ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
سنڌ جي قوم پرست تحريڪ ۽ اسان جون ذميواريون
سنڌ، معنٰي وڏي ميداني خوشبوءِ واري خوبصورت زمين ” جڏهن قديم سنڌ جون حدون لکيون وڃن ته ان ۾ نه فقط ڪڇ، قنوج، مٿرا، ڪشمير، ڪابل، قنڌار، غزني، مڪران لکيا وڃن، پر حقيقت ۾ قديم سنڌ پوري هندستان سميت تبت جو حصو، افغانستان جون هيٺيون حصو، ايران جو هيٺاهون حصو، عراق ۽ شام سان گڏ سعودي عرب جو ڪجهه حصو، جنهن ۾ بحرين شامل آهي، اهو سمورو علائقو سنڌ ۾ شامل هجي، جنهن کي سنڌ ماٿر چيو وڃي ٿو.“ ۽ هن جي تهذيبي ڄمار پنجاهه، سٺ هزار سالن کان به پراڻي آهي. ماضي هن ڳالهه جي شاهد آهي ته ”سنڌ جي تهذيب کي دنيا جي تهذيبن مان اول ۽ بهترين تهذيب چيو وڃي ٿو“ اها عظيم سنڌ جنهن جي باري ۾ ڪن عالمن جو رايو آهي ته انسان پهرين ئي پهريان هن سرزمين تي پيرن ڀر هلڻ شروع ڪيو. بيشڪ تهذيب ۽ تمدن جو سرچشمو جنهن مان سڄي دنيا سيراب ٿي علم ۽ عرفان جي وسعت ۾ قدم رکندي اڳتي وڌندي وئي سو هن تاريڪ خاڪدان جو مرهون منت آهي جنهن کي سنڌوندي سڏيو وڃي ٿو. سنڌ جون اوائلي حدون جيڪي مٿي ٻڌايو ويون آهن پر ويجهي ماضي ۾ جڏهن سنڌ تي هاڪاري ۽ بهادر حاڪم مهاراجا ڏاهر جي حڪومت هئي تڏهن به سنڌ جون حدون ديبل کان ڪشمير، ڪڇ، گجرات، مٿرا، سورت ۽ افغانستان جي هيملد، توران ۽ ڪيڪا نان تائين هيون. برهمڻ خاندان جي اسي ساله دور حڪومت کي امن، آزادي ۽ خوشحاليءِ جو دور لکيو وڃي ٿو. ان ئي دور ۾ سنڌ جي قوم پرست تحريڪ ايڏي سگهاري هئي جو اها پنهنجي دور جي طاقتور عالمي سامراج جي حيثيت رکندڙ عرب سامراج سان مظلومن جي مددگار ۽ ٻانهن ٻيلي ٿي ٽڪراءُ ۾ اچي ٿي. جيئن ته عرب (سعودي عرب) هڪ ريگستاني جابلو رڻ پٽ هو. ان زماني ۾ عربن جو گذارو مال چارڻ کانسواءِ ٻيو ڪو ذريعو ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. تنهن ڪري هنن خلافت جو ادارو ٺاهي اها سوچ پيدا ڪئي ته غريب بيروزگار عربن لاءِ سندن روزگار جا ذريعا ڳوليا وڃن. اسلامي حڪمرانن اسلام جي پکيڙڻ واري پرچار جي نالي ۾ سرسبز ۽ شاداب ملڪن جن ۾ سنڌ اول درجي تي هئي. ان تي اسلام جي نالي ۾ جنگيون ڪري قبضو ڪري اتي جي رعيت کي ڦري، ان ڦرلٽ واري مال کي غنيمت جو مال قرار ڏئي بک ۽ افلاس ۾ گذاريو ڪندڙ عربن جي فائدن ۾ استعمال ڪرڻ هيو. سنڌ کي فتح ڪرڻ جو حڪم به ان سلسلي جي ڪڙي هئي.
پيغمبر صلعم جي ئي ملڪ ۾ موجود سندس هڏ رت ڏوهٽاڻ سان اتان جا عرب اهو سلوڪ ڪن ٿا جو امام عالي مقام سان ڪل ٻاهتر ماڻهو بيهن ٿا. جن ۾ به ڪجهه نج سنڌي آهن. جڏهن ته ان وقت سنڌ جي حاڪم امام حسين عه کي چوائي موڪليو هو ته کيس يزيد آرام سان رهڻ نه ٿو ڏئي ته هو سنڌ ۾ اچي آرام سان رهي. چون ٿا ته امام حسين يزيد جي عملدارن کي به چيو هو ته کيس سنڌ وڃڻ لاءِ اجازت ڏين. محمد بن علافي جيڪو امام صاحبن جو ايلچي بڻجي سنڌ آيو هو ۽ پوءِ حجاج بن يوسف جي ظلم کان تنگ ٿي سنڌ ۾ راجا ڏاهر وٽ اچي پناهه ورتي هئائين تنهن کي راجا ايتري عزت ۽ تعظيم ڏني جو ملڪ ۾ رائج سڪي جي هڪ پاسي تي سندس تصوير اڪرائي. (افسوس جو عربن سنڌ تي اڳ ڪيل حملن ۾ ڪا ڪاميابي نه ماڻي هئي پر جڏهن محمد بن علافي جنهن کي راجا ڏاهر پنهنجي فوجين جو سپه سالار پڻ بڻايو هو تنهن مان لڳي ٿو ته عربن کي درياءَ اڪرڻ جو فن سيکاري عربن کي ڪاميابي سان همڪنار ڪيو. يعني سنڌ کي وفا جو اهو سلو مليو.) راجا ڏاهر جي مظلومن جي مدد واري ڪردار تي مڇرجي آخر سترهين حملي ۾ سنڌ تي قبضو ڪري ان کي عرب سامراجيت جي تسلط هيٺ آڻي غلاميءَ جي اونداهيءَ ۾ ڌڪي ڇڏيو ۽ سنڌ جي سماجي معاشرتي ترقيءَ کي ڪاپاري ڌڪ رسيو. پر اها سنڌ جي تهذيبي شڪتي هئي جنهن ڪري عربن جي اٽڪل ٽي سئو ٽيهه سالا غلاميءَ ۾ رهڻ بعد سنڌ ۾ ننڍيون ننڍيون قبائلي حڪومتون ٺهڻ شروع ٿي ويون. جنهن جي منظم صورت سومرن جي مڪمل حاڪميت 1051ع ۾ ”سومرو“ سردار جي صاحبيءَ هيٺ شروع ٿيڻ سان اختيار ڪئي. سومرن سنڌ تي اٽڪل ٽي سئو پنجاهه سال حڪومت ڪئي. مسلمان ٿيڻ تائين سومرا سوڍا هندو جين ڌرم سان لاڳاپيل هئا. اهڙي طرح سنڌ وري آزاد ملڪ جي حيثيت سان دنيا جي نقشي تي پنهنجي نئين آب و تاب سان نروار ٿي. سومرن کان پوءِ سنڌ تي نج سنڌي سماٽ ۽ قبيلي سمن جي حاڪميت شروع ٿي جيڪا پندرهن سئو ايڪويهه عيسويءَ تائين هلي. سمن جي آخري حاڪم ڄام فيروز جي نااهليءَ ۽ ڌاريا نوازءَ ڪري سنڌ وري پنهنجي آزاد ملڪ واري حيثيت وڃائي ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي گڏيل اٽڪل هڪ سئو اسي سالا ظلم ۽ استبداد جو شڪار ٿي غلاميءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پئي. ارغون ۽ ترخان گهراڻن جي عهد ۾ سنڌ ۾ زبردستي فارسي پڙهائڻ تي زور ڏنو ويو هو. ان دور ۾ ٺٽو علمي لحاظ کان سنڌ جو وڏو مرڪز هو، جتي سنڌيءَ ۾ هر قسم جو درس ڏنو ويندو هو. ان وقت ٺٽي ۾ تعليمي اداري جو سربراهه استاد صالح ٺٽوي نالي هو، جنهن فارسي پڙهڻ يا تعليمي اداري ۾ فارسي پڙهائڻ کان انڪار ڪيو ۽ چار سئو شاگردن به فارسي پڙهڻ کان انڪار ڪيو. جنهن تي وقت جي حاڪم عيسيٰ ترخان جي حڪم تي استاد صالح ۽ چار سئو شاگردن جون زبانو وڍي ڪن کي شهيد ڪري سندن لاش عوام جي عبرت لاءِ چؤواٽن تي ٽنگيا ويا. ڏٺو وڃي ته اهي ان وقت جي قومي تحريڪ جا شهيد هيا. جنهن پنهنجي ريٽي رت سان نه رڳو پنهنجي ٻولي پر وطن جي آزاديءِ جو بچاءُ پئي ڪيو ۽ اڳتي هلي شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي پوٽي ۽ شاهه حبيب جي پٽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه پڻ اهو چيو ته ”جي تون سکئين فارسي ته تون گو لوتان غلام“ (شاهه) اسان کي ڏسڻ ۾ آيو آهي ته قدرت سنڌ مٿان مڙئي سرس ٻاجهاري رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن سنڌ غلاميءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿي آهي ته ان جو رڳو پنهنجي وڃايل آزادي نڇاور ڪيا آهن. جو سنڌ کي غلاميءَ دوران لڳل گهاوَ ته ڀريا آهن پر سنڌي تهذيب ۽ ثقافت کي ايتري قوت ۽ طاقت حاصل ٿي آهي جو سنڌ اڳ کان اڳري ٿي پئي آهي. مثال طور عرب سامراج جي طويل غلاميءَ بعد سنڌ جڏهن آزاد ٿئي ٿي ته ان کي سومرن ۽ سمن جون شاندار حڪومتون نصيب ٿين ٿيون ان دور جي سٺي حڪمراني جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ان دور ۾ رونما ٿيل رومانوي قصن ۽ ڪهاڻين ڀٽائيءَ جهڙي شاعر جي ذهني علمي ۽ روحاني پرواز کي پر فراهم ڪيا آهن. سهڻو لال لطيف ان دور جي خوشحالي ۽ امن جو بيان ڪجهه هن طرح ڪري ٿو.
”اڱڻ تازي ٻاهر ڪنڍيون پکا پٽ سونهن
سرهي سيج پاسي پرين مَرُ پيا مينهن وسن
اسين ساڻ پرين هجون برابر ڏينهڙا.“ شاهه
ڀٽ جي گهوٽ ۽ شاعرن جي سرتاج ۽ دنيا جي سڀ کان وڏي شاعر ان ماحول جي عڪاسي هن بيت ۾ ڪجهه هن طرح ڪئي آهي.
” نه ڪاجهل نه پل نه ڪو رائر ڏيهه ۾
آڻيو وجهن آهرين روڙيو رتا گل
مارو پاڻ امل مليرونِ مرڪڻو.“ شاهه
هادي لطيف سنڌ، سنڌي سماج ۽ سنڌي تهذيب کي ايڏا ته مضبوط بنياد فراهم ڪيا آهن جو سنڌي قوم منجهان ارغون، ترخان ۽ مغلن جي هڪ سئو اسي سالا دور غلاميءَ جو قباحتون ختم ٿيون پر سورهن سئو ٻارنهن عيسويءَ ۾ دائود پوٽن جي سنڌ جي مٿئين حصي تي آزاد حڪمراني شروع ٿئي ٿي جيڪا ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ايامڪاريءَ ۾ مڪمل سنڌ تائين ڦهلجي وڃي ٿي. سنڌ جو اهو دور ايڏو ته شاهوڪار هو جو سنڌ ماڻهو مکڻ، ماکي ۽ اڦراٽن سان نيرنون ڪندا هيا ته مانجهاندا مڇين ۽ گوشت سان ته رات جو اهي کير جا وٽا ۽ سڳداسي چانور کائيندا هيا. ان دور ۾ سنڌ جي آدم شماري ٻه لک ۽ آباديءَ لائق زمين ٽيهه لک ايڪڙ هئي. اڳتي هلي بلوچن سان مان ڪلهوڙو پاران مقرر ڪيل ٽالپر فوجين ڄڻ ته اڄ جي حساب سان (مارشل لا) لاڳو ڪري ڪلهوڙا حڪومت خلاف فوجي بغاوت ڪري ڪلهوڙن جي حڪومت جو خاتمو آڻي پاڻ بادشاهه ٿي ويٺا. بلوچن جيتوڻيڪ ڪراچيءَ کي سنڌ سان ملايو پر هنن بنيادي غلطي اها ڪئي جو سنڌ کي هڪ رياست ۽ هڪ ملڪ ڪري هلائڻ بدران ٽن رياستن ۾ ورهائي سنڌ جو ڪاروهنوار هلايو. پر عملن ٿيو ائين جو هر رياست جو ٽالپر حاڪم ٻي رياست جي ٽالپر حاڪم جون پاڙون کوٽيندو رهيو ۽ اهي هڪ ٻئي خلاف (خاص ڪري خيرپور رياست ) انگريزن جي مدد ۽ مخبري جي آباد ڪرايل زمينن کي شڪار گاهن ۾ تبديل ڪيو پر پوءِ به سنڌ جي پيدائش ايتري هئي جو سنڌي ماڻهو خوشحال هيا. ٽالپر حاڪمن جي ان نااتفاقي ۽ سنڌ جي هڪ مرڪز واري اتحاد جي کوٽ ڪري سنڌ جي ان وقت جي قومپرست تحريڪ لاءِ تمام نقصانڪار عمل هيو. جڏهن ته عالمي ليول تي ان وقت انگريز جهڙي مڪار، چالاڪ ۽ فاسٽ سامراج جي ڀرپاسي ۾ موجودگي ٽالپرن کان ان عمل جي تقاضا پئي ڪري ته اهي سنڌ کي نه رڳو چوڪس رکن پر ان کي اتحاد ۽ اتفاق (جيڪو سماٽ ۽ بلوچ، هندو ۽ مسلم جي بنياد تي سنڌي قوم کي ڄڻ ته ورهايو ويو هو) جي سخت ضرورت هئي. انگريز جيڪي ڪلهوڙن جي ايامڪاري ۾ سنڌ ۾ واپاري ڪوٺي قائم ڪرڻ کان پوءِ ٽالپرن جي دور ۾ ان واپار کي وسيع ڪري چڪا هئا پر وڏي چالاڪي، حرفت ۽ طاقت سان هندستان جي ملڪن تي قبضو ڪري غلام بڻائيندا ٿي آيا جنهن جو انت 1843ع ۾ ٽالپرن سان هڪ مختصر جنگ، (جنهن ۾ هوش محمد شيديءَ پاڻ تمام گهڻو ملهايو) ۾ انگريزن سنڌ جي آزاد، خودمختيار وطن ۽ ملڪ واري حيثيت کي ختم ڪري برطانوي سامراج جو حصو بڻائي ڇڏيو. جڏهن ته ستت ئي يعني 1847ع ۾ سنڌ جي وطني ۽ صوبائي حيثيت کي ختم ڪري ان کي بمبئي پريزيڊنسيءَ جو حصو بڻائي ڇڏيو. (هلندڙ)
ان عمل سنڌ جي سماجي ۽ معاشي ترقي کي ونگ وجهي هڪ هنڌ جا مِدُ ڪري ڇڏيو. جيتري قدر اسان کي علم آهي ته انگريزن طرفان سنڌ جي انتظامي حيثيت کي گهٽائي ڊويزن جو درجو ڏئي بمبئي ريزيڊنسيءَ سان ملائڻ جو مکيه مقصد هو سنڌ جي ترقيءَ جي رفتاري کي روڪڻ. ڇو جو هنن کي سنڌ جي وڻجارن مان اهو خوف هيو ته جيڪڏهن انهن کي ترقيءَ جا وافر ۽ آزاد موقعا ميسر ڪري ڏبا ته هي واپاري لحاظ کان سڄي دنيا تي پنهنجو ڌاڪو ڄمائي تمام گهڻو اڳتي نڪري ويندا. ۽ سنڌ دنيا ليول تي هڪ وڏي معاشي سو به پرامن بنيادن تي طاقت ٿي اڀري ها. جيڪو انگريزن نه ٿي چاهيو. ڇو ته ائين ڪرڻ سان سندن سامراجي مفاد مليا ميٽ ٿي وڃن ها. هونءَ به ڏٺو ويو آهي ته سنڌين پنهنجون ذهني صلاحيتون پنهنجي جائز رزق ۽ روزيءَ ڪمائڻ سان گڏ دنيا جي امن، ڀلائي، ڀائيچاري، سلامتي ۽ گڏجي ٽڪر ڀور کائڻ لاءِ استعمال ڪيون آهن. نه ڪي ڪن ٻين (ڊچن) يوريو گيزن، فرينچن ۽ انگريزن وغيره) وانگر واپار جي آڙ ۾ قبضي خوري ۽ سامراج ٺاهڻ لاءِ پنهنجي صلاحيتن جو استعمال ڪيو آهي. جي ائين هجي ها ته اڄ سنڌ سڄي دنيا تي قابض هجي ها ڇو ته دنيا جون قومون جڏهن تهذيبي لحاظ کان اڃا ٻال اوستا ۾ هيون ۽ بانبڙا مس پائي رهيون هيون تڏهن سنڌين تهذيبي ۽ تمدني لحاظ کان دنيا جي امامت پئي ڪئي. انگريزن 1850ع ۾ سنڌي ٻولي جي موجوده الفا بيٽ ٺاهي ان کي سنڌ جي سرڪاري ۽ دفتري زبان جو درجو ڏئي ان کي تعليم جي ذريعي طور نافذ ڪيو. 1870ع ۾ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جو جنم ٿئي ٿو. جيڪو اڳتي هلي پيغام سنڌ جو پارکو بڻجي ٿو. اوڻويهين صديءَ جي تڪميل دوران سنڌ ۽ سنڌي قوم غلاميءَ جي گرفت ۾ جڪڙيل هجن ٿا. اهڙي طرح سنڌ ويهين صديءَ ۾ غلاميءَ جي روپ ۾ داخل ٿئي ٿي. سيٺ هر چندراءِ وشنداس جي ذهن ۾ ويهين صديءَ جي شروع ۾ اهي ويچار ويهن ٿا ته ڇو سنڌ کي صوبي جو درجو ڏيارجي. جنهن لاءِ هو ڪوششون شروع ڪري سترهين جنوريءَ اوڻويهه سئو چار عيسويءَ جي سدوري ڏهاڙي تي شاهه حيدر سنائي رحمت الله عليه جي خاندان ۾ سيد محمد شاهه جي گهر هڪ ڪڪي جو جنم ٿئي ٿو جنهن جو نالو غلام مرتضيٰ رکيو وڃي ٿو. جنهن لاءِ اڳتي هلي علامه آءِ آءِ قاضي چوي ٿو ته ”مرتضيٰ جو غلام ٿيڻ دنيا جي وڏي ۾ وڏي شهنشاهي کان بالاتر آهي.“ 1923ع ۾ سنڌ جي صفادل ۽ مرڪز واري هنڌ موهن جي دڙي جهڙي عظيم تهذيب جو ظهور ٿئي ٿو. ان ئي دوران مرشد لطيف تي پڻ عالمي ليول تي تحقيق ٿئي اهي واقعا سنڌ جي قومي تحريڪ کي مضبوط مواد فراهم ڪن ٿا ۽ اپريل 1935ع ۾ سنڌ بمبئيءَ کان ڌار ٿي صوبي جو درجو ماڻي ٿي (اسان جو چوڻ آهي ته اسان جا وڏڙا سنڌ جي صوبائي حيثيت بدران جيڪڏهن ملڪي حيثيت لاءِ جاکوڙ ڪن ها ته اهو عمل اڃا وڌيڪ ڪارگر هجي ها. ) پر ان دوران سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ اتحاد جي ايتري کوٽ نظر اچي ٿي جو هڪ طرف سورهيه بادشهه پير صبغت الله شاهه راشدي جي تحريڪ آهي جيڪا ” وطن يا ڪفن، آزادي يا موت“ جهڙو ۽ لازوال نعرو هڻي انگريز سامراج سان ويڙهه ۾ مصروف آهي پر سنڌ جي پارلياماني سياست مان سواءِ خان بهادر شهيد الهه بخش سومري ۽ سائين جي ايم سيد جي ڪنهن جو به ان ڏانهن نرم گوشو نظر نه ٿو اچي. سنڌ جي اها ايڏي وڏي تحريڪ هونءَ ته سرفروشي ۽ بهادريءَ جي زيور سان سينگاريل نظر اچي ٿي پر اها ذهني، نظرياتي ۽ سائنسي بنيادن جي کوٽ جو شڪار نظر اچي ٿي باوجود ان جي سورهيه بادشاهه پنهنجي ريٽي رت سان سنڌ جي قومپرست تحريڪ جي آبياري ڪري وڃي ٿو ۽ سورهيائي جو مثال قائم ڪندي ڦاهيءَ جي ڦندي کي چمندي پنهنجي ڳچيءَ جو هار بڻائي ٿو. ساڳيو مثال سکر جو هيمون ڪالاڻي قائم ڪري ٿو. جڏهن ته ان وقت جي پارلياماني سياستڪارن جي اڪثريت ان بنياد تي پاڪستان ٺاهڻ جي تحريڪ ۾ حصو ورتو ته اهي پاڪستان جي ذريعي سنڌ جي امن واري پيغام کي دنيا اندر متعارف ۽ لاڳو ڪرڻ جو ذريعو بڻائيندا.
پر عمل جي دنيا ان جي بلڪل ابتڙ ثابت ٿي. پاڪستان جي وفاق هر اصول، مهذبپڻي کي پيرن هيٺ لتاڙيندي هتي جي قديم قومن جو انڪار ڪندي وفاق جي مضبوطي ۽ اسلام جي سربلنديءَ جو نعرو هڻي خاص ڪري بلوچن ۽ سنڌين جي ترقي جون راهون روڪي انهن جي مالياتي ۽ وسلين کي نه رڳو پنجاب جي فائدي لاءِ استعمال ڪيو پر هڪ سامراج پالي ايٽم بم ۽ بارود ٺاهي نه رڳو خطي جي امن کي نازڪ رخ تي آڻي بيهاريو آهي پر قديم قومن کي تاراج بڻائي پاڪستان کي پنهنجي اصل تصور جي ابتڙ نفرت ۽ نفاق جو ڳڙهه بڻائي، بدامني جي اوڙاهه ۾ اڇلائي انسانيت جي قتل جو ڪارڻ ثابت ٿيو آهي. جيئن ته ان وايو منڊل ۾ سنڌ ۽ سنڌي قوم سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي آهي. ان ڪري ئي قومي تحريڪ به نه رڳو اتي وڌيڪ وڌي ويجهي آهي پر ان کي مضبوط نظرياتي ۽ سائنسي فڪري بنياد مهيا ٿيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اها پاڪستان جي وفاق ۾ واڙيل مظلوم قومن جي خاص ڪري نظرياتي طرح هر اول دستي ۽ اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. ڏٺو وڃي ته گذريل صديءَ ۾ سنڌ جيتوڻيڪ غلام شڪل ۾ رهي پر سنڌ جي قومپرست تحريڪ خاص ڪري بنگال جي بنگلاديش ٿيڻ بعد هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي ۽ ان کي سائين جي ايم سيد جي روپ ۾ اهڙي پاڪ باز باڪردار قيادت نصيب ٿي جنهن صدين تي ڦهليل سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون دفعو قومي تحريڪ کي معاشي، تهذيبي، ثقافتي، نظرياتي ۽ سائنسي بنياد عطا ڪري قومي تحريڪ جي وڻ کي بڙ جيان مضبوط بڻايو. عمومن ڏٺو ويو آهي ته ڪن هنڌن تي قومپرستي شائونزم جو روپ اختيار ڪري ڄڻ ته عالمي امن کي تاراج ڪيو آهي پر سنڌ جي قومي تحريڪ جنهن ۾ موهن جي دڙي جي دراوڙ جو درد ۽ دانهن راءِ سهاسي خاندان جي راجائن جي انسان دوستي ۽ پر جا پروري، امر شهيد مهاراجا ڏاهر جي وطن دوستي ۽ سرخوريت، دودي جي دليري، ڄام تماچيءَ جي نهٺائي، نياز ۽ نوڙت، دريا خان جي دليري، مخدوم بلاول جي لازوال قرباني، شاهه عنايت شهيد جو فڪر، مرشد لطيف جون روايتون، هوشوءَ جي هشمت، هيمون ڪالاڻيءَ جي همٿ، پير صبغت الله شاهه راشديءَ جي ارڏائي ۽ سورهيائي، علامه آءِ آءِ قاضي جي علم کان وٺي سائين جي ايم سيد جي ڪيل پورهئي، جهد، جاکوڙ، جستجو، ۽ دل لڳي جو نتيجو آهي جو سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ ئي عالمي امن جو فارمولو سمايل آهي جيئن اسان جي لائق ڏاهي علم جي ڀنڊار حضرت علامه آءِ آءِ قاضيءِ فرمايو آهي ته ”سرزمين سنڌ جي رهاڪن کي مختلف وجوهات جي بنياد تي اتحاد، امن ۽ ترقي لاءِ خاص پيغام پهچائڻ جو منصب رٿيل آهي ۽ اسان کي ان جي سرانجاميءَ لاءِ تيار ٿي ڪم ڪرڻو آهي. مٿي ذڪر ڪيل مقصدن جي حصول لاءِ سنڌ ۾ هڪ مرڪز (خانقاهه يا آشرم) ٺاهي مخلص ۽ قربانيءَ جي مجسمن ۽ راسخ العلم ڪارڪنن کي تعليم ۽ تربيت ڏئي مشنري ٿي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻو هو. سرزمين سنڌ جي رهاڪن کي انسان ذات لاءِ خاص پيغام ڏيڻو آهي. ۽ ان جي ابتدا سنڌ مان ڪرڻي آهي، هتي ئي مرڪز بڻجڻو آهي.“ قاضي صاحب ان مقصد جي حاصلات لاءِ سن ۾ مڪتب کولي سنڌ جي ماڻهن جي اخلاقي، ذهني ۽ نفسياتي اصلاح لاءِ ارادو رکندو آيو. ڪن سببن جي ڪري پاڻ اهو مرڪز برپا نه ڪري سگهيا پر جيڪا هنن تعليم سائين جي ايم سيد کي ڏني ان مان لڳي ٿو ته قاضي صاحب جن پاران اهو ڪم سائين جي ايم سيد جي حوالي ڪيو ٿو ڏسجي. قاضي صاحب جن سائين جي ايم سيد جي ڪردار کان ايترو متاثر ٿيل آهن جو سائين لاءِ هڪ هنڌ هي لفظ ڪتب آندا اٿن ”هن دور ۾ جڏهن ماڻهو روزانو بدلجن، ڦرن، ٿڙن ۽ حالتن مطابق تعلق ڦٽايو ڇڏين، ته تنهن جو مثال غير معمولي پيو نظر اچي، گهٽ ۾ گهٽ آءُ اهو چئي سگهان ٿو ته سنڌ ۾ ڪا هستي آهي، جنهن مون کي نااميد نه ڪيو آهي. اها وڏي اطمينان بخش ڳالهه آهي“ يا هڪ هنڌ هيئن چيو اٿن ته ” مرتضيٰ انشاءُ الله مستقبل جي نسلن لاءِ مثالي ٿي ڏيکاريندو“ قاضي صاحب جن جو پيغام سنڌ کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ سائين جي ايم سيد ۾ ايتريون اميدون هيون جو پاڻ فرمايو اٿن ته ” مون تنهنجي وڏن جو جذبهء دل ۽ روحاني روشنيءَ جي جهلڪ تو ۾ ٻرندڙ ڏٺي آهي. سن انشاءُ الله نور مرتضيٰ جي ڪري وڏو ٿي چمڪندو. سن شريف سنڌ جو مرڪز آهي. جي خدا گهريو ته هڪ ڏينهن پريان پريان جا ماڻهو سن ۽ سنڌو جي زيارت تي ايندا.“ سنڌ جي قومپرست تحريڪ شائونزم بدران لطيفي روايتن سان ڀنڊر آهي ۽ پيغام لطيف ئي پيغام سنڌ آهي جنهن ذريعي دنيا کي امن نصيب ٿيڻو آهي. ان ڪري ئي سنڌ جي قومي تحريڪ جي ڪاميابيءَ ۾ جتي سنڌ جي ترقي خوشحالي جو راز سمايل آهي اتي ئي اها عالمي امن جو پڻ پيش خيمو ثابت ٿيڻي آهي. ڏٺو وڃي ته گذريل صدي ۾ هڪ لحاظ کان سنڌ جي قومپرست تحريڪ کي مضبوط داخلي ۽ خارجي بنياد مهيا ٿيا آهن ۽ ان ئي صديءَ ۾ سائين جي ايم سيد جي روپ ۾ سنڌ جي صدين جي تاريخ جو تسلسل قومي تحريڪ ۾ پيوست ٿيو آهي ۽ ان نظريي جو روپ اختيار ڪيو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ جي قومي تحريڪ پنهنجي منزل يعني آزادي خودمختيار سنڌ جو حصول کڻي نه ڪيو آهي پر اها فڪري طرح پنهنجو قومي دشمن ۽ تضاد سڃاڻي ڄڻ ته گهڻي جنگ کٽي فتح حاصل ڪري چڪي آهي. ڇو ته تحريڪن ۾ دشمن جي سڃاڻپ پڻ اڌ جنگ کٽڻ برابر هوندي آهي. اڄ سنڌ جو قومي تضاد وڌيڪ تيز ۽ چٽو ٿيو آهي. ۽ سنڌ جو قومي دشمن الف اگهاڙو ٿي سنڌي قوم اڳيان چٽو ٿي چڪو آهي. اهڙين حالتن ۾ سنڌي قوم جي فرزندن کان سمورن سنڌ واسين جن جو رزق ۽ روزي هن کڻي سرزمين سان سلهاڙيل اهي ۽ کين هتي ئي جيئڻو ۽ مرڻو آهي تن کان موجوده وقت جي اها تقاضا آهي ته اهي قومي ڌارا ۾ شامل ٿي قومپرست فڪر جا والي ۽ وارث ٿين. اسين سمجهون ٿا ته ائي ٿيڻ سان نه رڳو سنڌي قوم جي هن بيوسي، غربت ۽ غلاميءَ مان جند ڇٽندي پر روشن مستقبل کين پنهنجي هنج ۾آڻڻ لاءِ پنهنجون ٻانهون کوليون سندن منتظر ۽ مشتاق آهي. اسين سمجهون ٿا ته سنڌ جي قومي تحريڪ سائين جي ايم سيد جي شخصيت ۽ فڪري روپ ۾ سامراج ۽ سنڌ دشمن قوتن کي شڪست فاش ڏئي ڇڏي آهي. هاڻي سنڌي قوم کي ان جي مالڪي ڪري پنهنجي سوڀ ۽ فتح جو مثال قئم ڪري نه رڳو سنڌ کي آزاد ملڪي حيثيت ڏياري پنهنجي اوج تي ورائڻو آهي پر ان جي ذريعي عالمي امن لاءِ مرڪزي ڪردار ادا ڪري دنيا کي لطيفي روايتن تحت ٺاهڻو هلائڻو آهي. جيئن ته سنڌ جي تهذيبي روايتن سميت سنڌ جي درويشن ۽ بزرگن انسانيت جي انس جو پيغام ڏنو آهي تنهن ڪري دنيا کي امن جو پيغام به هن ڌرتي تان ئي ملڻو آهي. ماضيءَ ۾ به هن ڌرتيءَ تان دنيا کي تهذيب ۽ انساني ترقي پلئه پئي آهي. هاڻي به هتان ئي دنيا تي امن جو سج اڀرڻو آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ قومي تحريڪ جي ڪاميابي سان ئي ٿيڻو آهي. تنهن ڪري سنڌ جي عام و خاص کي گهرجي ته سيد جي فڪر کي پنهنجو ڪري سنڌ جي وراثي ڪن ته سندن ٻيڙائي پار ٿي ويندا ۽ منزل سندن مقدر بڻجندي.
ان جي ابتدا سنڌ مان ڪرڻي آهي، هتي ئي مرڪز بڻجڻو آهي.“ قاضي صاحب ان مقصد جي حاصلات لاءِ سن ۾ مڪتب کولي سنڌ جي ماڻهن جي اخلاقي، ذهني ۽ نفسياتي اصلاح لاءِ ارادو رکندو آيو. ڪن سببن جي ڪري پاڻ اهو مرڪز برپا نه ڪري سگهيا پر جيڪا هنن تعليم سائين جي ايم سيد کي ڏني ان مان لڳي ٿو ته قاضي صاحب جن پاران اهو ڪم سائين جي ايم سيد جي حوالي ڪيو ٿو ڏسجي. قاضي صاحب جن سائين جي ايم سيد جي ڪردار کان ايترو متاثر ٿيل آهن جو سائين لاءِ هڪ هنڌ هي لفظ ڪتب آندا اٿن ”هن دور ۾ جڏهن ماڻهو روزانو بدلجن، ڦرن، ٿڙن ۽ حالتن مطابق تعلق ڦٽايو ڇڏين، ته تنهن جو مثال غير معمولي پيو نظر اچي، گهٽ ۾ گهٽ آءُ اهو چئي سگهان ٿو ته سنڌ ۾ ڪا هستي آهي، جنهن مون کي نااميد نه ڪيو آهي. اها وڏي اطمينان بخش ڳالهه آهي“ يا هڪ هنڌ هيئن چيو اٿن ته ” مرتضيٰ انشاءُ الله مستقبل جي نسلن لاءِ مثالي ٿي ڏيکاريندو“ قاضي صاحب جن جو پيغام سنڌ کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ سائين جي ايم سيد ۾ ايتريون اميدون هيون جو پاڻ فرمايو اٿن ته ” مون تنهنجي وڏن جو جذبهء دل ۽ روحاني روشنيءَ جي جهلڪ تو ۾ ٻرندڙ ڏٺي آهي. سن انشاءُ الله نور مرتضيٰ جي ڪري وڏو ٿي چمڪندو. سن شريف سنڌ جو مرڪز آهي. جي خدا گهريو ته هڪ ڏينهن پريان پريان جا ماڻهو سن ۽ سنڌو جي زيارت تي ايندا.“ سنڌ جي قومپرست تحريڪ شائونزم بدران لطيفي روايتن سان ڀنڊر آهي ۽ پيغام لطيف ئي پيغام سنڌ آهي جنهن ذريعي دنيا کي امن نصيب ٿيڻو آهي. ان ڪري ئي سنڌ جي قومي تحريڪ جي ڪاميابيءَ ۾ جتي سنڌ جي ترقي خوشحالي جو راز سمايل آهي اتي ئي اها عالمي امن جو پڻ پيش خيمو ثابت ٿيڻي آهي. ڏٺو وڃي ته گذريل صدي ۾ هڪ لحاظ کان سنڌ جي قومپرست تحريڪ کي مضبوط داخلي ۽ خارجي بنياد مهيا ٿيا آهن ۽ ان ئي صديءَ ۾ سائين جي ايم سيد جي روپ ۾ سنڌ جي صدين جي تاريخ جو تسلسل قومي تحريڪ ۾ پيوست ٿيو آهي ۽ ان نظريي جو روپ اختيار ڪيو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ جي قومي تحريڪ پنهنجي منزل يعني آزادي خودمختيار سنڌ جو حصول کڻي نه ڪيو آهي پر اها فڪري طرح پنهنجو قومي دشمن ۽ تضاد سڃاڻي ڄڻ ته گهڻي جنگ کٽي فتح حاصل ڪري چڪي آهي. ڇو ته تحريڪن ۾ دشمن جي سڃاڻپ پڻ اڌ جنگ کٽڻ برابر هوندي آهي. اڄ سنڌ جو قومي تضاد وڌيڪ تيز ۽ چٽو ٿيو آهي. ۽ سنڌ جو قومي دشمن الف اگهاڙو ٿي سنڌي قوم اڳيان چٽو ٿي چڪو آهي. اهڙين حالتن ۾ سنڌي قوم جي فرزندن کان سمورن سنڌ واسين جن جو رزق ۽ روزي هن کڻي سرزمين سان سلهاڙيل اهي ۽ کين هتي ئي جيئڻو ۽ مرڻو آهي تن کان موجوده وقت جي اها تقاضا آهي ته اهي قومي ڌارا ۾ شامل ٿي قومپرست فڪر جا والي ۽ وارث ٿين. اسين سمجهون ٿا ته ائي ٿيڻ سان نه رڳو سنڌي قوم جي هن بيوسي، غربت ۽ غلاميءَ مان جند ڇٽندي پر روشن مستقبل کين پنهنجي هنج ۾آڻڻ لاءِ پنهنجون ٻانهون کوليون سندن منتظر ۽ مشتاق آهي. اسين سمجهون ٿا ته سنڌ جي قومي تحريڪ سائين جي ايم سيد جي شخصيت ۽ فڪري روپ ۾ سامراج ۽ سنڌ دشمن قوتن کي شڪست فاش ڏئي ڇڏي آهي. هاڻي سنڌي قوم کي ان جي مالڪي ڪري پنهنجي سوڀ ۽ فتح جو مثال قئم ڪري نه رڳو سنڌ کي آزاد ملڪي حيثيت ڏياري پنهنجي اوج تي ورائڻو آهي پر ان جي ذريعي عالمي امن لاءِ مرڪزي ڪردار ادا ڪري دنيا کي لطيفي روايتن تحت ٺاهڻو هلائڻو آهي. جيئن ته سنڌ جي تهذيبي روايتن سميت سنڌ جي درويشن ۽ بزرگن انسانيت جي انس جو پيغام ڏنو آهي تنهن ڪري دنيا کي امن جو پيغام به هن ڌرتي تان ئي ملڻو آهي. ماضيءَ ۾ به هن ڌرتيءَ تان دنيا کي تهذيب ۽ انساني ترقي پلئه پئي آهي. هاڻي به هتان ئي دنيا تي امن جو سج اڀرڻو آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ قومي تحريڪ جي ڪاميابي سان ئي ٿيڻو آهي. تنهن ڪري سنڌ جي عام و خاص کي گهرجي ته سيد جي فڪر کي پنهنجو ڪري سنڌ جي وراثي ڪن ته سندن ٻيڙائي پار ٿي ويندا ۽ منزل سندن مقدر بڻجندي.
بشڪريه عوامي آواز