نثارابڙو
نائب منتظم
مڪه / سعودي عرب
September/October 2007
آکاڻي
ملان حسو تعويزن وارو
نثارابڙو
ڪجھ مهينا ئي ٿيا جو ملان حسو تعويزن وارو لڏي اچي پهنجي پاڙي ۾ ويٺو هو... سندس اصل نالو حسن هو پر ڪڌن ڪرتوتن سبب ماڻهو کيس حسو حسو ڪري ڪوٺيندا هئا...ٻاهر جو ملان اندر ۾ ابليس...صبح جو سوير، سيارو هجي يا اونهارو سندس گھر جي ٻاهران گھٽيءَ جي موهڙ وٽ لڳل نل تي وڃي تڙ ڪندو...ڪاري جسم تي سرمائي کٿل وار ڄڻ ڪتي کي خارش ورتي هجي...کٿل انگوشو هيٺ تي آلي ٿيڻ کانپوءِ جسم جا سڀ نقش چٽا...ڪپڙن ڌوئڻ واري 999 نائلون صابڻ سان پاڻکي هيٺ کان مٿي تائين ايئن مهٽيندو جو ڄڻ سڀ ڪاراڻ اڄ ئي ڌوئي لاهيندو...اڌ ڪلاڪ نلڪي جي گيڙ گيڙان...صابڻ ڌوئڻ کانپوءِ وارو ايندو سرنهن جي تيل جو... ٻڪن جا ٻڪ جسم تي ملي ٻيهر نلڪي جي گيڙ گيڙان ۽ وڏي واڪي درود پڙهي پاڙي وارن جي ننڊ ڦٽائيندو هو...گھر وڃي کهنبيل اڇو وڳو پائيندو... سرمي جون ڇھ اٺ ڪانيون اکين ۾ ۽ تيز نڪ ساڙيندڙ عطر ھڻي... ڪلھن تي عربي رومال اوڙھي نڪرندو شڪار تي...
پھريون شڪار... پوڙھو جانو کٽي...جو پنھنجي پوٽي کي سياري جي اُسَ جھٽائڻ لاءِ ٻاھر پنھنجي گھر جي چائٺ تي کڻي ويھندو ھو... سلام دعا کانپوءِ ملان حسوءَ ڄار اڇلائيو...
”سائين جانڻ! ننڍڙي کي ته زڪام اچي ورايو آھي“
”ھائوابا... نڀاڳو زڪام، جيئن ٿڌ تيئن وڌ “ ننڍڙي جي ڳاڙھي پڪل نڪ کي زور سان سوٽي سنگھ ڪڍي اڇلائيندي وراڻيو...
”سائين فڪر ڇو ٿا ڪريو آءُ جو آھيان، ننڍڙي لاءِ اصلي ماکيءَ جو شيشو ھٿ ڪيو ته پڙھي ڏيانوَ، زڪام اصل ھڪ ڌڪ ۾ پورو “ ۽ پوءِ گوڏو ڀڃي ويھندو ٻارڙي جي مٿن کان ۽ شروع ٿي ويندس منتر جنتر..“
” اڙي ابا حسن! جسم ۽ گوڏن جي سور اصل ماري وڌو آھي...ڪر ڪو بلو “ پوڙھي کٽيءَ آواز ۾ جھيڻائي آڻيندي چيو...
” ھائو ڇونه! اوھان زيتون جي تيل جو شيشو گھرائي وٺو، پڙھي ڏيانوَ...روز مالش ڪريو... پوءِ ڏسو جوانيءَ وارا جوش!
” اڄ ئي گھرائي ٿو وٺان “ پوڙھو جوش ۾ اچي ويو...جوانيءَ جو ٻڌي کيس پوڙھي ياد اچي وئي ھيس...
ملان حسوءَ کي هن شڪار مان ٻه ٽي فائدا ٿيا ... هڪ ته گراھڪ وڌيو ۽ ٻيو ته تيل ۽ ماکيءَ جا اڌواڌ شيشا ۽ ڪپڙن جي ڌلائي استري ٻارھو ئي مفت ...
ٻيو شڪار ... ماسي نصيبان پڪوڙن واري، سندس پڪوڙا ڪوھين مشھور ھئا...تازا، لذيذ ۽ مناسب قيمت...خاص ڪري شام جو پاڙي جي ھر گھر ۾ کاڌا ويندا ھئا...ماسيءَ جي پُٽَ کي شادي ڪئي اٽڪل پنج ورھيه گذريا ھئا پر کيس اولاد نه پئي ٿيو...
ملان ته اھڙن گراھڪن جي ڳولھا ۾ سو بس ماسي به اچي وئي ڄار ۾... دعائن، منترن ۽ جنترن جي ڳاٽي ڀڳي خرچ ۾...ملان حسو ايندي ويندي، صبح ۽ شام ماسي نصيبان جي ننڍي نيٽي ننھن کي دعائن جي بھاني ھٿ ڦيريندي مزا ماڻيندو ۽ چانھن جي پيالي پيئندو، ڪڏھن ڪڏھن ناشتو پڻ ڪري وٺندو...شام جو مفتي پڪوڙن جي ٿيلھي ڀري گھر راھي ٿيندو...
ٽيون شڪار... مَنو ملاح… اصل مکڻ جھڙو ماڻھون… منھن تي دائمي مُرڪَ…سلام ڪبس ته ڀاڪر اچي ھڻندو… ڀاڪر ھڻبس ته چمين جا ٻٽڪا…ذات جو ملاح پر ڪم مينھنِ جو واڙو… واڙي ۾ مينھنِ پالڻ سان گڏوگڏ ٻڪريون، رڍون، ڳئون پڻ پاليندو ھو… جانورن سان عشق جي ڪا حد ئي ڪانه، شل نه ڪو پھرو اڻائو ٿئي بس مني ملاح جو سک چين حرام…ملان حسوءَ جو ميٽر چالو ۽ مني ملاح جا لاح ئي پٽي لاھيندو… اھڙا اھڙا ڀوَ ۽ وسوسا اچي ڪڍندو جو منو ملاح جانورن کان به وڌ اڻائوٿي پوندو…
”ادا منور! ھي ڪو سٺو سوڻ ناھي، بد نظر لڳي وئي آھي … جنات جو اثر پڻ ڀائنجي ٿو…جي ترت ڪو عمل نه ٿيو ته بس ڍڳن جو الله واهي “
”اڙي يار حسن! ايئن ته نه چئو، اوھانئي ڪو حل ٻڌايو، منھنجون ته متيون ئي منجھيل آھن“
”ادا منور! آءُ پنھنجي عمل سان سڀ جن ڀوت ڀڄائي ڪڍندم پر ڪجھه خرچ ڪرڻو پوندو“
”ڀائو حسن! خرچ جي اصل ڳڻتي ئي نه ڪر بس پھرو سڻاوا ٿين“
”بس پوءِ اڄ رات ئي پڙھائي شروع ڪندس، سڀاڻي صبح سان ڪارو بيداغ ٻڪرو وٺي اچ ته ان جو رت واڙي جي چوڦير ھارجي ۽ ڳاڙھو ڪڪڙ ڪلنگيءَ وارو پڻ کپندو جو آءُ گھر کڻي وڃي عمل ڪندس“
اھڙي نموني ملان جي ٻيگھي مچندي ۽ منوءَ جا کيسا خالي...منھن واري دائمي مرڪ دائمي پريشانيءَ ۾ بدلجي ويندس...شام جو وڏي چوئنري کير ڀريل، ملان جي گھر پھتي ڪئي ويندي ھئي...
چوٿون شڪار...مولائي دادن درزي...پاڙي جي اھم چوواٽي تي شاندار درزڪي ڪم سان گڏوگڏ ڪپڙو پڻ کپائيندو ھو...غازي عباس جو جھنڊو دڪان جي در سان ھميشه تازو...صبح جو دڪان کولڻ کان اڳ اگربتين جو پورو پاڪيٽ ٻاريندو...غازيءَ جو طواف ڪندو...دعائو گھرندو...ھٿ ڦيري منھن تي مليندو...
دادن جي ڦٽي جو ويجھڙ ۾ ٻي درزيءَ اچي دڪان کوليو...دادن جو ڌنڌو مندو ٿيڻ لڳو.. پراڻا گراھڪ به رستو مٽڻ لڳا...اڳ ڏينھن ۾ ويھ ويھ جوڙا کپندا ھيس...ھاڻ پنجن ۽ ڇھن تي وڃي ڳالھ پھتي...ملان حسوءَ کي وارو مليو جو دادن کيس پنھنجي ڏک کان آگاھي ڏئي ويٺو...
”اڙي ڀائو دادن! فڪر ئي نه ڪر، اھڙا ٿو تعويزَ ٺوڪيانس جو اصل دشمن جو دڪان بند ۽ تنھنجو ڪاروبار اڳي کان اڳرو“
”سائين حسن! غازي توکي وڌائي...اھڙو ڪو بلو ڪر جو دشمن جي ھٽڙي ئي چٽُ“
”ھائو بروبر! پر کيسو کولڻو پوندئي“
”ير مولائي لڏو اٿي...اڄڪلھ ڌنڌو به مندو آھي...بس پارت ٿي...ڪم ٿي ويو ته جيئن چوندي تيئن ٿيندو“
”ڀائو دادن تنھنجي سِر کان ويھ ھزار...ڏھه ھاڻ ۽ باقي ڪم ٿي وڃي ته پوءِ “
”ايئن نه ڪر سائين ڪجھ رحم جي نگاه...ڏھه ڏيندوسانءِ“
”چڱو ته پوءِ اڌ پئسا ڏي ته عمل شروع ڪريان ۽ ها ٻڙڪ ٻاھر نه نڪري ته ڪو آءُ عمل پيو ڪريان ۽ ھڪ ٻي فرمائش پوري ڪرڻي پونديءَ...پنج وڳا سبيل ٺهيل پڻ وٺندوسانءِ“
”اڙي يار ڪم ٿي وڃي ته اھي به ڏبا“
ٻن ٽن ڏينھن جي اندر دادن درزي جي پاڙي واري دڪان ۾ باه لڳي...سمورو ڪپڙو ۽ سلائي مشينون رَکَ ٿي ويون...ملان حسو مزن ۾ ۽ دادن جو کيسو خالي...ڪجھه ڏينھن کانپوءِ حڪومتي اھلڪار آيا ۽ دادن کي ان الزام ۾ وٺي ويا ته تو دڪان ساڙيو آھي...ويچاري دادن جا ٻه به ويا ته ڇھه به...ڪپڙو، مشينون ۽ دڪان کپائي جان ڇڏائي...مولائيءَ مان موالي دادن ٿي پيو...
پنجون شڪار... لالو مڱڻهار سندس ڪم اوڙي پاڙي جي شادين مرادين ۾ دهلن ۽ شرنائن جي بندوبست سان گڏوگڏ کاڌي پيتي جو انتظام سنڀالڻ...سندس مايون وري سهرا لاڏا ڳائن ۽ جھمريون پائن...سندن راتيون گھر کان ٻاهر ناچ گانا ۽ ڏينهن ننڊن ۾ گذرندا هئا...سندن زندگي آرام سان گذري رهي هئي...پر چواڻي ته ”ڳوھه کي کڻي کٽي ته شڪارين جا گھر تاڙي“ سو لالو به ٻه ٽنگو ڦاٿو...
ٿيو ڇا جو لالي جي پوڙهيءَ ماءُ شڪايت ڪئي ته گھر ۾ جنات جو اثر آهي... رات جو کيس عجب پاڇولا نظرجن ٿا...عجب آواز ٿين ٿا ۽ دروازا کڙڪنٿا...لالوءَ کيس گھڻو ئي سمجھايو ته اھو سندس وھم آھي پر پوڙھي چوي ته اوهين منهنجا دشمن آهيو...رات جو اڪيلي جنن جي ور چڙهيس ته بس منهنجو مڙھه به الائجي اوهانکي ملي الائجي نه...سو ويچاري لالوءَ اهو احوال وڃي ملان حسوءَ سان ڪيو...
ملان جي وات ۾ لار ڀرجي وئي...اهڙا سڻڀا گراهڪ ته ھن ڳولھيا پئي...
”حاضر ادا لعل محمد، ڳڻتي ئي نه ڪر...جنن کي ڀڄائڻ منهنجو ڪم، باقي پارت ھجيوَ“
” اوهان امڙ سڳوريءَ کي اهو يقين ڏياريو ته جن ڀڄي ويا ته جيئن چوندا تيئن ٿيندو“
”آءُ اڄ رات ئي ايندس ۽ جنن سان هڪ هڪاڻي ڪبي“
رات جو اگربتين ۽ ميڻ بتين جو بندوبست ڪيو ويو...مشڪ عنبر گھرائي گھر ۾ ڇڙڪايا ويا...جست جي ٿالھه ۾ ڪافور کي باه ڏيئي دونهون ڪري پوري گھر ۾ گھمايو ويو ۽ پوءِ ملان حسوءَ جي راند شروع...گھر جي مڙني ڪنڊن ۾ عجيب غريب عمل ڪندي اھڙا ڏيک ڏيڻ لڳو ڄڻ جنات سان جھيڙو جاري هجي...آخرڪار وڏي واڪي جنن کي گھر ڇڏي ڀڄي وڃڻ جا دڙڪا ڏيڻ کانپوءِ گھرڀاتين کي مبارڪون ڏنائين ته جنن جي پاڙ پٽجي وئي آھي... ڪنھن جن يا ڀوت کي ٻيهر اچڻ جي ھمٿ ئي نه ٿيندي ... مٺايون کاڌيون ويون ۽ ملان جا کيسا گرم ڪيا ويا...
ان ئي ھفتي لالو مڱڻھار جي گھر ۾ چور گھريا...سموري موڙي ميڙي ويا ۽ ويندي ويندي سندس پوڙھي ماءُ کي اھڙو ته زوردار ڏنڊو وهائي ڪڍيائون جو ويچاري الله کي پياري ٿي وئي...لالو يتيم ٿي ويو ۽ سندس غم ۾ ڪيترائي ڏينهن روئيندو رهيو...
اهڙيطرح ملان حسوءَ جو ڌنڌو هلندو رهيو ۽ معصوم اٻوجھ ماڻهون سندس حرفتن جو شڪار ٿيندا رهيا... ڪجهه ڏينهن کان ملان خاندان سميت پراسرار نموني غائب ٿي ويو...ڪيترائي ماڻهون کيس ڳولهڻ لاءِ اچن پر در تي هٿ جيڏو ڪارو تالو ڏسي موٽي وڃن...هڪ ڏينهن سرڪاري عملدارن پڻ ڳولهيندي اچي سندس گھر جو دروازو ڀڳو ۽ پوري گھر جي جانچ ڪئي ... پڇا ڪرڻ تي پتو پيو ته ملان حسو چورن جي گروه جو مکيه پڻ هو... تعويزن جي بهاني ماڻهن جي گھرن ۾ وڃي جاسوسي ڪري چورن کي ٻڌائي چوريون ڪرائيندو هو...
پاڙي جي ماڻهن کي ڏندي آڱريون اچي ويون ۽ سندس حرفتن کان بچي وڃڻ وارن دعائون گھريون ته کين الله بچايو آهي...
”””” ايمان جي ڪمزوري، جهالت ۽ لوڀ ماڻهن کي ٺوڳين ۽ حرفتي ماڻهن وٽ ڦاسايو ڇڏي ٿي““““