• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سپريم ڪورٽ ۽ حڪومت ۾ ڪو ٽڪراءُ ناهي،عبرت 17۔۔10۔2010

حاڪم

سينيئر رڪن
حيدرآباد (رپورٽ:سرفراز وسطڙو) سنڌ جي گهرو معاملن جي وزير ۽ تازو مقرر ٿيل پ پ سنڌ جي سينيئر نائب صدر ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو آهي ته سوا ٽانگا پارٽين جي باقي مرڪز ۾ سموريون وڏيون پارٽيون موجود آهن، ان جو مطلب ته ملڪ جي 80 کان 85 سيڪڙو عوام انهن پارٽين سان گڏ آهي، سپريم ڪورٽ ايتري غافل ناهي جو ملڪ ۾ 85 سيڪڙو عوام خلاف ڪو فيصلو ڏي، سپريم ڪورٽ ۽ حڪومت وچ ۾ ڪو به ٽڪراءُ ناهي، اسان کي عوامي مينڊيٽ مطابق 5 سال پورا ڪرڻ ڏنا وڃن نه ته عوام جي طاقت سان پنج سال پورا ڪري ڏيکارينداسين. اهڙو اظهار هن ڪالهه پ پ سنڌ جي سينيئر نائب صدر جو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو حيدرآباد پهچي سرڪٽ هائوس ۾ پ پ جي هزارين ڪارڪنن جي موجودگي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان، زاهد ڀرڳڙي، سيد علي نواز شاهه رضوي، ڊاڪٽر موهن لال ڪوهستاني، مملڪتي وزير رفيق جمالي، صلاحڪار پرويز انصاري، ضلعي صدر سيد امير علي شاهه هاشمي، سيد ضياءَ عباس شاهه رضوي، ڊاڪٽر تحسين شيخ، خان محمد سهتو، مرزا عاشق بيگ، امان الله سيال ۽ ٻيا موجود هئا. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته منهنجي ڪلهن تي وڏي ذميواري وڌي وئي آهي. تنظيم جي پراڻن دوستن جي دعائن ۽ تعاون جي ضرورت آهي. سنڌ جي وڏي وزير ۽ پ پ سنڌ جي صدر سيد قائم علي شاهه جي تمام گهڻين مصروفيتن ڪري مون کي هيءَ ذميواري ڏني وئي ته جيئن تنظيم کي فعال بڻايان. تنظيمي خالي عهدا ڀرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پنجن سالن جو مينڊيٽ مليو آهي، جنهن مان 25 سيڪڙو وقت مڪمل ڪيو آهي، ايندڙ اليڪشن طرف وڃي رهيا آهيون. اڍائي سالن کان پوءِ اهي اليڪشنون ٿينديون، هن چيو ته تنظيم ۾ ڪجهه عهدا تبديل ڪرڻ جي ضرورت پئي ته اهي ڪارڪنن کي ڏئي پارٽي کي فعال ڪنداسين. ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ يوسي سطح تي ڪارڪن سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ڪارڪنن کان تنظيم جو اصلي ڪم وٺڻ چاهيون ٿا، صرف اخبارن ۾ هينڊ آئوٽ ڏيڻ يا پرچي سان ڪم نه هلندو، ٽن مهينن ۾ سڄي سنڌ ۾ پارٽي کي مضبوط، مستحڪم ۽ فعال پارٽي بڻائي ڏيکارينداسين ۽ ڪم ڪرڻ وارن پ پ جي جانثارن کي پارٽي جا عهدا منتقل ڪنداسين. لکين دوست ۽ ڪارڪن چاهيون ٿا ته پارٽي جو اسٽرڪچر اهڙو هجي، جيئن ڪارڪن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جيان جان ڏيڻ کي پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهن. هن چيو ته شهرن کي روشنين جو شهر بڻائينداسين. اڄ به سائين قائم علي شاهه پ پ سنڌ جو صدر آهي، هو صدر جي ذميواري کان آجو نه ٿيو آهي. پارٽي کي وقت ڏيندو رهندو. هن چيو ته گهرو معاملن جي وزارت هلڻ سان گڏوگڏ پارٽي کي فعال ڪرڻ لاءِ وقت ڏيندس. هن چيو ته وطن ڪارڊ ۾ ڪرپشن ٿي آهي ته ثبوت سان اڃا ڪا رپورٽ سامهون نه آئي آهي پر جيڪڏهن ڪنهن ڪاموري يا پارٽي جي ذميوار ان ۾ ڪا ڪرپشن ڪئي آهي ۽ انهن بابت ڪي ثبوت مليا آهن ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي اٿئون ۽ ان سلسلي ۾ ڪجهه ماڻهو گرفتار به ڪيا آهن. هن چيو ته وطن ڪارڊ کان جيڪي ماڻهو رهجي ويا آهن، انتظاميا کي چيو آهي ته انهن جا نالا شامل ڪيا وڃن. هن چيو ته جانثارن جو تعداد پنجن هزارن کان وڌيڪ هو، هڪ ئي مدي ۾ سڀني کي نوڪريون ڏيڻ مشڪل هو پوءِ به اڍائي هزار جانثارن کي نوڪرين تي لڳايو آهي ۽ جيڪي شهيد ٿيا انهن جي وارثن کي محترمه بينظير ڀٽو پاڻ چيڪ ڏنا هئا. هن چيو ته اسان سپريم ڪورٽ کي اپيل ٿا ڪيون ته قوم جي جذبن سان جن ماڻهن کيڏيو ۽ اربين روپين جو نقصان ڪيو. انهن ماڻهن کي ظاهر ڪري ڪارروائي ڪري اسان به ڪارروائي ڪري رهيا آهيون. باقي اجائي ڊرامي بازي بند ڪئي وڃي. ميڊيا وارا به ڪڏهن استعمال ٿين ٿا، استعمال ٿيڻ کان پاسو ڪن ۽ ماڻهن جي ڏکن سورن کي ختم ڪرڻ ۾ حڪومت جي مدد ڪن. هن چيو ته جيڪڏهن ڪي ماڻهو مون کي ٽارگيٽ ڪري ٽارگيٽ ڪلنگ ختم ڪرڻ چاهين ٿا ته آئون اها قرباني ڏيڻ ۾ فخر محسوس ڪندس. دهشتگردي ڀلي ڪراچي، سکر يا ماتلي ۾ هجي برداشت نه ڪنداسين. هن چيو ته ڪراچي کان سواءِ شايد ئي ملڪ جي ڪنهن وڏي شهر ۾ غير ملڪي پرڏيهي غير قانوني رهندا هجن. هن چيو ته اسان 34 ٽارگيٽ قاتل پڪڙيا آهن ۽ 200 خودڪش ڌماڪا ڪندڙن کي پڪڙيو آهي. مان اڄ سڪون سان نٿو سمهي سگهان پر پوءِ به امن امان جي حوالي سان مطمئن آهيان. فوج کي منهنجي يا ڪنهن شخصيت جي خواهش تي نٿو گهرائي سگهجي. ڇاڪاڻ ته فوج تي وڏي ذميواري آهي، ان کي ڪنهن ڪيبن تي نٿو بيهاري سگهجي، باقي اليڪشن ڪميشن چٺي لکي آهي ته فوج کي ڪراچي ۾ ٽن ڏينهن لاءِ چوڪس رکيو وڃي. اسان اها چٺي ڪور هيڊڪوارٽر ۾ ڪور ڪمانڊر کي اماڻي آهي، هاڻي اليڪشن ڪميشن جي اها ذميواري آهي ته اها اسان کي ٻيهر چٺي لکي ته پهرين چٺي تي عمل ڪيو وڃي ته اسان وري اليڪشن ڪميشن ڏانهن چٺي رواني ڪنداسين. ان لاءِ ڪي به ٻه رايا ناهن، باقي آئون سمجهان ٿو ته ڪراچي پوليس ۽ رينجرز پنهنجي ذميواري صحيح نموني نڀائي رهي آهي. جيڪو فوج، جمهوريت، پاڪستان ۽ انسانيت جو دشمن بڻجي کيڏي رهيو آهي. ان کي اسان غيرتمند ۽ اصول پرست پاڪستاني منهن ڏئي رهيا آهيون. حڪومت ۽ فوج محاذ ڇڏي ڀڳي ناهي، عام ماڻهن جو فرض آهي ته اهڙا اجتماع جتي تخريبڪاري ۽ دهشتگردي جو خطرو هجي، انهن اجتماعن کان پاسو ڪن. سيد قائم علي شاهه جو عمري تان واپسي کان پوءِ پ پ سنڌ ڪائونسل جو اجلاس ٿيندو، جنهن بعد هو ضلعن جو دورو ڪري تنظيم سازي ڪندو. منهنجي اک بند ٿيڻ تائين به پ پ جو ڪارڪن سڏائيندو رهندس. پارٽي جي ڪن اڳواڻن تي ڪي الزام آهن ته ٽن مهينن کان پوءِ اهي الزام پاڻمرادو ختم ٿي ويندا. جيڪي اتحادي حڪومت ۾ ويٺا آهن، انهن ۾ ايم ڪيو ايم، اي اين پي، فنڪشنل ليگ، اين پي پي ۽ ڪجهه ارباب گروپ جا ماڻهو شامل آهن، ان حساب سان اسيمبلي ۾ سڀ اتحادي آهيون ۽ سڄي سنڌ هڪ ٻئي جي اتحادي آهي، ڪو به هڪ ٻئي جو مخالف ناهي. امن امان جو مسئلو ڪٿي به ٿئي، سڀني پارٽين جي گڏيل ذميواري آهي ته امن جي قيام لاءِ گڏجي جاکوڙين. ٽارگيٽ ڪلنگ وڏو مسئلو آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ صرف ڊاڪٽر ذوالفقار جي نه پر سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. ڪراچي ۾ ڊبل سواري تي پابندي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته ٻوڏ دوران ٻوڏ متاثرن مان انهن يتيم مائرن، ڀينرن ۽ مسڪين ماڻهن کي ڪراچي حيدرآباد ۾ رهائڻ جو اعلان ڪيو هو، جن لاءِ شهيد راڻي بينظير ڀٽو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي جان جي قرباني ڏئي ڇڏي، ٻوڏ متاثرين کي صدر آصف زرداري جي واعدي مطابق پلاٽ ڏينداسين. ان تي ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ اهڙو ڪو ڪم نه ڪنداسين، جنهن سان مسڪين ۽ يتيم ماڻهن جا هزارين روپيا ڪير ڦٻائي سگهي.
 
جواب: سپريم ڪورٽ ۽ حڪومت ۾ ڪو ٽڪراءُ ناهي،عبرت 17۔۔10۔2010

ائين ڳالهين ۾ پنج سال نڪري ويندا هر ميٽنگ ۾ توهان جي اهيا ڳالهه ٻوله آهي ته پنج سال ڪئين پورا ڪجن باقي سنڌ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ڪنهن کي خبر ناهي ............. منهنجي شهر ڏهرڪي ۾ جيڪا روڊ ٺهيا آهن انن ۾ صرف پٿر ويڇائي ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي ائين سنڌ جا ڪيترا شهر هوندا جيڪي بربادي جو ڏيک ڏئي رهيا هوندا جيئي پي پي پي
 
Back
Top