• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گورنر پاران ڏنل استعيفيٰ صدر واپس ڪري ڇڏي ،

حاڪم

سينيئر رڪن
اسلام آباد/ڪراچي(بيورو رپورٽ) ڪراچي ۾ ڇنڇر ڏينهن کان شروع ٿيل خوني واقعن ۾ مارجي ويندڙن جو انگ وڌي 35 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 100 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن، 5 گاڏين کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، پوليس ۽ رينجرز واقعن ۾ ملوث 20 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، هوڏانهن سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد خان ڪراچي واقعن تي احتجاج ڪندي گذريل رات دير سان صدر آصف علي زرداري سان ايوان صدر ۾ ملاقات ڪري پنهنجي استعيفيٰ پيش ڪئي جيڪا صدر نامنظور ڪندي گورنر کي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي ۽ ڪراچي ۾ ٿيل رتوڇاڻ جي واقعن جي اعليٰ سطحي جاچ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته گهرو وزير رحمان ملڪ لنڊن ۾ الطاف حسين سان رابطو ڪري کيس گورنر پاران پيش ڪيل استعيفيٰ واپس وٺرائڻ جو چيو ۽ ڪراچي واقعن جي مڪمل جاچ ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي. ٻئي طرف ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ٻن ڏينهن دوران جاري ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ 35 شهري موت جو بک بڻجي ويا، جڏهن ته 100 کان وڌيڪ ماڻهو پڻ زخمي ٿي پيا، جن کي مختلف اسپتالن ۾ پهچايو ويو، جڏهن ته 5 گاڏين کي باهه ڏني وئي، واقعن بعد شهر ۾ خوف حراس واري صورتحال پکڙيل رهي، ماڻهو گهرن اندر سڄو ڏينهن گذاريو. پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري علائقن ۾ گشت ڪندي رهي. پوليس 20 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. خبر موجب ڇنڇر واري رات جو 7 وڳي ڌاري اورنگي ٽائون جي علائقي بخاري ڪالوني ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻي جي قتل واري واقعي کان پوءِ شهر جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو. جنهن کان پوءِ هر 10 منٽن بعد هڪ ماڻهو جي قتل ۽ ڪيترن ئي ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جا واقعا پيش ايندا رهيا. اهڙن واقعن بعد آچر واري صبح جو سائيٽ ٽائون جي علائقي باب خيبر ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن هڪ مني بس جي مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ عباسي شهيد اسپتال پهچايو ويو ته زخمين مان ٻه ڄڻا زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا، پنجاب ڪالوني ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مني بس جو ڊرائيور قتل ٿي ويو. اورنگي ٽائون جي علائقي هزاره ڪالوني ۾ فائرنگ دوران هڪ نامعلوم شخص پڻ قتل ٿي ويو، لياري جي علائقي ڪلري مان 30 سالن جي نامعلوم کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو. سائيٽ جي علائقي ميٽرو پل ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ 30 ورهين جو نوجوان قتل ٿي ويو. لياري جي علائقي ڪلاڪوٽ مان ٻن نامعلوم نوجوانن جا ٻوري ۾ ٻڌل ٻه لاش مليا آهن، پوليس موجب ٻنهي مقتولن جا هٿ پير ٻڌل لاش مليا آهن. ملير ڪالا بورڊ جي علائقي ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ احسن کي قتل ڪيو ويو آهي. ملير جي علائقي غازي ٽائون مان 25 سالن جي نوجوان جو هٿ پير ٻڌل لاش مليو آهي. هوڏانهن ڪراچي جي مختلف علائقن اورنگي ٽائون، بلديا ٽائون، سائيٽ ٽائون، قصبا ڪالوني، ميٽرو پل، ابوالحسن اصفحاني روڊ، گلشن اقبال، سهراب ڳوٺ، ملير 15 ۽ اورنگي ٽائون جي ٻين مختلف علائقن ۾ فائرنگ جو سلسلو پڻ جاري رهيو، ياد رهي ته ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ ٻن ڏينهن کان جاري ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ مارجي ويلن ۽ زخمين جي اڪثريت چانهه جي هوٽل تي ويٺلن، دڪاندارن، واٽهڙن ۽ گاڏين ۾ سوارن جي آهي ۽ موٽر سائيڪل تي سوار هٿياربندن جي هٿان ٿيون آهن. واقعن بعد شهر ۾ خوف حراس وارو ماحول پکڙيل رهيو ۽ ماڻهن گهرن اندر سڄو ڏينهن بند گذاريو. پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري گشت ڪندي رهي. پوليس ذريعن موجب هٿيارن سميت 10 ڄڻن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. لانڍي جي علائقي اسماعيل ڳوٺ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نامعلوم نوجوان مارجي ويو، جنهن جو لاش جناح اسپتال پهچايو ويو، جڏهن ته قصبا موڙ واري علائقي ۾ فائرنگ ۾ نامعلوم نوجوان قتل ٿي ويو، جنهن جو لاش عباسي شهيد اسپتال پهچايو ويو آهي. هوڏانهن گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ ڪراچي کان اسلام آباد پهچي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي گورنر سنڌ ڪراچي جي واقعن کان آگاهه ڪندي متحده جي اعتراضن کان به آگاهي ڏني، ڊاڪٽر عشرت العباد صدر کي چيو ته اسان جي ڪارڪنن کي بيگناهه ماريو پيو وڃي. جنهن تي صدر آصف علي زرداري گورنر سنڌ جي استعيفيٰ منظور ڪرڻ کان انڪار ڪندي ڪراچي واقعن جي مڪمل جاچ جو حڪم ڏنو. ان موقعي تي صدر آصف يقين ڏياريو ته متحده جي سمورن خدشن کي دور ڪيو ويندو. اتحادين کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين. معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪيا ويندا. صدر آصف وڌيڪ چيو ته ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏني ويندي. ڪنهن جي عهدي جو خيال ڪرڻ کان سواءِ ذميوارن کي سزا ڏني ويندي. انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ لنڊن ۾ الطاف حسين سان رابطو ڪري گورنر کي استعيفيٰ واپس وٺڻ تي راضي ڪرڻ لاءِ چيو ۽ ڪراچي واقعن جي مڪمل جاچ ۽ رتوڇاڻ ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري ۽ انهن کي سخت سزا ڏيارڻ جو يقين ڏياريو. جنهن بعد سنڌ جي گورنر عشرت العباد پنهنجي استعيفيٰ واپس وٺڻ ۽ حڪومت کان الڳ ٿيڻ بابت هلندڙ غور ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان موقعي تي گورنر عشرت العباد ڪراچي واقعن ۾ مارجي ويل متحده ڪارڪنن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو.
 
جواب: گورنر پاران ڏنل استعيفيٰ صدر واپس ڪري ڇڏي ،

اسان کي پهرين ئي خبر هئي ت اقتدار جا بکيا ڪٿي ٿا اهڙا ٻلا ڪم ڪن،
بليڪ ميلر سي ئي بليڪ ميلر
 
جواب: گورنر پاران ڏنل استعيفيٰ صدر واپس ڪري ڇڏي ،

اهي ماڻهو ڪڏهن به نه سڌرندا۔۔
 
جواب: گورنر پاران ڏنل استعيفيٰ صدر واپس ڪري ڇڏي ،

ادا اسان جو صدر به سائين ..............

ادا صدر ڇا ڪري هو سڀ سمجهي ٿو پر هن سان پنجاب جا ماڻهو ڪيئن پيا هلن اهو ت توها ڏسو پيا هاڻي هو ڪنهن ساڻ فٽائي
بس وقت تي گڏھ کي بي ابو واري گالھ آ ۔
 
Back
Top