• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شهباز شريف وٽ لانگ مارچ لاءِ وقت ناهي،13 آڪٽوبر لاءِ اڳ ۾ ئي چيو هو ته ڪجهه نه ٿيندو:

حاڪم

سينيئر رڪن
وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته مون چيو هو ته 13 آڪٽوبر تي ڪجهه نه ٿيندو، سڀني ڏٺو ته ڪالهه ڪجهه نه ٿيو، شهباز شريف وٽ لانگ مارچ لاءِ وقت ئي ناهي، ٻوڏ متاثر ماڻهن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، هو ڪالهه مڪلي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، ان کان اڳ هن ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ به خطاب ڪيو، وزيراعظم ترڪي جي وزيراعظم سان گڏ ڏکڻ پنجاب ۽ مڪلي پهچي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو، مڪلي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ترڪي به پاڪستان جيان جهموريت پسند ملڪ آهي، ترڪي جي حڪومت موجوده ٻوڏ واري صورتحال ۾ پاڪستان سان امدادي سرگرمين ۾ هٿ ونڊائي پاڪ ترڪي دوستي جو پراڻو ناتو برقرار رکيو آهي جيڪو ناتو تمام پراڻو ۽ تاريخي رهيو آهي، هن انڪشاف ڪيو ته گذريل دور ۾ وزيراعظم طيب اردگان جي گهرواريءَ سندس گهرواري کي هڪ سونو نيڪليس ڏنو هو ۽ چيو هو ته اها امانت آهي ڪنهن ٻوڏ سٽيل نياڻي جي شادي ۾ ترڪي جي هن ڀيڻ طرفان ڏجو، اهو نيڪليس اڄ هتي کڻي ڏيڻ آيو آهيان، اهو سنڌ صوبي کي ڏئي رهيو آهيان، هن چيو ته پاڪستان جي ٻوڏ متاثر ماڻهن کي اڪيلو هرگز نه ڇڏيو ويندو ۽ سندن بحالي تائين حڪومت ترڪي جي حڪومت سميت مختلف عالمي ادارن سان گڏجي سرگرميون جاري رکندي جنهن لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا، هن چيو ته پ پ جي حڪومت اتحادي پارٽين سان گڏجي 18 هين ترميم ذريعي 1973ع وارو آئين بحال ڪيو آهي ۽ وڌيڪ ادارن جي مضبوطي ۽ جهموريت لاءِ جدوجهد جاري آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ تباهي ٿي آهي، ماڻهن جا گهر زمينون ۽ ملڪيتون تباهه ٿيون آهن، جنهن لاءِ ترڪي حڪومت پاران سهڪار ڪرڻ وقتائتو قدم آهي هن چيو ته 75 لک ماڻهو ٻوڏ سبب نه رڳو متاثر ٿيا آهن پر هو سڀ ڪجهه وڃائي بي گهر بڻيل آهن، ان موقعي تي ترڪي جي وزير اعظم رجب طيب اردگان چيو ته آئون پاڪستاني ماڻهن کي دل جي گهراين سان سلام پيش ڪريان ٿو، هن چيو ته هو معذرت خواهه آهي ته ڇاڪاڻ جو ترڪي ۾ آئيني ترميم جو بل منظوري هيٺ هو ۽ اتي ريفرينڊم ٿي رهيو هو، ان لاءِ هو خود وقت سر نه پهچي سگهيو پر ان باوجود هن پنهنجي گهر واري، ڌيءَ ۽ وزيرن کي ٻوڏ متاثرن جي فوري مدد لاءِ اماڻيو، هن چيوته ترڪي ۽ پاڪستان جي ثقافت گڏيل شاهڪار آهي، پاڪستان اسان کي ڪڏهن اڪيلو نه ڇڏيو ۽ نه ئي اسان پاڪستان کي ڪنهن به ڏک جي گهڙي ۾ اڪيلو ڇڏينداسين.
 
Back
Top