سنڌي شاعر عاشق هالائي جي ڪتاب ”عاشق جو اظهار “جي مهورت 29 آڪٽوبر 2010ع تي ٿيندي۔

'سنڌي ادب' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏15 آڪٽوبر 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا ۾ رهندڙ سنڌ دوستو۔
    گُذريل ڏينهن سنڌ جي موجوده دور جي مشهور راڳياڻِي صنم ماروي، جنهن شاهه سائين جو ڪلام پرچن شال پنهنوار جڳ مشهور فنڪار راحت علي خان سان ڳائي شهرت جي بلندين تي پير پاتو آهي ان جي سڳي ڀيڻ جي شادي جي تقريب ۾ آئون ۽ ادا عبدالغفور سمون مرڪزي فوٽو گرافر سنڌ سلامت سان هڪ تمام دل گهرئي دوست جي دعوت تي پڳاسين، اتي اسان جي ملاقات سنڌ جي شاعر محترم عاشق هالائي سان ٿِي، جنهن اسان کي ٻُڌايو ته سندس پهريون شاعري جو ڪتاب ”عاشق جو اظهار “ منظر عام تي اچي ويو آهي جنهن جي مهورت ايندر 29 آڪٽوبر 2010ع تي ممتاز مرزا آڊيٽوريم سنڌ ميوزم حيدرآباد ۾ شام جو 6 ڇهين وڳي ٿيندي۔ جنهن ۾ سنڌ جو ناميارو محترم عنايت بلوچ، مهمان خصوصي جي حيثيت سان شرڪت ڪندو، ان کان علاوه محترم احمد ناريجو سيڪريٽري ڪلچر محترم شاهده پروين ابڙو ريجنل ڊائريڪٽر ايجوڪيشن حيدرآباد، محترم غلام اڪبر لغاري، ڊي سي او عمر ڪوٽ، محترم عبدالحميد آخوند، ڊاڪٽر دليپ دولتاڻي جن به شرڪت ڪندا، محترم عاشق هالائي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان سنڌ جي سڀني شاعرن، اديبن ۽ ادب دوستن کي هن مهورت واري تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ جي نينڍ ڏيڻ جي پڻ اسان کي گُذارش ڪئي۔ دوستو جيئن ته هي هڪڙي سنڌ جي مشهور راڳياڻي صنم ماروي جي ڀيڻ جي شادي واري تقريب هُئي هن تقريب ۾ محترم عاشق هالائي پنهنجي شاعري واري ڪتاب عاشق جو اظهار جون چند ڪاپيون به کڻي آيو هو، جيڪي هن اتي موجود ڪجهه مخصوص ماڻهن کي پڻ ڏنيون، ان سلسلي ۾ ڪجهه تصويرون ادا عبدالغفور سمون پنهنجي ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ڪري ورتيون سي پيش ڪري رهيو آهيان ، اميد ته پسند اينديون۔
    [​IMG]
    محترم عاشق هالائي پنهنجو ڪتاب عاشق جو اظهار سنڌ مشهور فنڪاره صنم ماروي کي ڏئي رهيو آهي۔​


    [​IMG]
    مشهور فنڪاره صنم ماروي عاشق هالائي جو ڪتاب هٿن کڻيو بيٺي آهي جڏهن ته سندس ڪڇ تي هڪڙي مصوم نياڻي پڻ آهي۔​


    [​IMG]
    پنهنجي ڀيڻ جي شادي ۾ صنم ماروي جو هڪڙو دلڪش انداز​


    [​IMG]
    محترم عاشق هالائي پنهنجي هڪڙي دوست سان گڏ جيڪو سندس ڪتاب عاشق جو اظهار جو مطالعو ڪري رهيو آهي​


    [​IMG]
    محترم عاشق هالائي حيدرآباد شهر جي مشهور فوٽو گرافر دولتاڻي سان گڏ​

    [​IMG]
    هن تقريب ۾ مان وارو ڪي ٽي اين جو سينئر ترين ڪارڪن، محترم ناز سهتو به شريڪ هو​
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌي شاعر عاشق هالائي جي ڪتاب ”عاشق جو اظهار “جي مهورت 29 آڪٽوبر 2010ع تي ٿيندي

    سائين نثار ناز۔۔۔۔۔ !
    ڪيترن ئي ڏينهن کان بعد سنڌ سلامت لاءِ ڪيل اوهان جي خصوصي ڪوريج واري موضوعن جي انتظار ۾ هئاسين.. توهان واري مجبوري به نظر ۾ هئي ته ڪيمرا مين شينهن سمون پنهنجي ڪيمرا سان ڪهڙي جُٺ ڪئي آهي... ان بعد اوهان جي اهڙن موضوعن لاءِ گهڻي وقت کان سڪي ويا هئاسين.. شڪر آهي الله پاڪ جو، جو اوهان پاران شروع ڪيل هي سلسلو وري اڳتي وڌيو آهي.
    هن پروگرام جي رپورٽنگ ۽ تصويرون به بي مثال آهن. صنم ماروي جي شخصيت سنڌ جي ماڊرن ڪلاسيڪل راڳ لاءِ ڪنهن تعارف جي محتاج نه آهي.. عابده پروين کان پوءِ سنڌ ۾ ڪنهن ڳائڻيءَ سُرن سان کيڏڻ ۽ انهن کي استعمال ڪرڻ جو انداز سکيو آهي ته بيشڪ اها صنم ماروي آهي..
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي شاعر عاشق هالائي جي ڪتاب ”عاشق جو اظهار “جي مهورت 29 آڪٽوبر 2010ع تي ٿيندي

    ادا اسد تنهنجا لک لائق جو اسان جي هن غريباڻي ونڊ تي پنهنجي پسنديدگي وارا رمارڪس لکيا، بلڪل انهي ڳالهه ۾ ڪنهن به ڳالهه جو شڪ ناهي ته صنم ماروي پنهنجي محنت ۽ لگن سان صف اول واري راڳياڻي بڻجي وئي آهي، پر دوست ڳالهه هلي پي سائين عاشق هالائي جي شاعري جي ڪتاب عاشق جو اظهار جي ان باري ۾ ته تو ڪجهه لکيو ئي ڪونهي۔ ان کان علاوه مست يار ڪجهه ڏينهن کان طبيعت به سخت ناساز ٿي پئي آهي، دعا ڪر ته خير ٿي وڃي نه ته ٿي سگهو ٿو مون جهوني کي آپريشن نه ڪرائڻو پئجي وڃي۔ مڙئي توهان دوستن ۽ سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي سڪ ڇڪيو کڻيو ٿي اچي نه ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ الله سائين توهان سڀني دوستن کي سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ کي آباد رکي آمين۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو