• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مملڪت خداداد پاڪستان ۾ وقت هڪ هنڌ بيهجي ويو آهي؟

حاڪم

سينيئر رڪن
پيپلز پارٽي جي اطلاعات جي سيڪريٽري فوزيا وهاب چيو آهي ته اين آر او مان 8 هزار ماڻهن کي فائدو ٿيو پر ٽارگيٽ صرف پ پ حڪومت سان لاڳاپيل ٽن يا چئن شخصيتن کي بڻايو پيو وڃي. فوزيا وهاب مخصوص ميڊيا گروپ سان لاڳاپيل ٽي وي چئنل ۽ اخبار تي ڇوهه ڇنڊيندي چيو ته اهي ڌر آهن، جن جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي. ان مخصوص ميڊيا گروپ بابت هن چيو ته ان تي ٽئڪس مد ۾ ايتري بقايا آهي جيڪا کين ادا ڪرڻ گهرجي پر اها ادا ڪرڻ بجاءِ اهي حڪومت خلاف مهم هلائڻ ۾ مصروف آهن.

ميڊم فوزيا وهاب جي ڄاڻايل ميڊيا گروپ جو بائيڪاٽ ڪرڻ واري اعلان جي اسان ساراهه نه ٿا ڪري سگهون جو بهرحال ميڊيا جي مڪمل آزادي جا اسين قائل آهيون. باقي جيڪڏهن ڪو ٽي وي چئنل يا اخبار ڪنهن جانبداريءَ جو مظاهرو ڪري رهي آهي ۽ ان جو ڪنهن سياسي/ حڪومتي جماعت ڏانهن متحصباڻو رويو آهي ته اخبار پڙهندڙ ۽ ڏسندڙ ئي اهو فيصلو ڪري سگهي ٿو ته اهو فيصلو ڪري ته هو ان اخبار کي پڙهڻ بند ڪري يا ٽي وي چئنل کي ڏسڻ بند ڪري. پيپلز پارٽي تمام وڏي پارٽي آهي جنهن هر دؤر ۾ هر قسم جي پروپئگنڊا کي منهن ڏنو آهي، ان جي ڪنهن ذميوار عهدي تي ويٺل شخصيتن کي بائيڪاٽ ڪرڻ وارن اعلان کان پرهيز ڪرڻ گهرجي.

باقي جيستائين محترمه فوزيا جو اهو چوڻ ته اين آر او مان 8 هزار ماڻهن فائدو ورتو ته آخر ڇو پ پ سان لاڳاپيل ڪجهه شخصيتن– صدر مملڪت ۽ پارٽي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، قانون جو وفاقي وزير بابر اعواڻ ۽ وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ– کي ٽارگيٽ ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ درست ۽ مناسب نه آهي. ان حد تائين هن جو مؤقف درست آهي.

اسان سان مسئلو اهو آهي ته بطور قوم اسان اڳتي وڌڻ بجاءِ پوئتي سفر ڪرڻ يا هڪ هنڌ بيهجي رهڻ ۽ هڪ اشوءَ تي سئي اٽڪائڻ ۾ دنيا جي سمورين قومن کي مات ڏئي ڇڏي آهي. جنرل مشرف ماضيءَ جو قصو ٿي چڪو ۽ هن کي دفن ٿيڻ گهربو هو پر ان بدران هو مسلسل اسان جي برداشت ۽ اسان جو وقت وٺي رهيو آهي. اين آر او تڪراري سهي پر اين آر او ملڪ کي مشرف جي آمريت مان نڪري جمهوريت ڏانهن ٽرانزيشن لاءِ هڪ معاهدو هو جنهن جي اهميت مشرف جي آمريت مان ڇوٽڪاري ۽ جمهوريت ڏانهن منتقليءَ تحت ختم ٿيڻ گهربو هو. پر اسان آهيون جيڪي مشرف ۽ سندس ڪارن يا سفيد ڪمن ۽ قدمن کي ڳچيءَ جو طوق بڻائي رکيو آهي. حالانڪه ان ۾ مشرف جو پڻ عمل دخل آهي. اڳوڻن 3 ڊڪٽيٽرن مان جنرل ايوب جڏهن اقتدار کي الوداع ڪيو هو ته وڃي يادگيرين لکڻ توڻي گارڊننگ کي لڳو. هن وڌيڪ قوم جو ٽائيم ضايع نه ڪيو. جيتوڻيڪ هن جي 11 سالا آمريت جي نتيجن جو ڪيتو اسان 71ع واري ڍاڪا سانحي ۽ ملڪ جي ٻه اڌ ٿيڻ جي صورت ۾ ڏنو– پر اقتدار تان هٽڻ کان پوءِ هن قوم جو وڌيڪ وقت خراب نه ڪيو. جنرل يحييٰ خان جڏهن اقتدار سويلين ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو کي سونپيو ته هو به اسڪرين تان غائب رهيو ۽ هڪ حد تائين ڀٽو دؤر ۾ ”حراست“ هيٺ رهيو. جڏهن ته جنرل ضياءَ الحق 1988ع ۾ هوائن حوالي ٿي ويو ۽ قوم سک جو ساهه کنيو. پر انهن جي ابتڙ جنرل مشرف آل پاڪستان مسلم ليگ جو بنياد رکيو ۽ اهو به ٻاهر رکيو. هي عجيب قسم جو نرلڄو ڊڪٽيٽر آهي جنهن ملڪي سياست ۾ پير پاتو آهي پر هو ملڪ کان ٻاهر امريڪا ۽ برطانيا جي شهرن ۾ جلسا ۽ تقريبون ڪري رهيو آهي. اتي شايد اڃا به ڪي اهڙا عجيب مخلوق ماڻهو هن کي ٻڌڻ لاءِ ملي وڃن ٿا.

جنرل مشرف جي مصروفيت پاڪستاني قوم جو يا سياسي جماعتن جو مسئلو نه هجڻ گهرجي. 18هين فيبروري 2008ع وارين عام چونڊن ۾ جمهوري طور چونڊيل حڪومت کان پوءِ مشرف ماضيءَ جو قصو ٿي دفن ٿيڻ گهربو هو. پر هو اسان جي اڃا به آزمائش وٺي رهيو آهي. اسان جي اعليٰ عدليا پڻ اين آر او ۽ نيب چيئرمين جي مقرري، 18هين ترميم ۽ ان قسم جي ڳنڀير قانوني ۽ آئيني مامرن ۾ مصروف آهي. جڏهن ته هزارن جي تعداد ۾ اهم ڪيس اعليٰ عدالت جي ڌيان جا طالبو آهن. عام ماڻهوءَ جو اڪثر واسطو ماتحت عدالتن (lower courts) ۾ پئي ٿو. هزارن جي تعداد ۾ ڪيس التوا ۾ پيل آهن. قيدين جون حاضريون نه ٿيون ٿين. ان کان علاوه هزارين لکين ڪيس آهن جيڪي فائيلن ۾ اڏوهيءَ جي زد ۾ آيل آهن پر ان حوالي کان اسان کي ڪي به خبرون نه پيون ملن.

هيٺين سطح تي ملڪ ۾ عدالتي سڌارن آڻڻ وارو وڏو ٽاسڪ هو جيڪو پورو ٿيڻ جي اميد هئي. پر ان بجاءِ اسلام آباد ۾ موجود وڏن ادارن جي ٽڪراؤ سبب، آئيني ۽ قانوني مونجهارن ۽ انهن تي ميڊيا جي حد کان وڌيڪ ڌيان ڏيڻ سبب جيئن پوءِ تيئن اينگهجندا وڃن– چونڊيل نمائندا جيڪي پنهنجي پنهنجي تڪن مان عوام جي مسئلن حل ڪرڻ لاءِ اسيمبلين تائين پهتا، سي عام ماڻهوءَ جي مسئلن کي حل ڪرڻ بجاءِ پنهنجو وقت انهن اشوز تي وڃائي رهيا آهن جن جو هن ملڪ جي اڪثريتي عوام سان پري جو به واسطو نه آهي. سو، اهڙي طرح هن مملڪت خداداد ۾ مامرا هلي رهيا آهن. لڳي ٿو ته اسلامي مملڪت خداداد پاڪستان ۾ انتهائي بيرحميءَ سان وقت هڪ هنڌ بيهجي ويو آهي.
 
جواب: مملڪت خداداد پاڪستان ۾ وقت هڪ هنڌ بيهجي ويو آهي؟

ڀائڙا حاڪم؛
حق موجود؛
سڀ کان پهريان ته آ اوهانکي دل جي گهراين سان سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڀليڪار چوانٿو، اڄ جڏهن ڪجهه گهڙين کان پو سنڌ سلامت تي حاضري ڀري ته اصل واه واه لڳي پئي آهي، هر طرف حاڪم ئي حاڪم لڳو پيو آهي، جيئن ته مٿين ليک ۾ اوهان ڳالهه به پاڪستان جي حاڪميت ۽ ان ۾ قومي حالت ۽ وقت جي سئي جي بيٺل هجڻ جو ذڪر ڪيو آهي ۔۔۔ ڳالهه ته بيشڪ پيرائتي ڪيل آهي ۽ هيٺ مٿي سڀ ڳالهيون دل سان لڳن ٿيون، پر منهنجا دوست حاڪم!
ڇا هي ليک اوهان پاڻ لکيو آهي يا ڪنهن ٻي سڄاڻ دوست جو لکيل آهي ۔۔۔ هن ليک ۾ جيڪو پيغام آهي سو ته واضح ۽ حق جو آهي انڪري اسانجي اکين تي ۔۔۔ پر جي ان ليک جي لکڻ واري جي ڪا خبر پوي ته وڌيڪ سهڻو لڳندو ۔۔۔

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اوهان يا ڪو ٻيو سڄاڻ دوست اهڙا ليک لکي اسان جي ذهن ۾ اڀريل مونجهارن جي ڪا شڪل يا عڪس چٽي ٿو، پر هن اوطاق تي هڪ ڳالهه جو خاص خيال رکيو وڃي ٿو ته ليک جي مٿان يا هيٺان ليکڪ جو تعرف يا اشارو ّضرور هجي ته جيئن پڙهڻ وارو سمجهي سگهي ۔۔۔

اوهان مهرباني ڪري جڏهن ڪو به ليک موڪليو ته ليک يا ليکڪ جو تعرف/ذڪر ضرور ڪندا ڪريو ۔۔۔

ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔
 
Back
Top