عرس پريو
سينيئر رڪن
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪرڪيٽ بورڊ جي موجوده چيئرمين اعجاز بٽ جي دور ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ اڻ کٽندڙ بحرانن منهن ڪڍيو آهي ۽ اهي ختم ٿيڻ بدران وڌندا ئي وڃن ٿا. اها علامت ٻڌائي ٿي ته اعجاز بٽ ڪرڪيٽ بورڊ کي صحيح نموني هلائڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي ۽ هاڻي پاڪستان جو ڪرڪيٽ بورڊ توڙي ٽيم مڪمل طور تي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيا آهن ۽ انهن کي ڌٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ غير معمولي قدم ئي کڻڻا پوندا، سو صدر زرداري کي ان ڏس ۾ هنگامي بنياد تي ڪي فيصلا ڪرڻا پوندا ۽ ڪرڪيٽ بورڊ جي موجوده چيئرمين کي تبديل ڪري ڪنهن اهڙي برجستي ماڻهو کي ان عهدي تي مقرر ڪرڻو پوندو جيڪو ٿوري وقت اندر نه صرف ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ٽيم کي بحرانن مان ڪڍي ۽ نه صرف آءِ سي سي جي ڏنل الٽيميٽم تي ڪم ڪري ۽ ڪرڪيٽ بورڊ کي وري بهتر ٽريڪ تي آڻي ٽيم کي ورلڊ ڪپ لاءِ تيار ڪري سگهي.