حاڪم
سينيئر رڪن
م آباد (رپورٽون: اصغر کانوٺي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته وزيراعظم جي زباني ڳالهه تي اعتبار نه ڪرڻ وزيراعظم جي عهدي جي توهين آهي جيڪڏهن اسان جي حڪومت فوج ۽ سياسي جماعتن سان مفاهمت سان هلي سگهي ٿي ته پوءِ عدالت سان ڇو نه ٿي هلي سگهي، اسان پنهنجي پاليسين جو نئين سري جائزو وٺڻ لاءِ تيار آهيون ۽ معزز ججن سان گڏجي ويهڻ لاءِ تيار آهيون. وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ڪالهه رات قوم کي خطاب ڪندي چيو ته تاريخ واقعن جو تسلسل آهي انهن جا سبب قومن لاءِ وڏا چئلينج هوندا آهن 1947ع ۾ قائداعظم جي قيادت ۾ قوم لاءِ وڏو چئلينج هو جنهن ۾ اسان جا وڏا سرخرو ٿيا. هن چيو ته هن وقت به تاريخ جو مورخ تاريخ لکي رهيو آهي. هن چيو ته هي فيصلو به مون کي نه پر رياستي ادارن ۽ چونڊيل نمائندن کي ڪرڻو آهي ۽ هن وقت چئني صوبن جا چونڊيل نمائندا مون سان گڏ آهي، پي پي پارليامينٽ ۾ وڏي پارٽي آهي پر حڪومت ۾ اتحادي به گڏ آهن اڄ سڀ کان وڏو چئلينج سياسي استحڪام آهي اندروني ۽ پرڏيهي خطرا آهن پرڏيهي قوتن به ان کي نقصان رسائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي. هن چيو ته 1973ع جي آئين جي شڪل تبديل ڪئي وئي پر اسان جي حڪومت کي اهو اعزاز آهي جو 18هين ترميم آندي سين. هن چيو ته نواز شريف به مشڪل وقت ڏٺو هن جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي هو به آئين جو احترام ڪندو آهي. هن چيو ته آئين جي بقا اسان لاءِ احترام جوڳي آهي. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو فوجي قيادت کي ضياءَ الحق سان اختلاف هجڻ جي باوجود به جمهوريت جا تمغا ڏئي اهو ثابت ڪيو ته کيس فوج عزيز آهي ڇاڪاڻ جو کيس خبر هئي ته ذوالفقار علي ڀٽو جان ڏني پر ملڪ کي نقصان نه پهچايو. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو لياقت باغ ۾ پنهنجي آخري تقرير ۾ به ملڪ جي بقا ۽ سلامتي جي ڳالهه ڪئي ۽ 2007ع ۾ جڏهن ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳي ۽ ججن کي گهرن ۾ نظربند ڪيو ويو ته شهيد بينظير ڀٽو چيف جسٽس گهر پهتي ۽ هن چيو ته حڪومت ۾ اچي چيف جسٽس جي گهر تي پاڪستان جو جهنڊو ڦرڪائيندي ۽ ان جدوجهد ۾ اسان به ڪيترا ڏينهن جيل ۾ رهياسين ۽ پوءِ حڪومت ۾ اچي جج بحال ڪياسين ۽ ان وقت مون کي اهو به خوف ڏياريو ويو ته ججن جي بحالي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ سان منهنجي خلاف آرٽيڪل 6 لڳندو ۽ اهو به چيو ويو ته ان حڪم کي پارليامينٽ مان منظوري جي ضرورت آهي ۽ اها منهنجي تقرير به ان پسمنظر ۾ هئي جنهن کي بار بار چينلن ڏيکاريو. هن چيو ته عدليه پارليامينٽ، انتظاميه، فوج ۽ ٻين ادارن جو احترام لازمي آهي جيڪي رات ڏينهن ڪم ڪري قوم جي خدمت ڪن ٿا. هن چيو ته پارليامينٽ ان ڪري سپريم آهي جو اها قانونسازي ڪري ٿي ۽ وزيراعظم زبان سان چوي يا قلم سان چوي، اهو احترام لائق آهي ۽ مون جڏهن ججن جي بحالي جو اعلان زبان سان ڪيو ته انهن کي ڪير به قيد نه ٿي ڪري سگهيو۽ هڪ ڪوڙي خبر جي مون ان وقت ئي ترديد ڪئي ۽ صدر مملڪت به ان کي غلط قرار ڏنو. هن چيو ته اسان جي حڪومت جي موجودگي ۾ آئين سان ٽڪراءَ نه ٿيندو سڀني جو احترام ڪيون ٿا آپريشن ۽ ٻوڏ جي صورتحال ۾ سڄي قوم ثابت ڪيو ته اهي گڏ آهن ۽ هر چئلينج کي منهن ڏئي سگهن ٿا. هن چيو ته عدليه ۽ پارليامينٽ گڏجي عوام جي خدمت ڪري سگهن ٿا ۽ ڌاڙو هڻندڙن جي رستا روڪ ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته جڏهن اسان فوج ۽ سياسي پارٽين سان هلي سگهون ٿا ته پوءِ عدليه سان به گڏ هلي سگهون ٿا ۽ حڪومت عدليه سان گڏجي ويهڻ لاءِ تيار آهي ته جيئن عوام کي انصان ڏئي سگهون ۽ ان سلسلي ۾ آءٌ ججن جي سان گڏجي ويهڻ لاءِ تيار آهيان ۽ عوام کي انصاف ڏيڻ لاءِ هر فورم تي ساڻن گڏجي ويهي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. هن چيو ته آئيني ۽ رياستي ادارن بابت اسان جو موقف واضح آهي بقا جي جنگ ۾ وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ نه ٿا چاهيون، اين ايف سي ايوارڊ وسيلي به صوبن جي مالي اختيارن ۾ اضافو ڪيو ويو ۽ اسان مهانگائي جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو آهي ناجائز ذخيرا اندوزي ۽ عام شين جا اگهه مهانگا ڪرڻ جي خلاف صوبن جي قيادت مون سان گڏ آهي ۽ ان سلسلي ۾ اسان ڪجهه ادارن جي ڪارڪردگي تي عدم اطيمنان ظاهر ڪيو ۽ انهن جي ٻيهر جوڙجڪ ڪنداسين ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي اسان جي ترجيح آهي وطن ڪارڊ اسڪيم جاري ڪئي وئي آهي ۽ في خاندان کي هڪ لک روپيا ڏنو ويندو ۽ متاثر آبادگارن کي في ايڪڙ تي 2400 روپيا ڏنا ويندا ۽ ربيع جي فصل ۾ انهن کي قرضن جي مد ۾ وياج ۾ ڇوٽ ڏني ويندي ۽ اهو وياج حڪومت برداشت ڪندي. هن چيو ته اسان ڪشميرين کي به وساري نه ٿا سگهون ۽ اڄ دنيا ڪشمير کي تڪراري خطو قرار ڏنو آهي. هن چيو ته هن ملڪ ۾ جيترو احتساب هڪ سياستدان جو ٿيندو آهي ٻيو ڪنهنجو به نه ٿيندو آهي پهرين ڏينهن هن جو احتساب هڪ رٽرننگ آفيسر ڪندو آهي ۽ کيس هڪ يوٽيلٽي بل جمع ڪرائڻ تي به واپس ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ ان جو احتساب عوام وٽ ٿيندو آهي ۽ ان کانپوءِ پارليامينٽ ۽ عدالتن ۾ به ان جو احتساب ٿئي ٿو. هن چيو ته اسان پي اي سي جو چيئرمين اپوزيشن ليڊر کي مقرر ڪيو آهي ته جيئن احتسابي عمل کي شفاف بنائي سگهون. هن چيو ته صدر ۽ وزيراعظم هڪ فرد جا نالا ناهن پر اهي آئيني ادارن جا سربراهه آهن ملڪ ۾ افواهن جي ايتري حڪمراني هجي جو وزيراعظم جي ڳالهه تي به اعتبار نه هجي ته پوءِ قوم کي سوچڻ گهرجي ته اسان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون ۽ انهن خبرن سان اسٽاڪ ايڪسچينج تباهه ٿي ته پوءِ قوم ڏسي ته سندن دشمن ڪير آهي ۽ دوست ڪير آهي.