حاڪم
سينيئر رڪن
لام آباد (بيورو رپورٽ/م ڊ) سپريم ڪورٽ ججن جي بحالي واري ايگزيڪيوٽو آرڊر کي واپس وٺڻ جي خبر تي ورتل نوٽيس جي ٻڌڻي دوران واضح ڪيو آهي ته ججن جي بحالي جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ آئين ٽوڙڻ برابر هوندو. صدر سميت سمورن آئيني ادارن جا سربراهه ايگزيڪيوٽو آرڊر واپس وٺڻ کي قبول نه ڪن، 31 جولاءِ جي فيصلي کان پوءِ ان جي ڪا حيثيت ناهي. وزيراعظم کي 18 آڪٽوبر تي لکت ۾ جواب پيش ڪرڻ جي هدايت، ڪالهه سپريم ڪورٽ جي 17 رڪني لارجر بينچ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ ججن جي بحالي وارو انتظامي حڪم واپس وٺڻ جي خبرن جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي ٻڌڻي ڪئي. انهي موقعي تي اٽارني جنرل مولوي انوارالحق کي هدايت ڪئي وئي ته هو انهن خبرن جي وضاحت ڪري ۽ لکت ۾ جواب عدالت ۾ پيش ڪري. جنهن تي مولوي انوارالحق وقت گهريو ۽ چيو ته هو ان حوالي سان وزيراعظم سان ڳالهائيندو. حڪومت اهڙين خبرن جي ترديد ڪري چڪي آهي. انهن خبرن ۾ ڪا صداقت ناهي. جنهن تي عدالت کيس وزيراعظم جو لکت ۾ بيان جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي ۽ 12 وڳي تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، بعد ۾ ٻڌڻي شروع ٿي ته اٽارني جنرل مولوي انوارالحق چيو ته وزيراعظم سان رابطي جي ڪوشش ڪئي آهي پر رابطو ناهي ٿيو. وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري کي پيغام ڏنو ويو آهي پر حڪومت طرفان اهڙين خبرن بابت واضح جواب ڏيڻ لاءِ وقت گهربل هو، جنهن تي چيف جسٽس ڪاوڙجي پيو ۽ چيو ته ايترو اهم معاملو آهي ڇا وزيراعظم 2 منٽ به ڳالهائي نٿو سگهي. سڄي قوم جون هن فيصلي تي نظرون لڳل آهن وزيراعظم وٽ 2 منٽ به ناهن جو هو ٻاهر اچي معاملي بابت وضاحت ڪري، جڏهن ته جسٽس جواد ايس خواجا چيو ته اهڙو ڪهڙو اهم اجلاس آهي جنهنجي ڪري وزيراعظم صحيح نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته توهان آئين تي عمل جو واعدو پورو نه ڪري رهيا آهيو. جسٽس عارف خلجي چيو ته توهان وزيراعظم سان ڳالهايو هجي ها ته توهان کي وقت جي خبر پئجي وڃي ها ته وفاق کي ڪيترو وقت وضاحت لاءِ گهرجي. جسٽس سائر علي رمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا وزيراعظم اهو بيان نه ٿي موڪلي سگهيو ته اهي آئين ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلن موجب هلندا. جواد ايس خواجا چيو ته ٽي وي تي وزيراعظم ۽ چئن حڪومتي ذميوارن جا بيان ڏسي آءٌ حيران ٿي ويو آهيان. جسٽس خليل الرحمان رمدي چيو ته قوم فيصلي جو انتظار ڪري رهي آهي ۽ توهان وقت گهري رهيا آهيو صبح ساڍي 9 وڳي کان 17 جج ويٺا آهن ۽ وفاق جو ڪم هاڻي صرف مهلت گهرڻ وڃي رهيو آهي ڇا، جنهن بعد ججن پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪرڻ کانپوءِ وفاق کي ان خبر جو وضاحتي بيان پيش ڪرڻ لاءِ مهلت ڏيڻ واري درخواست کي رد ڪندي حڪم جاري ڪيو ته ججن جي بحالي واري انتظامي حڪم جي ڪا به آئيني ۽ قانوني حيثيت نه رهي آهي ڇاڪاڻ جو 31 جولاءِ واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي جنرل پرويز مشرف جي 3 نومبر وارن سمورن قدمن کي غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي تنهن ڪري هاڻي ان انتظامي حڪم جي ڪا به حيثيت ناهي ۽ جيڪڏهن اهو حڪم واپس وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اها آئين جي آرٽيڪل 6 جي ڀڃڪڙي هوندي. سپريم ڪورٽ پنهنجي مختصر فيصلي ۾ اهو ٻڌايو ته ججن کي هٽائڻ واري خبر غلط نه هئي ۽ حڪومت کي ان جو جواب ڏيڻو پوندو حڪومت ٻڌائي ته هن اهڙو ڪيئن سوچيو ۽ ڇو سوچيو ۽ ان جي وضاحت 18 آڪٽوبر تائين وزيراعظم جي لکت ۾ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته هڪ لڳي 37 منٽن تائين وزيراعظم پاران ڪو به ذميوار عدالت ۾ پيش نه ٿيو ۽ ملڪ جو آئيني سربراهه لڳي ٿو وضاحتي بيان پيش ڪرڻ کان لنوائي رهيو آهي تنهن ڪري عدالت صدر سميت ملڪ جي سمورن آئيني ۽ انتظامي ادارن جي سربراهن کي هدايت جاري ڪري ته اهي ججن جي بحالي واري حڪم نامي کي واپس نه وٺڻ جا پابند آهن ۽ ڪير به ائين ڪندو ته اها آئين ٽوڙڻ جي برابر هوندو. جڏهن ته ان کان اڳ جسٽس خليل الرحمان رمدي رمارڪس ڏيندي چيو ته جتي دونهون هوندو آهي اتي باهه به لڳل هوندي آهي. جسٽس جاويد اقبال چيو ته 2 نومبر 2007ع تي مون کي چيف جسٽس بنجڻ جي آڇ ڪئي وئي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري چيو ته نومبر 2007ع کان پهرين به اهڙيون خبرون اخبارن ۾ اينديون هيون پر حڪومتي نمائندا هتي اچي چوندا هئا ته اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي. چيف جسٽس چيو ته عدالت جي 31 جولاءِ واري فيصلي هن سڄي نظام کي بچائي ڇڏيو آهي ۽ رات پوڻي 9 وڳي اهڙي خبر هلي پر ساڍي 10 وڳي تائين حڪومت پاران ڪنهن به ترديد جاري نه ڪئي وئي. چيف جسٽس چيو ته جڏهن به اهم ڪيس هوندو آهي ته اهڙي قسم جا افواهه شروع ٿي ويندا آهن. هن چيو ته ڇا عدليه جي اداري خلاف آئين جي خلاف ڪو قدم کنيو پيو وڃي. جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته اها خبر حيران ڪندڙ آهي ۽ ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي. جنهن تي چيف جسٽس کيس چيو ته ان خبر جي صحيح يا غلط هجڻ جي جاچ ڪرڻ وفاق جي ذميواري آهي ۽ صرف ميڊيا کي ذميوار قرار نه ٿو ڏئي سگهجي توهان ڀلي ان جي جاچ ڪيو. چيف جسٽس چيو ته عدالت سان ٽڪراءَ جي ڪوشش ڇو پئي ڪئي وڃي ان وقت جي اٽارني جنرل ملڪ قيوم عدالت ۾ ايمرجنسي نه لڳڻ جي ڳالهه ڪئي هئي جنهن تي جسٽس جاويد اقبال چيو ته پر 3 نومبر تي صبح جو اٿياسين ته قيد هئاسين. چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري چيو ته عدالت کي اگهاڙيون گاريون پيون ڏنيون وڃن پر اسان صبر جو مظاهرو ڪري رهيا آهيون. جسٽس غلام رباني چيو ته ان وقت به حڪومت جج هٽائڻ وارين خبرن جي ترديد ڪئي پر پوءِ به جج هٽايا ويا. هن چيو ته وفاق ٻڌائي ته نوٽيفڪيشن جي واپسي بابت ان جو ڇا موقف آهي. جسٽس خليل الرحمان رمدي اٽارني جنرل کان پڇيو ته ڇا نوٽيفڪيشن واپس وٺي سگهجي ٿو. جسٽس جاويد اقبال چيو ته 2 نومبر 2007ع جي بينچ ۾ موجود هوس مشرف خلاف ڪيس هلي رهيو هو ته مون کي چيف جسٽس بنجڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي پر هاڻي ڪنهن ۾ به جرئت ناهي جو مون کي چوي. هن چيو ته حڪومت سٺي گورننس نه هلائي رهي آهي اربين کربين روپين جا معاملا عدالت ۾ اچي رهيا آهن حڪومت خود ڪم ٺيڪ نموني نه هلائي رهي آهي ته پوءِ عدالت تي الزام ڇوٿا هنيا وڃن. چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري چيو ته اين آر او سميت ڪرپشن جا جڏهن به ڪيس هلن ٿا ته اهڙا افواهه اچن ٿا. هن چيو ته عدليه جي تحفظ جي ضمانت آئين ڏني آهي ۽ اهم ڪيس هلڻ وقت حڪومت مداخلت ڪري ٿي.