آءِ سي سي پاران پي سي بي کي مليل الٽيميٽم

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏16 آڪٽوبر 2010۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    آءِ سي سي يعني انٽرنيشنل ڪائونسل آف ڪرڪيٽ پاڪستان کي مهيني اندر پنهنجي ڊومسٽڪ ڪرڪيٽ مان ڪرپشن ختم ڪرڻ جو جيڪو الٽيميٽم ڏنو آهي تنهن بعد پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سرپرست اعليٰ صدر آصف علي زرداري جون اکيون کلڻ گهرجن. جيڪڏهن هاڻي به غفلت جو مظاهرو ڪيو ويو ته هنگامي قدم نه کنيا ويا ته انهيءَ خطري کي رد نه ٿو ڪري سگهجي ته آءِ سي سي ڪرڪيٽ بورڊ تي پابندي نه وجهي ڇڏي.
    انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪرڪيٽ بورڊ جي موجوده چيئرمين اعجاز بٽ جي دور ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ اڻ کٽندڙ بحرانن منهن ڪڍيو آهي ۽ اهي ختم ٿيڻ بدران وڌندا ئي وڃن ٿا. اها علامت ٻڌائي ٿي ته اعجاز بٽ ڪرڪيٽ بورڊ کي صحيح نموني هلائڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي ۽ هاڻي پاڪستان جو ڪرڪيٽ بورڊ توڙي ٽيم مڪمل طور تي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيا آهن ۽ انهن کي ڌٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ غير معمولي قدم ئي کڻڻا پوندا، سو صدر زرداري کي ان ڏس ۾ هنگامي بنياد تي ڪي فيصلا ڪرڻا پوندا ۽ ڪرڪيٽ بورڊ جي موجوده چيئرمين کي تبديل ڪري ڪنهن اهڙي برجستي ماڻهو کي ان عهدي تي مقرر ڪرڻو پوندو جيڪو ٿوري وقت اندر نه صرف ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ٽيم کي بحرانن مان ڪڍي ۽ نه صرف آءِ سي سي جي ڏنل الٽيميٽم تي ڪم ڪري ۽ ڪرڪيٽ بورڊ کي وري بهتر ٽريڪ تي آڻي ٽيم کي ورلڊ ڪپ لاءِ تيار ڪري سگهي.
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: آءِ سي سي پاران پي سي بي کي مليل الٽيميٽم

    ادا مان پاڪستان جي اڳوڻي ڪرڪيٽرن جي انهن ڪمينٽس سان متفق آهيان ته ”موجوده ڪرڪيٽ بورڊ جي هجڻ‌دوران هڪ مهينو ته ڇا 30 هفتن جي به مهلت ڏني وڃي تڏهن به انهن تي اثر نه پوندو ۽ معاملات ڪڏهن به درست نه ٿيندا“ واحد حل اهو آهي ته بٽ سميت مٿانهين عهدن تي مقرر ڪيل سڀني عهديدارن کي هٽائي ڪرڪيٽ دوست انتظاميه آندي وڃي۔۔۔ نه ته ٻي صورت ۾ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم تي پابندي لڳڻ‌ ۾ دير نه ٿيندي“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو