حاڪم
سينيئر رڪن
لنڊن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ميان نواز شريف چيو آهي ته سموريون سياسي پارٽيون ملڪ کي بچائڻ لاءِ نئين ميثاق پاڪستان ٺاهڻ لاءِ متفق ٿين. ملڪ هن وقت مشڪل حالتن ۾ آهي، هن ڪالهه لنڊن ۾ پارٽي ڪارڪنن کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته جيڪو مزو فرنٽ فٽ کيڏڻ تي اچي ٿو اهو بيڪ فٽ ۾ نٿو اچي. لانگ مارچ تڏهن ڪيو ويندو، جڏهن نوبت ايندي. منفيءَ ڪردارن هميشه ملڪ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ مثبت ڪردارن لاءِ اهم ڪردار نڀايو آهي، مشرف جي لڳايل الزامن جو جواب ڏيڻ جي ضرورت ناهي، هن چيو ته صدر صاحب جمهوريت جو غلط استعمال ڪري رهيو آهي، هو پنهنجا غلط ڪم جمهوريت جي چادر ۾ لڪائڻ چاهي ٿو. صدر زرداري قوم کان معافي وٺي ۽ عدليه جو احترام ڪري، هن ڪڏهن سپريم ڪورٽ کي تسليم ئي ناهي ڪيو. صدر صاحب پنهنجي مفادن خاطر ملڪ کي نقصان نه پهچائي. جيڪڏهن سڀني جو احتساب ٿئي ها ته زرداري اڄ هتي نه هجي ها. هن چيو ته نواز شريف جي اڃا تائين 1985ع واري سوچ آهي، آئون موجوده حالتن جو صدر زرداري کي ذميوار سمجهان ٿو، هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ سان ويڙهه مهانگي پوندي، ڏيڊ سر جي مسجد تي يقين نٿو رکان، جڏهن لانگ مارچ ڪرڻو هوندو تڏهن ڪندس، هن چيو ته ميثاق جمهوريت شهيد بينظير ڀٽو سان هو نه ڪي صدر زرداري سان. هن چيو ته سعد رفيق پنهنجي لفظن تي معافي وٺي چڪو آهي، ججن جي بحالي واري نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ واري خبر جي جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ صحافي کان پڇاڻو ڪيو وڃي ته اها خبر ڪٿان آئي.(ظ)