مست
سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو!
جيئن ته انٽرنيٽ جي وڌندڙ استعمال سبب سنڌ ۾ به ان جو استعمال وڌيو آهي ۽ سنڌي ڀائرن جي اڪثريت انٽرنيٽ تي راغب ٿي آهي جن مان ڪافي دوست سنڌي رسم الخط ۾ لکڻ جا شوقين آهن پر ڪا خاص رهنمائي نه هجڻجي ڪري يا سنڌي جي ويب سائيٽن بابت ڄاڻ نه هجڻ جي ڪري انهن کي سنڌي انسٽال ڪرڻ، سنڌي ٽائپ ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم لڳي ٿو۔۔۔ فيسبوڪ ويب سائيٽ تي ڪيترن ئي دوستن کي جڏهن سنڌ سلامت تي اچڻ جي دعوت ڏني ته انهن ان سلسلي ۾ اهو ئي مسئلو بيان ڪيو۔۔ ان جي حل لاءِ مون سوچيو ته ڪا وڊيو تيار ڪري وٺان پر خوشقسمتي سان يوٽيوب تي ابراهيم ميمڻنالي هڪ سنڌي جي طرفان هن سلسلي ۾ هڪ جامع وڊيو تيار ٿيل ڏسڻ ۾ آئي۔۔۔ بهتر سمجهيم ته اها وڊيو توهان سان ونڊ ڪريان۔۔۔
سنڌي انسٽال ڪرڻجو طريقو هي آهي ته سڀ کان پهرين اوهان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ عربي ٻوليءَجي سپورٽ انسٽال ڪريو۔۔
ان لاءِ ونڊوز ايڪس پي جي سي ڊي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ وجهي ان کان بعد ۾هيٺين وڊيو ۾ ڏسيل اسٽيپس تي عمل ڪريو۔۔۔
وڊيو۔۔
ان سان گڏ ايم بي سنڌي ڪي بورڊ ڊائون لوڊ ڪرڻجو ڊائريڪٽ لنڪ به مان ڏئي رهيو آهيان۔۔
سنڌي ٻوليءَجو ڪيبورڊ هتي ڪلڪ ڪري ڊائريڪٽ ڊائون لوڊ ڪريو
يا وري سائين ماجد ڀرڳڙي جي ويب سائيٽ تان ڊائون لوڊ ڪريو
هاڻي توهان هي وڊيو ڏسي ان ۾ ڏسيل اسٽيپس مطابق سنڌي ٻولي جو ڪي بورڊ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ انسٽال ڪري سگهو ٿا ۽ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ مختلف سافٽ ويئرز جيئن ايم ايس ورڊ، ايڪسل ۾ سنڌي لکڻ سان گڏ دنيا جي ڪنهن به ويب سائيٽ تي سنڌي ٻوليءَ۾ ٽائپنگ ڪري سگهو ٿا۔
توهان سڀني دوستن کي گذارش آهي ته وڌ کان وڌ دوستن کي هن موضوع ۽ وڊيو جي باري ۾ آگاهه ڪريو ته جيئن هو پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي لکڻ سکي سگهن۔
سنڌي ٻوليءَجي مختلف اکرن جي عام رواجي ڪيبورڊ جي مطابق سيٽنگ ڄاڻڻ لاءِهيٺين تصوير ڏسو
