• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪارگل محاذ جو ذميوار ڪير هو؟

حاڪم

سينيئر رڪن
ويجهڙائي ۾ مسلم ليگ (ن) جي ترجمان صديق الفاروق اهو ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو هو ته ڪارگل محاذ ۾ جنرل (ر) مشرف جي غلط عسڪري Strategy)) ڪارڻ فورسز جا 3000 جوان شهيد ٿيا. ان کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا نواز شريف، مشرف تي اهو الزام هڻندو رهيو آهي ته اهو محاذ هن سياسي قيادت کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ئي شروع ڪيو. هو صاحب اڳ ۾ ته عدالتي ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو به تواتر سان ڪندو هو، جيئن هندستان ۾ به ٿيو آهي. اتي حڪومت اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي ڪارگل جي ناڪامين ۽ ڪاميابين جو اڻ ڌريو جائزو ورتو هو، بلڪه هن موضوع تي هندستاني دفاعي ماهرن، رٽائرڊ جنرلن ۽ دانشورن 50 کن ڪتاب ۽ سوين سنجيده تحقيقي مضمون لکيا آهن. پاڻ وٽ دفاع تي ڪجهه لکڻ ۽ ڳالهائڻ جوکم جو ڪم آهي. پاڪستان ڊفينس جرنل ۽ ڊفينس يونيورسٽي (NDU ) اسلام آباد عام قاري جي پهچ کان تمام پري آهن. تنهنڪري غريب غربي جي لاءِ ته جاءِ ڪونهي، باقي انگريزي اخبارون گهڻو ڪري هڪ طرفا، وطن پرست آرٽيڪل ڇاپي، هندستان کي تُز ۽ جواب ڏيڻ جون ڪوششون ڪنديون رهنديون آهن. اوهان کي ياد هوندو ته ڪارگل آپريشن کان ساڍا ٽي مهينا اڳ، لاهور ۾ هندستان جو وزيراعظم اٽل بهاري واجپائي هڪ امن بس ۾ چڙهي ڌام ڌوم سان پهتو هو ۽ اتي جي تاريخي مغل قلعي ۾ ڀاشڻ ڏيندي چيو هئائين ته ”دشمني گهڻي ٿي، هاڻي دوستي ڪرڻ گهرجي، دوستيءَ لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻا آهن، دوستيءَ لاءِ ڪشمير تي به ڳالهائڻو آهي.“ جيئن پوءِ ڪارگل محاذ تي عسڪري سرگرميون وڌيون، تيئن واجپائي جي جو اصل ڇرڪ نڪري ويو ۽ هن انتهائي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ مان رڙ ڪري چيو ”امن بس ڪارگل جي چوٽين سان ٽڪرائجي ڀور ڀور ٿي ويئي.“ اهو فوجي آپريشن 8 مئي 1999ع تي شروع ٿي ۽ ساڳئي سال 14 جولاءِ تي اوچتو ختم ٿي ويو. ٿلهي ليکي هن آپريشن جو احوال هيئن بيان ڪري سگهجي ٿو ته 8 مئي تي پاڪستان جي فورسز ۽ 5000 ڪشميري ويڙهاڪن ڪارگل جي اڙانگين چوٽين تي چڙهي پوزيشن اختيار ڪري ورتي. جوابي ڪارروائي ۾ هندستان مهيني اندر وڏي انگ ۾ فوجي ميدان ۾ لاهي جنگ ۾ گهڻي تيزي آڻي ڇڏي، جنهن ۾ هندستاني فضائيه پڻ وڏي پئماني تي حصو ورتو.پاڪستان جوابي ڪارروائي جي حوالي سان ايترو تيز نه رهيو.

آمريڪي دفاعي مرڪز پينٽاگن ۽ خفيه اداري وقتي صدر ڪلنٽن کي ٻڌايو ته پاڪستاني فوجي قيادت پاران وزيراعظم نواز شريف کي جنگي حڪمت عملي ۽ سڄي پيرائتي رٿابندي کان پوري طرح باخبر نه رکيو ويو هو. آخر ان آپريشن جا حدف ڇاهئا؟ يعني آخر اها جوکم واري فورسز ڪارروائي ڇو ۽ ڇا لاءِ شروع ڪئي ويئي هئي؟

هڪ دفاعي ماهر ڊاڪٽر حفيظ ملڪ موجب هن ڪارروائي جو مقصد ايل او سي کي ڪنٽرول ڪري ڀارت جي ڀيٽ ۾ فوجي فوقيت حاصل ڪرڻ وسيلي ڪشمير مسئلي ۾ پاڪستان کي مضبوط پوزيشن ڏيارڻ هو. جيڪڏهن فورسز ۽ ڪشميري مجاهدين اتي مڪمل طور ڄمي ويهي رهن ها ته اهو بلڪل ممڪن هو ته پاڪستان کي حڪمت عملي واري محاذ تي روشن ڪاميابي حاصل ٿئي ها ۽ ايل او سي کي ضابطي ۾ آڻي ان جي موجوده حيثيت کي تبديل ڪري سگهجي ها ۽ هندستان کي حالتون بدلائڻ لاءِ پنهنجي پرڏيهي ۽ فوجي پاليسي ۾ وڌيڪ لچڪ ڏيکارڻي پوي ها. پر ائين نه ٿي سگهيو، ڇو؟ ان ڪري جو هندستان جي جوابي فوجي ڪارروائي پاڪستان جي عسڪري ماهرن جي رٿابندي کان وڌيڪ موثر رهي! هنن پنهنجي بري، بحري ۽ هوائي فوج کي حرڪت ۾ آڻي، پاڪستان جي 5000 ”محصور“ سپاهين ۽ ڪشميري مجاهدن کي ڪارگل جي چوٽين تان لهڻ لاءِ مجبور ڪري وڌو، پاڪستان جو جاني نقصان ڪيترو ٿيو، ان جي ڪا به سرڪاري رپورٽ نه آهي، باقي صديق الفاروق جو بيان اوهان کي 3000 شهيدن جي شاهدي ڏئي ٿو. ڊاڪٽر حفيظ ملڪ تازو آمريڪا جي افغانستان ۽ پاڪستان سان لاڳاپن جي حوالي سان هڪ ڪتاب لکيو آهي، جنهن ۾ هن ڪارگل جي هن ناڪام چڙهائي جو به چڱو غير جانبداراڻو تجزيو ڪيو آهي. هي صاحب هڪ عجيب ڳالهه چوي ٿو ته جڏهن هندستان ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي ته مڪمل کليل جنگ جي طرف وڃڻ وارو وايومنڊل ٺهي چڪو هو، پر سڄاڻ وزيراعظم نواز شريف کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان وٽ فقط 6 ڏينهن جو پيٽرول وڃي بچيو آهي! پاڪستاني عسڪري قيادت شايد انهيءَ خيال تي آڌار ڪري ويهي رهي ته جيئن ٻئي ملڪ هاڻ ائٽمي قوتون آهن، ان ڪري هندستان روايتي جنگ کان پاسو ڪندو (جيڪو هن نه ڪيو) ۽ آمريڪا وچ ۾ ٽپي پوندو ۽ ٽياڪڙي ڪري، هندستان کي ڪشمير لاءِ مذاڪرات جي ميز تي وٺي ايندو. (جيڪو آمريڪا نه ڪيو!) اٽلندو آمريڪا جي صدر ڪلنٽن جو لاڙو هندستان طرف ظاهر ٿي پيو ۽ هن جي سرڪار نواز شريف کي چيو ته پاڪستان ايل او سي جي ڀڃڪڙي ڪندي، هندستاني فوج جي خالي ڪيل چوٽين تي قبضو ڪيو. آمريڪا اهو به الزام هنيو ته نه فقط ڪشميري مجاهدين پر پاڪستان جون فورسز به ڪارگل جي محاذ ۾ حصو وٺي رهيون هيون، ڊاڪٽر حفيظ عام راءِ سان اتفاق نه ٿو ڪري ته ”ويچاري“ نواز شريف کي ”چالاڪ“ فوجي چيف آف اسٽاف جنرل (ر) مشرف صحيح صورتحال يا ماجرا کان بلڪل واقف ئي نه ڪيو هو. ڊاڪٽر ملڪ چوي ٿو ته نواز شريف ايترو به لاعلم نه هو جيتري هو بظاهر واويلا ڪري ٿو. سندس راءِ آهي ته نواز شريف جا عزم وڏي مدي واري سياسي رڻ نيتي پٽاندڙ هئا. دراصل نواز شريف کي ڪارگل جي ڪاميابي جو يقين ڏياريو ويو هو. پاڪستان جي وڏي صوبي پنجاب ۽ فورسز جو بنيادي محور آهي ئي ڪشمير، بس رٿابندي ۾ ڪا خامي رهجي ويئي. نه ته ڪارگل جي فتح جو هيرو مشرف نه پر خود نواز شريف پاڻ هجي ها.

مشهور چوڻي آهي ته ناڪاميابي يتيم هوندي آهي پر ڪاميابي جا پيءَ گهڻا. آخر دٻاءُ هيٺ نواز شريف آمريڪا وڃي ڪلنٽن سان ملاقات ڪري، هندستان کي جنگبندي تي راضي ڪرايو. هي ياترا نواز شريف جي اقتدار جي زوال جي ابتدا ۽ مشرف جي بخت جي يا وردي جي نويد ثابت ٿي. آمريڪا کي به اهو خدشو هو ته جيڪڏهن وڌيڪ متحرڪ ڊپلوميسي کان ڪم نه ورتو ويو ته پوءِ جنگ جي نوعيت ائٽمي به ٿي سگهي ٿي ۽ پوءِ هي قديم ننڍو کنڊ تباهي جي ڪناري تي اچي ڦهڪو ڪندو. اگر جنگ بندي نه ڪرائي ويئي ته پاڪستان، چين ۽ عرب ملڪن کان امداد وٺندو ۽ هندستان وري روس ۽ اسرائيل جي آسري تي متان اڳرائي ڪري پنجاب ۾ ڪهوٽا تي نه حملو ڪري. پاڪستان متان مجبور ٿي ائٽمي ڪارروائي نه ڪري، هونئن به ايٽمي هٿيارن جو استعمال مغربي قوتن جو سڀ کان وڏو خوف آهي. بهرحال، آمريڪا جي مداخلت ائٽمي جنگ کي روڪي ڇڏيو. اڳتي جي ڄاڻو ڄاڻين!
 
Back
Top