جواب: سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ڪرڻ جو جامع طريقو (وڊيو جي صورت ۾)
سن 1999ء ۾جڏهن اڃان انٽرنيٽ نئون متعارف ٿيو هيو انهن ڏينهن ۾ انٽرنيٽ تي سنڌي لکڻ تمام ڏکي هئي پر جئين جئين وقت گذرندو رهيو انٽرنيٽ جي دنيا ۾ وڏو انقلاب آيو ۽ سنڌي ٻولي جو باضابطا طور تي سافٽويئر جوڙيو ويو، جنهنجي وسيلي اسان پنهنجي مادري زبان ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار سهڻي نموني ڪري رهيا آهيون..اسان جون نيڪ تمنائون انهن همدردن سان هميشه ساڻ رهنديون جن، ايتري محنت ڪري اسان لاء نا ممڪن ڳالهه کي ممڪن بڻايو۽ مان انهن ڏينهن ۾ ايم ايم ورڊ ۾ انسرٽ سيمبول جي آفشن ۾ وڃي ڪري عربڪ رسملخط جا ڪجهه سيمبول هوندا هئا اهي هڪ هڪ ڪري انسرٽ ڪري ڪجهه لکي وٺندو هئس، پر هاڻ ته آڱرين جي اشارن تي لفظ جڙي رهيا آهن۔۔..سدائين گڏ.