پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي جي وفاقي وزير حاجي غلام محمد بلور چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري چور دروازي بجاءِ جمهوري طريقي سان پاڪستان جو صدر چونڊيو آهي، جيڪڏهن اڄ ملڪ ۾ پنجابي صدر هجي ها ته صورتحال مڪمل طور تي ٺيڪ هجي ها، باقي سنڌي صدر کي ڪير برداشت ڪرڻ وارو ناهي. پشاور ۾ ڪارڪنن جي جلسي کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته بندوق جي زور تي آيل صدر کي ماڻهن 11 سال برداشت ڪيو پر ووٽ ذريعي چونڊيل صدر کي برداشت نه ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي. هن چيو ته جيڪڏهن سمورا ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪن ته ڪنهن به قسم جو جهيڙو نه ٿيندو. جيڪڏهن اسان جي حڪومت کي آئيني مدو پورو ڪرڻ موقعو نه ڏنو ويو ته پوءِ ايندڙ ڪا به حڪومت مستحڪم نه رهي سگهندي. هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم مئل گهوڙو آهي، پنجاب اسيمبلي ڀلي ٻيون 10 قرادادون پاس ڪري ان لاءِ ڪجهه به نه ٿيندو. اسان پنهنجي موقف تي قائم آهيون. پٺاڻن جي هوندي ڪالاباغ ڊيم نه ٺهي سگهندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ جمهوري حڪومتن کي مشڪل سان برداشت ڪيو ويندو آهي. عوام جي ووٽ کان چونڊيل حڪومتون اڃان عوامي ڀلائي وارا ڪم ڪرڻ جي رٿابندي ڪرڻ شروع ڪنديون آهن ته سازشي ماڻهو نانگن جي ٻرڙن مان نڪري ان جي خاتمي لاءِ هڻ هڻا شروع ڪري ڇڏيندا آهن. هن چيو ته پيپلزپارٽي وارن جمهوري جي بحالي لاءِ پنهنجي رهبر شهيد بينظير ڀٽو جي قرباني ڏني، صدر آصف علي زرداري پختونن جي پنجاهه سالن کان پراڻي مطالبي تي عمل ڪري کين سندن قوم جي نالي جي سڃاڻپ ڏني ۽ ان جو احسان پختون سڄي زندگي وساري نه سگهندا.
جواب: پنجابي صدر هجي ها ته سڀ ٺيڪ، پر سنڌي صدر کي ڪير برداشت ڪرڻ وارو ناهي: بلور
ادا سلمان۔۔۔۔ بلور صاحب 100 سيڪڙو سچ پيو چوي۔۔۔ سنڌ جو صدر، وزير اعظم، چيف جسٽس يا ڪو ٻيو اعلى عهديدار پنجابين کان برداشت نه ٿيندو۔۔۔ صدر صاحب به اها ڳالهه سوچي ڪري امين فهيم جي جڳهه تي گيلاني کي وزير اعظم چونڊيو هو
جواب: پنجابي صدر هجي ها ته سڀ ٺيڪ، پر سنڌي صدر کي ڪير برداشت ڪرڻ وارو ناهي: بلور
سائين توهان دوستن جون ڳالهيون بلڪل صحيح مان اڪثر ڪري اهڙن بحثن ۾ حصو نه وٺندو آهي ان جا ڪافي سبب آهن ،
بهرحال مان هتي صرف ۽ صرف سنڌ بابت ايترو ضرور چوندس ته هن وقت پاڪستان جو صدر سنڌي آهي وزير آعظم سندس چونڊيل آهي سنڌ ۾ وزير اعلى سنڌي آهي ان جي باوجود پاڪستان پيپلزپارٽي کي ڪهڙيون مجبوريون آهن ۽ سنڌي صدر کي ڪهڙيون مجبوريون آهن ؟؟؟
جو انهن جي هوندي سنڌ اندر ، سنڌي ٻوڏ متاثر لاوارث بڻيل آهن انهن جي اها مدد ڪا نه پئي ٿئي جيڪا سندن حق آهي هاڻي توهان سنڌ اندر خيرپور ناٿن شاه شهر کي ڏسو اتي سڃو تعلقو متاثر آهي پر امداد ۽ راشن صرف شهر وارن کي ملي پيو ٻهراڙي وارا علائقه جنهن ۾ بُگ ٻرڙا اچي ٿو سڄو تباه ٿئي ويو آهي انهن کي وطن ڪارڊ بلاڪ ڪيو ويو آهي ؟؟
سنڌ اندر روڊ رستا ڏسو ٽوٽل ون ٽو آل تباه لڳا پيا آهن ، ڊرينيج جو سڄو انتظام تباه ٿيل آهي ،
توهان سنڌ اندر بي روزگاري کي ئي ڏسو ته سنڌ اندر بي روزگاري جي ڪري ڪيترا ذهين شاگرد خوڪشيون ڪري رهيا آهن ،
آخر صدر صاحب يا وري وزير اعلى سنڌ انهن شين تي توجهه ڇو نه پيا ڏين آخر ڪهڙيون مجبوريون آهن انهن کي جو هو اهي اهم مسئلا به حل نه ٿا ڪري سگهن .
جيڪڏهن امداد آيل آهي ته اهي غريبن کي ڇو نه ڏئي رهيا آهن اخر ڪهڙيون مجبوريون آهي جيڪي متاثرا علائقه آهن انهن کي جيڪڏهن ڪجهه ڏوڪڙ ملندا ته انهن کي ڪا تڪيليف ٿيندي ڇا ؟
باقي جيڪڏهن گورنمنيٽ هلي وئي پو۽ چوندا ته سائين پنجاب وارا وڏا ...... آهن سڄي بجيٽ ئي کائي ويا
سائين قهر ٿئي ويو اسان هاڻي وري آيا سين ته هي هي منصوبا مڪمل ڪرائينداسين
هاڻي ته هر شي انهن جي هٿ وس آهي پو۽ ڇو نه اهي منصوبه مڪمل ٿا ڪرائين اهي ڪو اهڙو طريقا ڪار ڇو نه ٿا اختيار ڪن جو ٻوڏ متاثرن جي ڪا بهتر مدد ٿئي سگهي
ڇو نه ٿا ڊرينيج جا مسئلا حل ڪرائين ڇو نه ٿا بي روزگاري جو مسئلو حل ڪرائين
آخر ڪهڙي گورنمينٽ ۾ اچي ڪري هي اهي مسئلا حل ڪرائيندا
ڇا هن گورنمينٽ ۾ هي صرف کيسا ڀرڻ لا۽ آيا آهن ڇا ؟
هن وقت ته ائين ٿيڻ گهرجي ته توهان سنڌ جا آهيو توهان متاثر به آهيو وڌ کان وڌ رليف حاصل ڪريو
توهان جي ايجوڪيشن فري آهي پو۽ اهو غريب هجي يا امير
گورنمينٽ آف سنڌ جي ملازمن جون پگهارون پنجاپ کان وڌيڪ ته نه ٿا ڪري سگهون پر ان جي برابر ڪرڻ جو اعلان ٿا ڪريون
روڊ رستا ٿا ٺهرايون
ڪندا ڪجهه به نه صرف حوال تي گذارو
ڇڏ يا مست وڌيڪ نه ٿو لکان ته وري ڪو ناراض نه ٿئي پئي
جواب: پنجابي صدر هجي ها ته سڀ ٺيڪ، پر سنڌي صدر کي ڪير برداشت ڪرڻ وارو ناهي: بلور
ادا اهو ته بلڪل صحيح آهي پر ،
حڪومت کي مسئلن مان نڪرڻ چنو وڃي ته هو ٻيو ڪو ڪم ڪري نه،
جي هن حڪومت سٺا ڪم گهٽ ڪيا آهن ته برا ڪم به گهٽ ڪيا آهن،
بهرحال هن حڪومت سنڌين لا، وري بي ٻين جي مقابلي ۾ سٺا ڪم ڪيا آهن ،
مشرف جي دور کان نواز شريف جي دور کان ته تمام سٺي آهي ،
باقي هر حڪومت جي پويان روڄ راڙو هوندا آهي ،
فرق صرف اهو آهي ته هن دفعي پنجاب صوبي کي گهڻي تڪليف آهي ،
حالانڪه ڪم وري به پنجاب ۾ گهڻا پيا ٿين پر حڪومت ۾ سنڌي گهڻا آهن ان ڪري،