ملان حسو تعويزن وارو

'ڪهاڻيون' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏12 جون 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    مڪه / سعودي عرب
    September/October 2007
    آکاڻي
    ملان حسو تعويزن وارو
    نثارابڙو

    ڪجھ مهينا ئي ٿيا جو ملان حسو تعويزن وارو لڏي اچي پهنجي پاڙي ۾ ويٺو هو... سندس اصل نالو حسن هو پر ڪڌن ڪرتوتن سبب ماڻهو کيس حسو حسو ڪري ڪوٺيندا هئا...ٻاهر جو ملان اندر ۾ ابليس...صبح جو سوير، سيارو هجي يا اونهارو سندس گھر جي ٻاهران گھٽيءَ جي موهڙ وٽ لڳل نل تي وڃي تڙ ڪندو...ڪاري جسم تي سرمائي کٿل وار ڄڻ ڪتي کي خارش ورتي هجي...کٿل انگوشو هيٺ تي آلي ٿيڻ کانپوءِ جسم جا سڀ نقش چٽا...ڪپڙن ڌوئڻ واري 999 نائلون صابڻ سان پاڻکي هيٺ کان مٿي تائين ايئن مهٽيندو جو ڄڻ سڀ ڪاراڻ اڄ ئي ڌوئي لاهيندو...اڌ ڪلاڪ نلڪي جي گيڙ گيڙان...صابڻ ڌوئڻ کانپوءِ وارو ايندو سرنهن جي تيل جو... ٻڪن جا ٻڪ جسم تي ملي ٻيهر نلڪي جي گيڙ گيڙان ۽ وڏي واڪي درود پڙهي پاڙي وارن جي ننڊ ڦٽائيندو هو...گھر وڃي کهنبيل اڇو وڳو پائيندو... سرمي جون ڇھ اٺ ڪانيون اکين ۾ ۽ تيز نڪ ساڙيندڙ عطر ھڻي... ڪلھن تي عربي رومال اوڙھي نڪرندو شڪار تي...

    پھريون شڪار... پوڙھو جانو کٽي...جو پنھنجي پوٽي کي سياري جي اُسَ جھٽائڻ لاءِ ٻاھر پنھنجي گھر جي چائٺ تي کڻي ويھندو ھو... سلام دعا کانپوءِ ملان حسوءَ ڄار اڇلائيو...
    ”سائين جانڻ! ننڍڙي کي ته زڪام اچي ورايو آھي“
    ”ھائوابا... نڀاڳو زڪام، جيئن ٿڌ تيئن وڌ “ ننڍڙي جي ڳاڙھي پڪل نڪ کي زور سان سوٽي سنگھ ڪڍي اڇلائيندي وراڻيو...
    ”سائين فڪر ڇو ٿا ڪريو آءُ جو آھيان، ننڍڙي لاءِ اصلي ماکيءَ جو شيشو ھٿ ڪيو ته پڙھي ڏيانوَ، زڪام اصل ھڪ ڌڪ ۾ پورو “ ۽ پوءِ گوڏو ڀڃي ويھندو ٻارڙي جي مٿن کان ۽ شروع ٿي ويندس منتر جنتر..“
    ” اڙي ابا حسن! جسم ۽ گوڏن جي سور اصل ماري وڌو آھي...ڪر ڪو بلو “ پوڙھي کٽيءَ آواز ۾ جھيڻائي آڻيندي چيو...
    ” ھائو ڇونه! اوھان زيتون جي تيل جو شيشو گھرائي وٺو، پڙھي ڏيانوَ...روز مالش ڪريو... پوءِ ڏسو جوانيءَ وارا جوش!
    ” اڄ ئي گھرائي ٿو وٺان “ پوڙھو جوش ۾ اچي ويو...جوانيءَ جو ٻڌي کيس پوڙھي ياد اچي وئي ھيس...
    ملان حسوءَ کي هن شڪار مان ٻه ٽي فائدا ٿيا ... هڪ ته گراھڪ وڌيو ۽ ٻيو ته تيل ۽ ماکيءَ جا اڌواڌ شيشا ۽ ڪپڙن جي ڌلائي استري ٻارھو ئي مفت ...

    ٻيو شڪار ... ماسي نصيبان پڪوڙن واري، سندس پڪوڙا ڪوھين مشھور ھئا...تازا، لذيذ ۽ مناسب قيمت...خاص ڪري شام جو پاڙي جي ھر گھر ۾ کاڌا ويندا ھئا...ماسيءَ جي پُٽَ کي شادي ڪئي اٽڪل پنج ورھيه گذريا ھئا پر کيس اولاد نه پئي ٿيو...
    ملان ته اھڙن گراھڪن جي ڳولھا ۾ سو بس ماسي به اچي وئي ڄار ۾... دعائن، منترن ۽ جنترن جي ڳاٽي ڀڳي خرچ ۾...ملان حسو ايندي ويندي، صبح ۽ شام ماسي نصيبان جي ننڍي نيٽي ننھن کي دعائن جي بھاني ھٿ ڦيريندي مزا ماڻيندو ۽ چانھن جي پيالي پيئندو، ڪڏھن ڪڏھن ناشتو پڻ ڪري وٺندو...شام جو مفتي پڪوڙن جي ٿيلھي ڀري گھر راھي ٿيندو...

    ٽيون شڪار... مَنو ملاح… اصل مکڻ جھڙو ماڻھون… منھن تي دائمي مُرڪَ…سلام ڪبس ته ڀاڪر اچي ھڻندو… ڀاڪر ھڻبس ته چمين جا ٻٽڪا…ذات جو ملاح پر ڪم مينھنِ جو واڙو… واڙي ۾ مينھنِ پالڻ سان گڏوگڏ ٻڪريون، رڍون، ڳئون پڻ پاليندو ھو… جانورن سان عشق جي ڪا حد ئي ڪانه، شل نه ڪو پھرو اڻائو ٿئي بس مني ملاح جو سک چين حرام…ملان حسوءَ جو ميٽر چالو ۽ مني ملاح جا لاح ئي پٽي لاھيندو… اھڙا اھڙا ڀوَ ۽ وسوسا اچي ڪڍندو جو منو ملاح جانورن کان به وڌ اڻائوٿي پوندو…
    ”ادا منور! ھي ڪو سٺو سوڻ ناھي، بد نظر لڳي وئي آھي … جنات جو اثر پڻ ڀائنجي ٿو…جي ترت ڪو عمل نه ٿيو ته بس ڍڳن جو الله واهي “
    ”اڙي يار حسن! ايئن ته نه چئو، اوھانئي ڪو حل ٻڌايو، منھنجون ته متيون ئي منجھيل آھن“
    ”ادا منور! آءُ پنھنجي عمل سان سڀ جن ڀوت ڀڄائي ڪڍندم پر ڪجھه خرچ ڪرڻو پوندو“
    ”ڀائو حسن! خرچ جي اصل ڳڻتي ئي نه ڪر بس پھرو سڻاوا ٿين“
    ”بس پوءِ اڄ رات ئي پڙھائي شروع ڪندس، سڀاڻي صبح سان ڪارو بيداغ ٻڪرو وٺي اچ ته ان جو رت واڙي جي چوڦير ھارجي ۽ ڳاڙھو ڪڪڙ ڪلنگيءَ وارو پڻ کپندو جو آءُ گھر کڻي وڃي عمل ڪندس“
    اھڙي نموني ملان جي ٻيگھي مچندي ۽ منوءَ جا کيسا خالي...منھن واري دائمي مرڪ دائمي پريشانيءَ ۾ بدلجي ويندس...شام جو وڏي چوئنري کير ڀريل، ملان جي گھر پھتي ڪئي ويندي ھئي...

    چوٿون شڪار...مولائي دادن درزي...پاڙي جي اھم چوواٽي تي شاندار درزڪي ڪم سان گڏوگڏ ڪپڙو پڻ کپائيندو ھو...غازي عباس جو جھنڊو دڪان جي در سان ھميشه تازو...صبح جو دڪان کولڻ کان اڳ اگربتين جو پورو پاڪيٽ ٻاريندو...غازيءَ جو طواف ڪندو...دعائو گھرندو...ھٿ ڦيري منھن تي مليندو...
    دادن جي ڦٽي جو ويجھڙ ۾ ٻي درزيءَ اچي دڪان کوليو...دادن جو ڌنڌو مندو ٿيڻ لڳو.. پراڻا گراھڪ به رستو مٽڻ لڳا...اڳ ڏينھن ۾ ويھ ويھ جوڙا کپندا ھيس...ھاڻ پنجن ۽ ڇھن تي وڃي ڳالھ پھتي...ملان حسوءَ کي وارو مليو جو دادن کيس پنھنجي ڏک کان آگاھي ڏئي ويٺو...
    ”اڙي ڀائو دادن! فڪر ئي نه ڪر، اھڙا ٿو تعويزَ ٺوڪيانس جو اصل دشمن جو دڪان بند ۽ تنھنجو ڪاروبار اڳي کان اڳرو“
    ”سائين حسن! غازي توکي وڌائي...اھڙو ڪو بلو ڪر جو دشمن جي ھٽڙي ئي چٽُ“
    ”ھائو بروبر! پر کيسو کولڻو پوندئي“
    ”ير مولائي لڏو اٿي...اڄڪلھ ڌنڌو به مندو آھي...بس پارت ٿي...ڪم ٿي ويو ته جيئن چوندي تيئن ٿيندو“
    ”ڀائو دادن تنھنجي سِر کان ويھ ھزار...ڏھه ھاڻ ۽ باقي ڪم ٿي وڃي ته پوءِ “
    ”ايئن نه ڪر سائين ڪجھ رحم جي نگاه...ڏھه ڏيندوسانءِ“
    ”چڱو ته پوءِ اڌ پئسا ڏي ته عمل شروع ڪريان ۽ ها ٻڙڪ ٻاھر نه نڪري ته ڪو آءُ عمل پيو ڪريان ۽ ھڪ ٻي فرمائش پوري ڪرڻي پونديءَ...پنج وڳا سبيل ٺهيل پڻ وٺندوسانءِ“
    ”اڙي يار ڪم ٿي وڃي ته اھي به ڏبا“
    ٻن ٽن ڏينھن جي اندر دادن درزي جي پاڙي واري دڪان ۾ باه لڳي...سمورو ڪپڙو ۽ سلائي مشينون رَکَ ٿي ويون...ملان حسو مزن ۾ ۽ دادن جو کيسو خالي...ڪجھه ڏينھن کانپوءِ حڪومتي اھلڪار آيا ۽ دادن کي ان الزام ۾ وٺي ويا ته تو دڪان ساڙيو آھي...ويچاري دادن جا ٻه به ويا ته ڇھه به...ڪپڙو، مشينون ۽ دڪان کپائي جان ڇڏائي...مولائيءَ مان موالي دادن ٿي پيو...

    پنجون شڪار... لالو مڱڻهار سندس ڪم اوڙي پاڙي جي شادين مرادين ۾ دهلن ۽ شرنائن جي بندوبست سان گڏوگڏ کاڌي پيتي جو انتظام سنڀالڻ...سندس مايون وري سهرا لاڏا ڳائن ۽ جھمريون پائن...سندن راتيون گھر کان ٻاهر ناچ گانا ۽ ڏينهن ننڊن ۾ گذرندا هئا...سندن زندگي آرام سان گذري رهي هئي...پر چواڻي ته ”ڳوھه کي کڻي کٽي ته شڪارين جا گھر تاڙي“ سو لالو به ٻه ٽنگو ڦاٿو...
    ٿيو ڇا جو لالي جي پوڙهيءَ ماءُ شڪايت ڪئي ته گھر ۾ جنات جو اثر آهي... رات جو کيس عجب پاڇولا نظرجن ٿا...عجب آواز ٿين ٿا ۽ دروازا کڙڪنٿا...لالوءَ کيس گھڻو ئي سمجھايو ته اھو سندس وھم آھي پر پوڙھي چوي ته اوهين منهنجا دشمن آهيو...رات جو اڪيلي جنن جي ور چڙهيس ته بس منهنجو مڙھه به الائجي اوهانکي ملي الائجي نه...سو ويچاري لالوءَ اهو احوال وڃي ملان حسوءَ سان ڪيو...
    ملان جي وات ۾ لار ڀرجي وئي...اهڙا سڻڀا گراهڪ ته ھن ڳولھيا پئي...
    ”حاضر ادا لعل محمد، ڳڻتي ئي نه ڪر...جنن کي ڀڄائڻ منهنجو ڪم، باقي پارت ھجيوَ“
    ” اوهان امڙ سڳوريءَ کي اهو يقين ڏياريو ته جن ڀڄي ويا ته جيئن چوندا تيئن ٿيندو“
    ”آءُ اڄ رات ئي ايندس ۽ جنن سان هڪ هڪاڻي ڪبي“
    رات جو اگربتين ۽ ميڻ بتين جو بندوبست ڪيو ويو...مشڪ عنبر گھرائي گھر ۾ ڇڙڪايا ويا...جست جي ٿالھه ۾ ڪافور کي باه ڏيئي دونهون ڪري پوري گھر ۾ گھمايو ويو ۽ پوءِ ملان حسوءَ جي راند شروع...گھر جي مڙني ڪنڊن ۾ عجيب غريب عمل ڪندي اھڙا ڏيک ڏيڻ لڳو ڄڻ جنات سان جھيڙو جاري هجي...آخرڪار وڏي واڪي جنن کي گھر ڇڏي ڀڄي وڃڻ جا دڙڪا ڏيڻ کانپوءِ گھرڀاتين کي مبارڪون ڏنائين ته جنن جي پاڙ پٽجي وئي آھي... ڪنھن جن يا ڀوت کي ٻيهر اچڻ جي ھمٿ ئي نه ٿيندي ... مٺايون کاڌيون ويون ۽ ملان جا کيسا گرم ڪيا ويا...
    ان ئي ھفتي لالو مڱڻھار جي گھر ۾ چور گھريا...سموري موڙي ميڙي ويا ۽ ويندي ويندي سندس پوڙھي ماءُ کي اھڙو ته زوردار ڏنڊو وهائي ڪڍيائون جو ويچاري الله کي پياري ٿي وئي...لالو يتيم ٿي ويو ۽ سندس غم ۾ ڪيترائي ڏينهن روئيندو رهيو...

    اهڙيطرح ملان حسوءَ جو ڌنڌو هلندو رهيو ۽ معصوم اٻوجھ ماڻهون سندس حرفتن جو شڪار ٿيندا رهيا... ڪجهه ڏينهن کان ملان خاندان سميت پراسرار نموني غائب ٿي ويو...ڪيترائي ماڻهون کيس ڳولهڻ لاءِ اچن پر در تي هٿ جيڏو ڪارو تالو ڏسي موٽي وڃن...هڪ ڏينهن سرڪاري عملدارن پڻ ڳولهيندي اچي سندس گھر جو دروازو ڀڳو ۽ پوري گھر جي جانچ ڪئي ... پڇا ڪرڻ تي پتو پيو ته ملان حسو چورن جي گروه جو مکيه پڻ هو... تعويزن جي بهاني ماڻهن جي گھرن ۾ وڃي جاسوسي ڪري چورن کي ٻڌائي چوريون ڪرائيندو هو...

    پاڙي جي ماڻهن کي ڏندي آڱريون اچي ويون ۽ سندس حرفتن کان بچي وڃڻ وارن دعائون گھريون ته کين الله بچايو آهي...

    ”””” ايمان جي ڪمزوري، جهالت ۽ لوڀ ماڻهن کي ٺوڳين ۽ حرفتي ماڻهن وٽ ڦاسايو ڇڏي ٿي““““
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين توهان هن ڪهاڻي مان هڪ بهترين سبق ٿو ملي، سائين عمومن اهڙا ماڻهو چورن سان مليل هوندا آهن، ۽ منهنجي اکين ڏٺي ڳالهه آهي۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام سٺي اکاڻي آهي سائين نثار ابڙو صاحب توهان جي اهڙي شيئرنگ جو انتظار رهندو
     
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    محترم نثار صاحب اوهان جي ڪهاڻي ”ملان حسو تعويذن وارو“ پڙهيسين۔۔۔

    تمام بهترين ڪهاڻي، جنهن ۾ اسان جي هن ظالم سماج جو عڪس چٽيل آهي۔ ۽ انهي ۾ نه ڄاڻ اهڙا ته ڪيئي حسو تعويزن وارا هوندا جيڪي نه رڳو جانو کٽي، ماسي نصيبان، مَنو ملاح، مولائي دادن، لالو مڱڻهارکي ئي ڦريندا هوندا بلڪ اهڙا ته هزارين شڪار ڪندا هوندا۔
    سائين محترم نثار ابڙي جي هن ڪهاڻي پڙهڻ کانپوٌءِ مون کي پنهنجي ڳوٺ واري دوڪاندار روشن ميمڻ جو ٿو واقعو ياد اچي جنهن کي اڃان ايترو وقت ناهي گذريو لڳ ڀڳ 6 مهينه ئي مس ٿيا هوندا۔
    ٿيو ائين جو چاچو روشن ميمڻ هڪڙي ڏينهن صبح جو ڳوٺ واري بس تي جيڪا استاد انور علي راجپوت جي آهي انهي ۾ سنڀري دادو شهر دوڪان جي سامان وٺڻ لاءِ روانو ٿيو۔ دادو شهر ۾ جيئن ئي بس۔۔۔۔۔ بس اسٽانگ (اسٽاپ) تي پهتي۔۔۔ ماڻهن لهڻ شروع ڪيو ۽ هر ڪو پنهنجي پنهنجي ڪم ڪارين سانگي مختلف راهن ڏانهن روانا ٿي ويا۔ چاچو روشن ميمڻ به لٿو۔ ۽ پوءِ زور رکيائين پيرن تي ڇو جو پويان ڳوٺ ۾ دوڪان کي تالوجو هڻي آيو هئو۔ نيٺ وڃي ٽيشڻ روڊ (اسٽيشن روڊ) تي چڙهي ڪري اڳتي بازار ڏانهن وڌڻ جي تياري ڪيائين ته گس ۾ هڪ ٺڳ همراه رليس ۽ پڇيائينس ته ادا اوهان هتي هيڙي آري پاري ڪو درويش ٻڌو آهي۔ چون ٿا ته وڏو الله جو درويّش آهي جيڪو ڪجهه اوهان جي دل ۾ آهي اهو اوهانکي ائين ٻڌائي جيئن اوهان چاهيو۔۔ انهي تي چاچي روشن ميمڻ ايترو روايتي انداز ۾ چيس ته ادا مان پاڻ هن شهر ۾ نئون آهيان۔ ائين ڳالهه ڪندي مس ئي ڪجهه اڳتي ئي ٻه ٽي وکون هليا ته وري هنن کي ٻه ٺڳ ماڻهو ٻيا مليا۔ پهرين ٺڳ ماڻهو انهن ٻنهين کان پڇڻ تي وري ساڳيو بيان شروع ڪيو، انهي جي بيان کي اڃان صحيح نموني سان ٻڌون ئي ڪونه ته انهن ٻن ٻين ٺڳ ماڻهن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته انهن اهو الله وارو سامهون بيٺو آهي۔ اڳتي وڃي انهي سفيد پوشاڪ ۽ سنت منهن تي رکيل، هٿ ۾ تسبيح پڙهڻ واري شخص وٽ پهتا ته چاچي روشن ميمڻ کي ايترو انهن ماڻهن چيو ته سائين جي پيرن تي ڪري پئو ۽ سائين بزرگ ماڻهو اٿئي۔۔ جلدي ڪر ائين چوڻ هنن جو ائين چاچو روشن به انهي ٺڳ بزرگ جي پيرن تي ڪري پيو۔۔۔ جيئن اٿڻ جي ڪيائين ته انهي ٺڳ برزگ جي هٿن کي باه لڳي وئي۔۔۔ ائين ٺڳ بررگ جي ڪيفيت کي ڏسي چاچو روشن ميمڻ پريشان ٿي ويو ۽ ٺڳ ماڻهو کي چوڻ لڳو ته بزرگ سائين اها ڪهڙي ماجرا هئي جو اوهان جي هٿن کي باهه لڳي وئي۔۔۔ انهي تي ٺڳ بزرگ وراڻيو ته تنهنجي مٿان وڏي آفت اچڻي هئي جنهن کي مان پنهنجي مٿان کنئي۔۔۔ ائين چوڻ اڃا انهي ٺڳ بزرگ ختم ئي نه ڪيو ته وري چاچو روشن ٺڳ بزرگ جي پرين تي ٻيهر ڪري پيو۔۔۔ جنهن تي ٺڳ بزرگ وراڻيس ته تنهنجي کيسي ۾ 12000 هزار روپيا پيا آهن۔ اهي مونکي ڏي ته مان توکي ٻيڻا ڪري ڏيان۔۔۔ ائين چوڻ ۽ چاچي روشن ميمڻ پنهنجي کيسي مان واقعي 12000 هزار ڪڍي ڏنا اها حقيقت آهي جو چاچي جي کيسي ۾ 12000 هزار ئي هئا۔۔۔۔ ۽ انهي ڳالهه اچان به چاچي روشن کي پڪ ڏياري ته واقعي هي برزگ ته ڪو سچو بزرگ آهي۔۔۔ ائين انهن ٺڳن پنهنجو منتر چاچي روشن ميمڻ جي مٿان پڙهي ڪري 12000 هزارن کي 24000 هزارن ۾ تبديل ڪري ڏنا۔۔۔۔ بقول چاچي روشن ميمڻ جي۔
    انهي کي پيسا ٻيڻا ٿي جو مليا ته چاچو روشن ميمڻ اصل ٽپا پيو ڏيئي ۽ ائين دل ئي دل ۾ ڏاڍو خوش پيو ٿئي ۽ اندر ئي اندر ۾ اهو سوچڻ لڳو ته بس منهنجو دوڪان صفا ڀرجي ويندو ائين مان وڏو سيٺ ٿي ويس۔۔۔ ائين خيال دل سوچي ئي رهيو هيو ته انهن ٺڳن مان چاچي روشن ميمڻ سان مخاطب ٿيڻ لڳا۔۔۔ ۽ چاچو روشن انهن ٺڳن کي سائين سائين ڪرڻ لڳو۔۔۔ ٺڳ بزرگ چاچي کي چيو ته مان سون ۽ گهر جي ٻين به قيمتي شين کي ٻيڻو ڪندو آهيان۔۔۔ تون ته اسان کي پنهنجو آهين۔۔ تون نه گهٻراءَ تنهنجي جي لاءِ اصل پنهنجي جان حاضر آهي۔۔۔ انهي تي چاچي وراڻيو ته سائين واقعي بروبر (برابر) منهنجي گهر ۾سون آهي سوبه ڪافي مقدار ۾ آهي۔۔۔ چاچي جو ائين چوڻ ۽ ٺڳ بزرگ چيس ته پوءِ کڻي آ ته پوءِ توکي سون به ٻيڻو ٿو ڪري ڏيانءِ۔۔۔۔ تنهن تي چاچي روشن ميمڻ وراڻيس ته سائين سون ته منهنجي ڳوٺ پيل آهي۔۔۔۔ ۽ ڳوٺ منهنجو دادو شهر کان 36 ڪلو ميٽر اتر طرف پياري ڳوٺ جي به وري اوڀر طرف 6 ڪلو ميٽر فاصلي تي نالي پاٽ شريف سان منهنجو ڳوٺ آهي۔۔۔۔ ته پوءِ هاڻي مان کڻي ٿواچان ۔۔۔۔ تنهن تي ٺڳ وراڻيس ته پوءِ اصل ٽيڪس ڪري تون جي ڳوٺ ڇو نه هلجي۔۔۔۔ چاچي روشن وراڻيو ته سائين اصل منهنجي وات جي ڇني ڪري اوهان پاڻ ئي چئي ڏنو مان به ائين چوڻ وارو هيس۔۔۔ پوءِ ته ٽيڪسي وارو به انهن ٺڳن جو ماڻهو هيو۔۔۔ ٽيڪسي ۾ اچي ويٺا۔۔۔۔ ويهڻ سان انهي ٺڳ بزرگ هڪڙي تسبيح ڪڍي چاچي روشن کي ڏني ۽ چيائنس ته ويهي انهي کي پڙهه، چاچو ڇا پڙهي اها تسبيح بس چاچي جي دل ۾ اهو خيال اندر ۾ هر هر ڀڙڪي پيو ته ڄاڻ مان امير ٿي ويس۔۔۔ پوءِ چاچي کان ڪاٿي ٿي تسبيح سُري۔۔۔۔۔ بس ائين اچي ڪلاڪ سوا جي اندر ڳوٺ جي ٻاهرين هوٽل جيڪا چاچي چنيسر برهماڻي جي آهي اتي اچي ڪار کي بريڪ هنيئون۔۔۔ جنهن کي اسان جي ڳوٺ وارا ماڻهو ائين به چوندا آهن ته اچو ته هلون ڄامشوري۔۔۔۔۔ چانهه پيئڻ۔۔۔۔ توهان ڄامشوري جو نالو ٻڌي پريشان ضرور ٿي ويا هوندا ته ڳوٺ پاٽ ۾ وري چانهه پيئڻ ڄامشوري ۾۔۔۔ سائين ڄامشور انهي ڪري چوندا آهيون انهي کي جو هڪ ته هوٽل ڳوٺ جي ٻاهران آهي ۽ وري دادو ڪئنال به ڀر ۾اٿس پوءِ اصل شام جي ٽائيم ته ائين رش ٿي ويندي آهي جيئين رند هوٽل ڄامشوري تي هجي۔۔۔ ۽ هوا به بلڪ اهڙي گهلندي آهي۔۔۔۔۔۔۔
    نيٺ سائين ڳالهه کي کٽائڻو۔۔۔ چاچو روشن ڄامشوري واري هوٽل کان ڊوڙندو ڊوڙندو اچي گهر پهتو ائين پنهنجي گهر واري چيائين ته سڀاڳي جلدي ڪر اصل واري ڪر جيڪو پنهنجي گهر سون پيل آهي مون کي کڻي آڻي ڏئي ته وڃان۔۔ گهرواري پچيس ته ڏئي خبر اڄ توکي ٿي ڇا ويو آ۔۔۔ پاڻي جو گلاس هٿ مان ڏيندي چيائينس۔۔۔ چاچي روشن چيس ته اڄ ته اصل منهنجا ڀاڳ کليا آهن۔۔۔ مون سان گڏ منهنجا دوست ۽ هڪڙو بزرگ آيو آهي مونکي جلدي ڪر سون ڏي ته مان جلدي ٿو واپس کڻي اچان۔۔۔ چاچي جي گهرواري اصل کيري ٿي پئي۔۔۔ ۽ سوچڻ لڳي ٻيو ته وري هئي ميمڻ قوم جي سون ڏيندي به گهڻو ڪيٻائڻ لڳي۔۔ ۽ چيائينس ته روشن سون ته کڻي پيو وڃي پر اهو سون پنهنجي ٻچڙن جو اٿئي ٻيلي انهي جي پارت اٿئي۔۔۔۔ بس پوءِ چاچي سون جي ڳنڍڙي ٺاهي ۽ سون کڻي ويو ٺڳن ڏي۔۔۔۔ ٺڳن جيئن جو سون ڏٺو ۽ چاچي کي چيائون ته وارو ڪر هن ڪار ۾ ويهه ته توکي سون ٻيڻو ڪري ٿا ڏيون پر ان ۾ ٿور وقت لڳندو جو هن سون تي پڙهائي ٿيندي۔۔۔۔
    چاچو ڪار هنن ٺڳن سان ويٺو ۽ پوءِ پڙاهي سون تي شروع پر انهي سان گڏ ڪار به پنهنجي منزل ڏانهن هلڻ ّشروع ٿي۔۔ نيٺ پڙهائي دوران اچي پيارو ڳوٺ پهتو ائين ڦاٽڪ ڪار واري ڦاٽڪ جي ڀر واري مسجد وٽ اچي بريڪ ڏني۔۔۔۔ بريڪ ڏيڻ کانپوءِ چاچي کي ٺڳ بزرگ چيو ته تون لهي مسجد مان وضو ڪري اچ ته توکي سون ڏيون ته پوءِ تون ڀلي گهر کڻي وڃجانءِ۔۔۔ چاچي روشن تي ڪو اهڙو ته انهن ٺڳن تعويذن وارن جو اثر پئجي ويو ته آخري گهڙي تائين به انهن کي سڃاڻي نه سگهيو۔۔۔۔ ته واقعي هي ٺڳ آهن يا ڪي سچا ماڻهو آهن۔۔۔ بس پوءِ چاچو روشن ڪار مان لٿو ۽ مسجد ڏي تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻڻ لڳو۔۔۔ مسجد مان وضو ڪري اچي انهن ڪار وارن کي ٺڳن سان مليو پر ڪار وارن چاچي هن واري ويهڻ جي بدران هٿ ۾ سون واري ڳنڍ ڏئي ايترو چوڻ لڳا ته هن ڳنڍ کي نه کولجانءِ تيستائين جيستائين تون گهر نه پهچين جي واٽ ۾ کوليندي ته اهو ٻيڻو نه ڪونه ٿيندوءِ۔۔۔۔۔چاچي به انهن جي چوڻ مطابق ڳنڍ کي کڻي اچي گهر کوليو ته انهي ۾ سون جي بدران روڊ واريون پٿريون پيون هيون۔۔۔۔ پوءِ جيئن جو چاچي انهن پٿرين کي ڏٺو ته وري ٻئي ڏينهن تي اسپتال ۾ اکيون کوليئن۔۔۔

    اسان جي ڳوٺ وارا ائين چون ٿا ته اهو هڪ گروه آهي جنهن کي سخاڻي جي نالي سان سڏيو ويندو آهي۔۔۔ پوءِ ڪجهه هنن جي هٿ جي صفائي آهي ڪي وري چوندا آهن ته جيستائين انهن جو علم جو اثر هجي ٿو تيستائين۔۔ انهي ماڻهو کي ٻي ڪا ڳالهه سوچ ۾ ڪونه ٿي اچي۔۔۔

    سائين محترم اوهان جي ڪهاڻي واقعي حقيقت تي مبني آهي۔۔ اسان تمام گهڻي پسند آئي۔۔۔
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا عبد الوهاب
    حق موجود
    مهرباني ۽ اوهان پڻ اهڙن واقعن جا اکين ڏٺا گواه آهيو ... تنهنجو مطلب ته هيءَ ڪهاڻي پڻ حقيقت جي ويجهو آهي ...
    الله اوهانکي ساٿ سميت جڙيل ۽ آباد رکي ... آمين
    سدائين گڏ
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا زاهد
    حق موجود
    دوست، اوهانجي ڪهاڻي نه فقط منهنجي موقف جي حمايت ۾ آهي پر هن ڪهاڻيءَ کي چار چنڊ هڻي ڇڏيا آهن ... اهڙا واقعا ته هزارين ئي ٿيندا رهنٿا ۽ ٿيندا رهندا ... هڪ چوڻي آهي ته ” جت لوڀي هجن ات ٺوڳي بک نه مرن“ سو ڀاءُ گهڻا ماڻهون لالچ ۾، ڪي مجبوريءَ ۾ ۽ ڪي بي خبريءَ ۾ ڦاسندا آهن ... اسانجو ڪم آهي ته اهڙن واقعن کي عام ڪري پنهنجي قوم کي اهڙن ٺوڳن کان بچائي وجهون ...
    الله اوهانکي ساٿ سميت جڙيل ۽ آباد رکي ... آمين
    سدائين گڏ
     
  7. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    بلڪ سائين اوهان حق چيو ته اهڙين ڳالهين کي عام ڪري ڇڏجي۔۔۔۔۔۔۔۔
    مهرباني سائين
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا توهان بلڪل سچ ٿا چئو۔
    ثم آمين۔
    سائين حقيقت ڪڏهن به ناهي لڪندي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو