حاڪم
سينيئر رڪن
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ وڌيڪ 9 ڄڻا مارجي ويا آهن، 24 ڪلاڪن دوران مارجي ويلن جو انگ وڌي 27 ٿي ويو. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي گذريل رات کان شروع ٿيل سلسلي ۾ ٺاپر اچي نه سگهي، شهر جي اڪثر علائقن ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال ڇانيل آهي. سائيٽ واري علائقي ۾ هٿياربندن هڪ مني بس تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. لي مارڪيٽ واري علائقي ۾ اڄ صبح ٻن ڄڻن جا ڳلا ڪپيل لاش هٿ آَيا آهن، جن کي اغوا ڪرڻ بعد قتل ڪيو ويو. ڪياماڙي واري علائقي مان ٻوري ۾ بند پيل لاش هٿ آيو، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. شهر جي مختلف علائقن بنارس ڪالوني، پنجاب ڪالوني، لياري ۽ ٻين علائقن ۾ فائرنگ ۽ تشدد جي واقعن ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 27 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 50کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، شهر جي مختلف علائقن ۾ مڇريل ماڻهن 5 کان وڌيڪ گاڏين کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. دهشتگرد واقعن سبب شهر ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن.....