• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ وڌيڪ 9 ڄڻا مارجي ويا آهن

حاڪم

سينيئر رڪن
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ وڌيڪ 9 ڄڻا مارجي ويا آهن، 24 ڪلاڪن دوران مارجي ويلن جو انگ وڌي 27 ٿي ويو. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي گذريل رات کان شروع ٿيل سلسلي ۾ ٺاپر اچي نه سگهي، شهر جي اڪثر علائقن ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال ڇانيل آهي. سائيٽ واري علائقي ۾ هٿياربندن هڪ مني بس تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. لي مارڪيٽ واري علائقي ۾ اڄ صبح ٻن ڄڻن جا ڳلا ڪپيل لاش هٿ آَيا آهن، جن کي اغوا ڪرڻ بعد قتل ڪيو ويو. ڪياماڙي واري علائقي مان ٻوري ۾ بند پيل لاش هٿ آيو، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. شهر جي مختلف علائقن بنارس ڪالوني، پنجاب ڪالوني، لياري ۽ ٻين علائقن ۾ فائرنگ ۽ تشدد جي واقعن ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 27 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 50کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، شهر جي مختلف علائقن ۾ مڇريل ماڻهن 5 کان وڌيڪ گاڏين کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. دهشتگرد واقعن سبب شهر ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن.....
 
جواب: ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ وڌيڪ 9 ڄڻا مارجي ويا آهن

ادا بس اهو ڪراچي جي مقدر ۾ لکيل آهي. جيسيتائين ايم ڪيو ايم آهي.
 
Back
Top