آهي، ڪالهه چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ 17 رڪني لارجر بينچ اين آر او نظرثاني حڪومتي اپيل جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري رمارڪس ڏيندي چيو ته وڪيل تبديل ڪرڻ جي درخواست ۾ وڪيل جو نالو نه هو، صرف اها استدعا ڪئي وئي هئي ته ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي ۽ اسان درخواست کان پهريان ئي لارجر بينچ جوڙي چڪا هئاسين، اڳوڻي اٽارني جنرل لطيف کوسا عدالت ۾ پيش ٿيندي موقف اختيار ڪيو ته اين آر او نظرثاني ڪيس جي پيروي ڪندڙ وڪيل ڪمال اظفر وزيراعظم جو صلاحڪار بڻجي ويو آهي، ان جي جڳهه تي مون کي وفاقي حڪومت پاران وڪالت ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، ان متعلق ايڊووڪيٽ آن رڪارڊ جي ذريعي درخواست به داخل ڪئي وئي آهي، سردار لطيف کوسي چيو ته مون وزيراعظم جي صلاحڪار طور استعيفا ڏئي ڇڏي آهي، جيڪا منظور به ٿي چڪي آهي، چيف جسٽس چيو ته اسان کي وڪيل تبديل ڪرڻ جي حوالي سان مهلت جي درخواست ڏني وئي هئي، ان ۾ وڪيل جو نالو شامل ناهي، صرف اها استدعا ڪئي وئي هئي ته عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري، عدالت آڏو وڪيل جي تبديلي جي درخواست سامهون آهي ئي ڪونهي، چيف جسٽس لطيف کوسي کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان وزيراعظم جي صلاحڪار طور استعيفا ڏئي عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ آيا آهيو ۽ جيڪو وڪيل پيش ٿيڻو هو، ان کي صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي، غلط فهميون پيدا ڪيون پيون وڃن، اسان ته حڪومت کي پهريان به سهولت ڏيندا رهيا آهيون پر عدالتي فيصلن تي عملدرآمد به ٿيڻ گهرجي، اسان کي گهٽ ۾ گهٽ اها خبر پوي ته سوئس اڪائونٽس جاپئسا ڪيڏانهن ويا، اسان ته قومي خزاني جا محافظ آهيون، اسان جي صرف دلچسپي اها آهي ته قومي دولت واپس آندي وڃي، اسان کي قانون موجب هلڻو آهي، جسٽس راجا فياض رمارڪس ڏيندي چيو ته 10 مهينا گذرڻ باوجود عدالتي فيصلي تي عملدرآمد نه پيو ٿئي، جسٽس جاويد اقبال چيو ته نيب ڪيسن ۾ ملوث ماڻهن متعلق حڪومت کي ايڪشن ته وٺڻو آهي، ايتري عرصي کان عدالت بار بار چئي ٿي ته عملدرآمد ڪيو وڃي، جسٽس جواد ايس خواجا لطيف کوسي کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪالهه تائين اوهان وزيراعظم جا مشير هئا ۽ استعيفا ڏئي اڄ عدالت ۾ پيش ٿي رهيا آهيو، جڏهن ته ڪيس ۾ پيش ٿيڻ جي حقدار ڪمال اظفر کي مشير بڻايو ويو آهي، لطيف کوسي چيو ته ٻوڏ متاثر ماڻهن جي خدمت لاءِ ڪمال اظفر کي وزيراعظم جو مشير بڻايو ويو آهي، جسٽس خليل الرحمان رمدي چيو ته سڀ کان وڌيڪ ٻوڏ ته توهان جي علائقي ۾ آئي آهي، هڪ شخص جيڪو ڪراچي جي ڪلفٽن واري پوش علائقي ۾ رهي ٿو، ان کي پنهنجي وڪالت واري ڪم کان روڪي آچر تي موڪل واري ڏينهن صلاحڪار مقرر ڪيو ويو، اهو سڀ ڪجهه اوهان کي هتي وڪيل ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي، لطيف کوسا چيو ته آئون 40 سالن کان ڪاري ڪوٽ جي خدمت ڪري رهيو آهيان، آئون ته مڇي وانگي تڙپان پيو ته وڪالت ڪريان، مون کي اجازت ڏني وڃي ته عدالت جي معاونت ڪري سگهان، جسٽس خليل الرحمان رمدي لطيف کوسي کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جو تعلق مظفر ڳڙهه سان آهي، اوهان اتي ٻوڏ ۾ بهتر ڪم ڪري پئي سگهيا، ڪمال اظفر ته ڪڏهن نقشي ۾ به مظفر ڳڙهه ۽ سنڌ نه ڏٺي هوندي، عدالت ۾ لطيف کوسي ٻيهر درخواست داخل ڪئي، جنهن تي عدالت سندس درخواست مظور ڪري ورتي، عدالت اٽارني جنرل ۽ اين آر او ڪيس جي درخواستگذار سلمان راجا جي مشوري سان ججن جي مصروفيت سبب ٻڌڻي نومبر جي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪئي.
 
Back
Top