”سچل سرمست جي شاعري جو مختصر جائزو“

'سنڌي شاعري' فورم ۾ زاهد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏13 جون 2009۔

  1. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    369
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ”سچل سرمست جي شاعري جو مختصر جائزو“​


    سچل سرمست جي شاعري معنى، مفهوم ۽ فني لحاظ کان ڪنهن به طرح دنيا جي وڏن شاعرن جي شاعريءَ کان گهٽ نه آهي. سندس شاعريءَ ۾ خاص ڳالهه اها آهي ته هن هر ڳالهه کليءَ طرح چئي ڇڏي آهي ۽ ان ۾ تمام گهڻو بي باڪ ٿي ويو آهي .بقول ڪنهن شخص جي ته ” جيڪڏهن شاه ڀٽائي جي شاعري ڪڪر ۽ مينهن آهي ته سچل سرمست جهنگ کي باهه آهي.

    سچل سائين جي شاعريءَ جي صرف ٻن پهلوئن جو مختصر جائزو.......

    سچل سرمست جي صوفيانه شاعري:

    سچل سرمست به انهيءَ راهه جو راهي آهي. جنهن تي شاهه عنايت، شاهه ڪريم ۽ شاهه لطييف هلي چڪا آهن. پر هڪ ڳالهه م انهن سڀني کان مختلف آهي انهن سڀني تصوف جون رمزون مام ۾ چيون آهن، پر سچل سرمست بنا ڪنهن رک رکاءَ جي وڏي واڪي چئي ڏنيون آهن. شاهه لطيف پيشنگوئي ڪئي هئي ته جيڪا ڪُني اسا چاڙهي آهي ان جو ڍڪڻ هي لاهيندو، پر جڏهن ڍڪڻ لاهڻ جو وقت آيو ته سچل سرمست ڍڪڻ ته ڇا پر ڪُني به ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏي. تصوف جي نشي ۾ ايترو ته مست ٿي ويو جو سندس ڪافر هجڻ جون فتوائون به جاري ڪيون ويون.

    جيڪي شريعت جي پيروي ڪندڙ هوندا آهن. اهي خدا تعالى جو راضپو حاصل ڪرڻ لاءِ جسماني عبادتون ڪندا آهن. پر اهل تصوف، پرين کي پسڻ لاءِ روحاني عمل مان گذرندا آهن ۽ ان وقت ”ڪفر ۽ اسلام“ ”دين ۽ بي دين“ جي فرق کي مٽائي ڇڏيندا آهن. اها ڳالهه شاهه لطيف به چئي آهي پر ڏاڍن لڪل لفظن ۾. سچل سرمست انهيءَ ڳالهه کي وڏي واڪي بيان ڪندي چوي ٿو.

    اتي ڪفر نه اسلام آهي سڀن کي سلام،
    ڪڏهن ڏسي ڪينڪي، اهو آرنڀو آرام،
    مذهب مور نه مڃيان، آئون مشرف منجهه مدام،
    قيد ڀڃي ظاهر ٿيان، آئون جاري پيان جام،
    هادي سائين پاڻ، سچوءُ کي عشق ڪيو انعام​

    سچل سرمست نظريه وحدت الوجود زبردست حامي هو. سندس خيال ۾ هن ڪائنات ۾ صرف هڪ ئي وجود آهي، هي جيڪا وجود جي ڪثرت نظر اچي ٿي، اها اصل ۾ هڪ ئي وجود جا مختلف روپ آهن. اهو هڪ ئي وجود هر هنڌ حاضر ۽ ناظر آهي ۽ سندس شان اعلى ۽ اتم آهي. سچل سائين چوي ٿو:

    الله الله ڇو ڪرين، پاڻ ئي الله ڄاڻ،
    ”سچو“ سائين هڪڙو، ناهي شڪ گمان​

    سچل سرمست جي خيال ۾ واحد وجود پنهنجو روپ بدلائي هن ڪائنات جو روپ اختيار ڪيو. ۽ اهڙي طرح پنهنجي جلوي کي ظاهر ڪيائين. سچل سرمست انهيءَ وجود کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو:

    ڀول نه ٻي ڪنهن ڀل، تون ته آدم ناهين،
    لڪيو ٿو لاتون ڪرين، جيئن باغ اندر بلبل.​

    سچل سرمست پاڻ کي به انهيءَ ازلي وجود جو حصو ٿو سمجهي ۽ پنهنجو پاڻ کي ٻيو ڪجهه سمجهڻ لاءِ تيار نه آهي. هو نوري ۽ ناريءَ جي چڪر کان پاڻ کي بچائيندي چوي ٿو.

    آهيان آئون اسرار، جيڏيون مونکي ڪير ٿيون ڀانئيون،
    نوري ناري ناهيان، آهيان رب جبار

    ٻانهون ڀانءِ مَ پاڻ، تون ئي مالڪ ملڪ جو،
    ”لاخير في عبد“، اهو اٿئي اهڃاڻ.​

    سچل سرمست، حسن بن منصور حلاج کان تمام گهڻو متاثر هو ۽ سندس نظريي ”اناالحق“ کي تمام گهڻو ڳايو اٿس. حسن بن منصور حلاج کي هڪ دفعي ڪنهن چيو ته، ”تون پيغمبري جي دعوى ٿو ڪرين؟ منصور کيس جواب ڏنو، ”افسوس جو تو منهنجو شان گهٽايو آهي، آئون ته خدائي جي دعوى ٿو ڪريان!“ سچل سرمست به سندس پيروي ڪندي چوي ٿو:

    اهو ڪم ڪريجي جنهن وچ الله آپ بڻيجي،
    مار نعارا انا الحق دا، سولي سر چڙهيجي،
    وچ ڪفر اسلام ڪڏاهان، عاشق تان نه اڙيجي،
    سبحاني مان اعظم شاني، سچو سر سليجي.​

    يعني آئون اهو ئي حق آهيان ۽ منهنجو شان اعلى آهي.

    سچل سرمست عشق کي انساني زندگي لاءِ تمام اهم ٿو سمجهي ۽ چوي ٿو ته عشق انسان جو رهبر آهي جيڪو کيس ذات حقيقي تائين پهچائي ٿو. انسان کي جيڪڏهن ڪنهن رهبر جي ضرورت آهي ته اهو عشق ئي آهي. فرمائي ٿو:

    عشق هي امام ميرا، ديگر امام ڪيا هي،
    ميخانه مين هوا، جرعه يا جام ڪيا هي،
    بغير عشق دي، ڏوجها ڪوئي ڪمال نهين،
    نهين جو عشق، ته اي دوست تيڏا حال نهين.​

    عشق حقيقيءَ ۾ عاشق کي هر قسم جي قرباني ڏيڻي پوي ٿي. ايتريقدر جو عشق جي باهه ۾ سڙي خاڪ به ٿيڻو پوي ٿو. سچل سرمست انهن عاشقن جي خاڪ پنهنجي اکين ۾ به وجهڻ لاءِ تيار آهي. چوي ٿو:

    خاڪ عاشق دي اکيان وچ، سرمه جوڙڪي پويسون
    عاشق سو جو سرمه ٿيوي، ڳالهه اهين دي ڪيهي ايهي عجب جيهي.​

    اهلِ تصوف وٽ دنيا جون ظاهري ريتون ۽ رسمون ٽوڙڻ تمام ضروري آهن. دنيا سان گڏ هلڻ وارو شخص ڪڏهن به ذاتِ حقيقي کي سمجهي نه ٿو سگهي. شريعت ۾ آهي ته انسان خدا جو ٻانهو آهي. پر سچل چوي ٿو:

    ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون، مرد ٿئين مردانو،
    وهم سچل ڪڍ ٻانهپ وارو، شملو ٻڌ سهانو.​

    سچل سرمست به ٻين عارفن وانگر ظاهري علم کي ناقص چيو آهي. جيڪي ماڻهو رڳو ڪتاب کڻي ويٺا فتوائون ڏيندا آهن، انهن کي مشورو ڏيندي چوي ٿو:

    قاضي ساڙ ڪتابان ڪون هڻ، مرشد ايوين فرمايا،
    آپ سڃاڻ ته تون ڪيا هيئن، عرف نفسه پر جهايا،
    ”سچل“ راه ڪفر دا سانون، مرشد آپ بتايا.

    قاضي مين سچ آکان تينون، ڇوڙ مسائل مصلا،
    آءُ پيوين هڪ سرڪي مئه دي، مول نه ٿيوين مُلا،
    ”سچل“ جنهن حق حاصل نه آهي، راه ڪون او ڀلا.​

    جڏهن هر طرف حق آهي، جڏهن هر هنڌ حق آهي ۽ جڏهن سڀ ڪجهه حق آهي ته پوءِ ڪيڏانهن وڃڻ جي ضرورت نه آهي. بس ان کي ڏسڻ، پسڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت آهي. سچل فرمائي ٿو:

    ڪيهي ڪعبي، ڪيهي قبلي، اهي ته سڀ بهاني،
    مين ڪيوين نيت ڪعبي دي ڪران، پير ميڏا ميخاني،
    ”سچل“ آپ سائين فرمايا، ٿيوو حق مستاني.​

    ظاهردارن تي ڪڏهن ڪڏهن ته ايترو ڪاوڙجي پوي جو انهن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ کان به ڪونه ٿو ڪيٻائي. چوي ٿو:

    عشق پيوسي زور زور، ڪٽ مليان دي ٺوڙ ٺوڙ،
    زيران زبران ڪيهان پڙهيوني، هِن حرامي نور نور،
    لِک لِک ڪاغذ ڪتوني ڪالي، هَن ڪتابي چور چور.​

    سچل سرمست ڪيترن کي جڳهين تي خدا سان مخاطب ٿيو آهي. ۽ ڪٿي ته ان کي ميارون به ڏنيون اٿس.

    خدا تعالى کي چوي ٿو ته تون ئي آهين جيڪو ازل کان وٺي روپ بدلائيندو اچين. ڪڏهن پيغمبر ٿي ٿو اچين ته ڪڏهن امت، ڪڏهن عاشق ٿي ٿو اچين ته ڪڏهن معشوق:

    موسى ٿي وت ڪيتوئي ڪشالي، آپ ڪون آپ ڏتوئي ڏکالي،
    عيسى ٿي وت دمه دي نالي، مويان نون ڦير جواندا هئين.
    وچ حلاج دي ڪيتوئي نظارا، ”انا الحق“ دا وت ماريوئي نغارا،
    ايڏون اوڏون ڪر پسارا، آپ ڪون آپ مراندان هئين.​

    سچل سرمست جي حقيقي شاعري پڙهڻ کان پوءِ اسان هن نتيجي تي پهچون ٿا:

    سچل سرمست به شاهه لطيف وانگر نظريه ” وحدت الوجود“ جو زبردست قائل هو.
    ڪائنات جي هر شيءِ خدا جي وجود جو حصو آهي.
    ذات حقيقيءَ کي سڃاڻڻ لاءِ عشق تمام ضروري آهي.
    حق تائين پهچڻ لاءِ ظاهري علم ناقص آهي.

    سچل سرمست جي مجازي شاعري:

    انسان جو سونهن سان ازلي ناتو آهي. سونهن چاهي قدرتي نظارن جي هجي يا محبوب جي جوڀن جي، انسان هميشه انهيءَ تي مست رهيو آهي. سونهن کان سواءِ انسان هميشه پنهنجو پاڻ ۾ ڪا کوٽ محسوس ڪئي آهي. ان کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ هو هميشه حسن جي ڳولا ۾ سرگردان رهيو آهي. ۽ جڏهن حسن ملي ٿو وڃي ته ان جو لازمي نتيجو عشق ئي نڪرندو آهي. ڇو ته عشق، حسن جو ردِ عمل آهي. جڏهن حسن پنهنجو وار ڪري ٿو ۽ انسان عشق جي پنڌ جو پانڌيئڙو بنجي ٿو ته هن دنيا ۾ ڪيئي تبديليون اچن ٿيون. انسان جي زندگي سان لاڳاپيل سڀئي لطيف فن، عشق ڪري ئي وجود ۾ اچن ٿا. اهو عشق ئي آهي جيڪو انسانن کي شاعر، سنگ تراش، مصور، سنگيت ڪار، فنڪار وغيره بنائي ٿو. اهو ئي آهي. جنهن جي ڪري قومن جون ثقافتون وجود ۾ اچن ٿيون. اهو عشق ئي آهي جنهن جي ڪري ڪيتريون ئي معاشرتي تبديليون اچن ٿيون. عشق، انسان کي کلڻ ۽ روئڻ سان گڏ جيئڻ به سيکاري ٿو ۽ انسان جي دل ۾ گداز پيدا ڪري ٿو ۽ اهو ئي گداز شاعري جو سبب به بڻجي ٿو.
    اها سونهن، اها سوڀيا، اهو عشق جو درد ۽ فراق، آهي هجر ۽ وصل جون راحتون، اهي سڙڻ ۽ پچڻ جا تجربا، مطلب ته اهي سڀ وارداتون جيڪي عاشق تي ٿين ٿيون، اهي شاعري جو روپ وٺي، ٻين انسانن کي به انهن جهانن جو سير ڪرائينديون آهن.

    سچل سرمست جي مجازي شاعري به انهن سڀني ڳالهين سان ڀرپور آهي. سندس سموري ڪلام، خاص ڪري ڪافين ۾ حسن جي تعريف، درد جون دانهون، وڇوڙي جا ورلاپ ۽ عشق جي باهه جا اُلا نمايان نظر ايندا.
    انسان جڏهن مجازي عشق جي آڙاهه ۾ پچي راس ٿئي ٿو. تڏهن هو حقيقي عشق ڏانهن قدم وڌائيندو آهي.

    سچل سرمست به حقيقي عشق جي منزل تي پهچڻ کان اڳ، مجازي عشق جي گهاڻي ۾ پيڙيو ويو، جنهن کيس تمام گهڻو ايذاءُ ڏنو، جنهن جو عڪس اسان سندس شاعري ۾ ڏسي سگهون ٿا.
    مجازي عشق جي شروعات گهڻو ڪري پرينءَ جي جلوي ڏسڻ سان ٿيندي آهي ۽ ان ۾ سڀني کان پهرين، انسان اکين کان متاثر ٿيندو آهي. سچل کي به پنهنجي پرينءَ جي اکين حيران ڪري ڇڏيو:

    انهن جادوگر اکين بيران ڪيوسي،
    انهن نيڻن سندي نارن، حيران ڪيوسي،​

    سچل جڏهن انهيءَ حيرت مان نڪتو ته کيس خبر پئي ته سندس ساه ته سوگهو ٿي چڪو آهي! انهيءَ حقيقت جي انڪشاف سچل کي زار و زار روئڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو:


    چشمن جي چمڪار، ساه منهنجو سوگهو ڪيو،
    ويهي واٽڙين تي، روئان زار و زار
    هوت اچج هيڪار، اڱڻ آسروند جي.​

    سچل جڏهن پنهنجي پرينءِ کي چڱي طرح ڏٺو ته هن کي اها خبر پئي ته اکين سان گڏ ٻي به ڪا شيءِ آهي جيڪا دل کي سوگهو ڪري ٿي:

    اکيان ڪنڍيان، ابرو ڪنڍيان، وال ڀي ڪنڍي ڪنڍي
    ڪڏان ڪڏان ڇٽڪا ڇڙيندي، مارسيه اتون منڍي​

    جڏهن عاشق اکين جي انگ ۾ اڙندو آهي ته هن کي پنهنجي دل تي ڪوئي اختيار نه رهندو آهي ۽ هر وقت پرينءَ جا پور پچائيندو رهندو آهي ۽ سندس ياد جيءُ کي جهوريندي رهندي آهي ۽ ماڻهو پنهنجا سڀ هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيندو آهي:

    حُج ڦٽي ڪيم هاڻي، ماريس تنهنجي ماڻي، الله ڄاڻي،
    ويٺي ڏسان واٽ اوهان جي، آئون ڀُلي ڀاڻي، الله ڄاڻي،
    راتيان ڏينهان يار سڄڻ ميان، تن توئي ڏي تاڻي، الله ڄاڻي.​

    جڏهن عاشق جي دل کسجي ويندي آهي ته سندس سک ۽ آرام ڦٽي پوندو آهي. بي چيني ۽ بي قراري ايتري وڌي ويندي آهي جو اکين مان آب جاري ٿي ويندو آهي. سچل پنهنجي ڪيفيت هيئن ٿو بيان ڪري:

    ڍوليا تو لئه ڍٽ ۾، آئون وتان ويڳاڻي،
    راتو ڏينهان اوتيان پنبڻين مان پاڻي.


    ويٺي ڪڙهان ڪاڪ تي، آڻيندوءِ الله،
    گهڙي اوهان جي ٿي گهران، چت اوهان جي چاه،​

    سچل پنهنجي محبوب جو انتظار به ڪندو رهيو ۽ جدائي ۾ به جلندو رهيو. جڏهن فراق جي ڦٽن جو عذاب سهڻن کان وڌيڪ ٿي ويو ته سچل اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو:

    ڦٽ فراق جا روز ڦٽن ٿا، چاڪ اندر جا روز چڪن ٿا،
    سي ته محبت جون آهن مارون مارون
    درد منجهارون مون دانهون ڪيڙون، عرش عظيم کان لنگهي پار پيڙيون
    يار سچل جو اوڇنگاررون، اوڇنگارون.​

    جڏهن انسان، عشق جي انتها تي پهچندو آهي ته هو پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي. مال ملڪيت، سر ۽ ساهه قربان ڪرڻ سان گڏ هو پنهنجي آزاديءَ به قربان ڪري ڇڏيندو آهي. آزادي، جنهن کي دنيا جي عظمت نعمت چيو وڃي ٿو. اها به سچل جي اڳيان ڪا حيثيت نه ٿي رکي. هن لاءِ سڀ ڪجهه پنهنجو پرين آهي. چوي ٿو:

    ٻانهن جي آئون ٻانهي آهيان، ساري سڀ ڄمار،
    هيءُ سر صدقي توتان، توتئون، سسي ساڻ ڪپار.​

    سچل پنهنجي وقت جو وڏو عالم پڻ هو. هن ٻين علمن حاصل ڪرڻ سان گڏ، انسانن جي تاريخ به پڙهي هئي. سڀ کان وڌيڪ متاثر انهن ماڻهن کان ٿيو هو، جن محبت جي ميدان ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه لٽائي ڇڏيو هو. پنهنجي شاعري ۾ انهن مانجهي مردن جو ذڪر ڏاڍي سوز سان ڪيو اٿس:


    ”ڪيئي سر ساهه ساجن لئي، مٿي سوري سهايا ها،
    ورهه جي واٽ تي ويرن، ڪلهن کئون ڪنڌ ڪپايا ها،
    تني موٽن جو مهڻو هو، وڏي ڪنهن تاوَ تايا ها،
    مٿا ميخاني تي مستن، وٽيءَ جي وٽ وڍايا ها،
    سڻو هن نينهن جي نعري، گهڻن جا سر گنوايا ها،
    ”سچو“ تون صدقي ٿي تن تئون، جن هي رنگ لايا ها.“​

    سچل جڏهن مجازي عشق جو اڻانگو سفر طئي ڪري، حقيقي عشق ڏانهن قدم وڌايو ته هن کي هر طرف محبوب ئي محبوب نظر آيو، هن کي ڪيڏانهن وڃڻ جي ضرورت ئي نه پئي. ورهه ۽ وڇوڙي جا سُور ويندا رهيا ۽ پاڻ طالب جي بجاءِ مطلوب بنجي ويو!


    هِت هُت آهي صُورت منهنجي، ٺاهه نه ڪو پيو ٺاهيان،
    پنهنجو پاڻ ئي سان يار، ”سچو“ ڙي نيهن اهوئي لاهيان.​


    محترم اڪبر لغاري صاحب جي لکيل ڪتاب ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“ تان ورتل.........
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    267
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    واهه ادا واهه تمام بهترين شيئرنگ، سائين سچل سرمست جي باري ۾ مٺا جزاڪ الله۔
     
  3. احسان علي جانوري

    احسان علي جانوري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ميهڙ سنڌ
    تمام زبردست شيئرنگ،
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    743
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا زاهد سومرا تمام زبردست مضمون شيئر ڪيو آهي توهان اهڙن مضمونن سان اصل پنهنجي دل لڳي۔ ادا پيريءَ جي ڪري هاڻي مونکان زياده گهڻي سنڌي ڪمپوزنگ نٿي ٿئي۔ بجلي پڻ 24 ڪلاڪن مان 18 ڪلاڪ گُم هوندي آهي۔ انکان علاوه 15 ڏينهن مونکان پي سي رُسي ويندو آهي۔ مطلب مون وارو وڏو پُٽڙو اهو پي سي پاڻ پنهنجي استعمال ۾ آڻيندو آهي۔ باقي مُنهنجي پرسنل لائبريري ۾ تمام پيارا ڪتاب موجود آهن۔ بس انهن کي پڙهندو آهيان۔ دل چوندي آهي ته اهي بهترين مضمون سنڌ سلامت وارن سان شيئر ڪريان پر اها حسرت دل جو دل ۾ رهجي ويندي آهي۔ شل جواني ماڻين ادا زاهد تمام بهترين شيئرنگ آهي توهان جي
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام پياري شيئرنگ آهي ادا
     
  6. فيضان

    فيضان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 مئي 2009
    تحريرون:
    45
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڍوليا تو لئه ڍٽ ۾، آئون وتان ويڳاڻي،
    راتو ڏينهان اوتيان پنبڻين مان پاڻي.

    ادا زاهد
    حق موجود
    سچو سارو سچ پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي، اسانجي بزرگن جون محنتون ۽ ٻوليءَ جو مٺاس ته اهڙو آهي، جو بس دل ٺار ٺار ٿيو پوي ... اصل يونيورسٽيءَ وارو زمانو ياد اچي ويو ...

    الله اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي ...

    سدائين گڏ
     
  8. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    369
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)

    مهرباني مٺا بلوچ ڀاءُ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دعائن جو طلبگار آهيان۔۔۔ جانيئڙا دعائون ته ڏيندين نه؟؟؟؟؟
     
  9. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    369
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ادا جانوري صاحب pasand ۔۔۔۔ پر جانوري صاحب مان اوهان کي سنڌ فورم تي ڀليڪار چوان ٿو۔۔۔ اميد ته اهڙو ساٿ سلامت رکندا۔۔۔۔ اوهان جي لکڻين جو انتظار رهندو۔۔۔shal judy hujeen
     
  10. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    369
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
     
  11. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    369
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    سائين نثار ابڙو صاحب اوهان جي ٿورائتا آهيون جو اوهان مون جهڙي حقير جي حوصلا افزائي ڪندا آهيو۔۔۔ منهنجي دل باغ بهار ٿي پوندي آهي۔۔ مان خوشي منجهان اصل کلندو آهيان۔۔ ته منهنجي تحرير ۾ سائين ابڙو صاحب، سائين ناز سمون صاحب ۽ ادا سلطان جهڙا، اديب، ڏاها، سالڪ، مون جهڙي کي ايترو مان بّخشيندا آهن۔۔۔ سائين مان محنت ڪندو آهيان، ۽ اهي سڀ شيون ڪتابن تان ٽائيپ ڪري هتي ونڊيندو آهيان۔۔۔ اميد ته اڳتي به اوهان جو ساٿ مون جهڙي حقير سان گڏ هوندو ۔۔۔۔۔

    سائين شال الله آباد رکي۔۔۔۔ آمينshal judy hujeen
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو