نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا ۾ رهندڙ سنڌ دوستو۔
گُذريل ڏينهن سنڌ جي موجوده دور جي مشهور راڳياڻِي صنم ماروي، جنهن شاهه سائين جو ڪلام پرچن شال پنهنوار جڳ مشهور فنڪار راحت علي خان سان ڳائي شهرت جي بلندين تي پير پاتو آهي ان جي سڳي ڀيڻ جي شادي جي تقريب ۾ آئون ۽ ادا عبدالغفور سمون مرڪزي فوٽو گرافر سنڌ سلامت سان هڪ تمام دل گهرئي دوست جي دعوت تي پڳاسين، اتي اسان جي ملاقات سنڌ جي شاعر محترم عاشق هالائي سان ٿِي، جنهن اسان کي ٻُڌايو ته سندس پهريون شاعري جو ڪتاب ”عاشق جو اظهار “ منظر عام تي اچي ويو آهي جنهن جي مهورت ايندر 29 آڪٽوبر 2010ع تي ممتاز مرزا آڊيٽوريم سنڌ ميوزم حيدرآباد ۾ شام جو 6 ڇهين وڳي ٿيندي۔ جنهن ۾ سنڌ جو ناميارو محترم عنايت بلوچ، مهمان خصوصي جي حيثيت سان شرڪت ڪندو، ان کان علاوه محترم احمد ناريجو سيڪريٽري ڪلچر محترم شاهده پروين ابڙو ريجنل ڊائريڪٽر ايجوڪيشن حيدرآباد، محترم غلام اڪبر لغاري، ڊي سي او عمر ڪوٽ، محترم عبدالحميد آخوند، ڊاڪٽر دليپ دولتاڻي جن به شرڪت ڪندا، محترم عاشق هالائي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان سنڌ جي سڀني شاعرن، اديبن ۽ ادب دوستن کي هن مهورت واري تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ جي نينڍ ڏيڻ جي پڻ اسان کي گُذارش ڪئي۔ دوستو جيئن ته هي هڪڙي سنڌ جي مشهور راڳياڻي صنم ماروي جي ڀيڻ جي شادي واري تقريب هُئي هن تقريب ۾ محترم عاشق هالائي پنهنجي شاعري واري ڪتاب عاشق جو اظهار جون چند ڪاپيون به کڻي آيو هو، جيڪي هن اتي موجود ڪجهه مخصوص ماڻهن کي پڻ ڏنيون، ان سلسلي ۾ ڪجهه تصويرون ادا عبدالغفور سمون پنهنجي ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ڪري ورتيون سي پيش ڪري رهيو آهيان ، اميد ته پسند اينديون۔

محترم عاشق هالائي پنهنجو ڪتاب عاشق جو اظهار سنڌ مشهور فنڪاره صنم ماروي کي ڏئي رهيو آهي۔
مشهور فنڪاره صنم ماروي عاشق هالائي جو ڪتاب هٿن کڻيو بيٺي آهي جڏهن ته سندس ڪڇ تي هڪڙي مصوم نياڻي پڻ آهي۔
پنهنجي ڀيڻ جي شادي ۾ صنم ماروي جو هڪڙو دلڪش انداز
محترم عاشق هالائي پنهنجي هڪڙي دوست سان گڏ جيڪو سندس ڪتاب عاشق جو اظهار جو مطالعو ڪري رهيو آهي
محترم عاشق هالائي حيدرآباد شهر جي مشهور فوٽو گرافر دولتاڻي سان گڏ
هن تقريب ۾ مان وارو ڪي ٽي اين جو سينئر ترين ڪارڪن، محترم ناز سهتو به شريڪ هو