عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
اصل کان خطا نه ٿيندي، بد اصل کان وفا نه ٿيندي
چوڻي
اصل نڻائتو ماڻهو، هر قدم ڦوڪي کڻندو آهي۔ هر عام خاص سان سهڻو ورتا رکندو آهي۔لالچ ۾ پئي ٻئي مان مطلب سَرِ ڪرن جي ڪوشش نه ڪندو آهي۔ بدماش لُچ، هميشه مطلب حاصل ڪرڻ جي پويان هوندو آهي۔ وٽس شناس ۽ سڃاڻپ جي اک نه هوندي آهي۔ جڏهن به موقعو ملندس،کوچرائپ ڪندي دير نه ڪندو۔
مطلب۔(1) اشرف مهل نه وڃائيندو۔ بدماش مهل تي ڌڪ پٽيندو۔
(2)۔ خانداني ماڻهو دوکو نه ڏيندو ۽ ڪميڻي مان چڱائي ڪين ٿيندي۔