ادا سليمان وساڻ شال جڙيو هجين شاهه صاحب جي سُر سيراڳ مان هي بهترين چونڊ ونڊ ڪئي
مٿان وري انکي ڊزائين ڏئي شاهڪار جي طور تي پيش ڪيو ۔۔
اميد ته اهڙيون ونڊون جاري رکندا۔۔
سدائين گڏ
سبحان الله، لطيف جي فڪر جي ڪهڙي تعريف ڪجي ۽ سندس علمي خزانن جي عميق بحر مان ڪي غواص ئي موتي ڳولهي لهن باقي عام ماڻهون جو فهم ته مٿاڇرو هجي ٿو ۔۔۔ جيئن سهڻي شاه ڪريم چيو آهي ته؛
پاڻــــــي مٿــــي جهـــوپـــڙا، مـــورک اڃ مــــرن،
جر ڪجر جن اکين ۾، سي ڪيئن پرين پسن۔
بيشڪ حق ۽ سچ جو سمنڊ اسانجي اکين آڏو وهي پيو پر ان جي پاتال مان موتي ميڙڻ سان ئي اصل ۽ سڌي راهه جي طرف رهنمائي ٿئي ٿي ۔۔۔
جيئن رب جي ڪلام قرآن الفرقان جو هڪ هڪ لفظ صداقت ۽ رب جي زباني چيل آهي ۔۔۔ هڪ هڪ لفظ ۽ جملي ۾ اهڙي ته هدايت سمايل آهي جو هوند هڪ ئي جملي ۾ انسان وحشي فطرت کي بدلائي رحماني فطرت طرف وڃي سگهي ٿو ۔۔۔
انجو مثال قرآن جي هڪ آيت آهي سوره العصر؛
”بيشڪ انسان گهاٽي ۾ آهي، پر جن ايمان آندو، عمل صالح ڪيا ۽ حق صبر جو پاسو ورتو“
قرآن شريف جي مٿئين ننڍڙي آيت ۾ پوري هدايت سمايل آهي، صرف پنهنجن حواسن کي حاضر ڪرڻ جي گهرج آهي ۔۔۔
اچو ته رب طرفان مقرر ڪيل رستي تي پنڌ پئي پنهنجي حيات سوني روپي جيئان ڪريون ۔۔۔۔
رب اسانجي علم ۾ اضافو فرمائي ۔۔ آمين
محترم سليمان وساڻ، شاهه سائين جي شاعري جو ڪمپيوٽر جي ڪينواس تي چٽيل توهان جو هِي رنگ نرالو ۽ مختلف لڳو، لطيف سائين جو هر بيت نرالو ئي هوندو آهي، جنهن به طرف لطيف سائين جي تخيل ۽ تخليق تي غور ڪبو ته هميشهه هر ڪنهن کي نئون ۽ نڪور مفهوم نظر ايندو، هر دور ۾ سمنڊ جتان جتان پنهنجي ڪِريڪس، پنهنجي ٻيٽن، پنهنجي روايتي رستن، چاهي عربي سمنڊ هُجي، چاهي، هندي وڏو سمنڊ هُجي، چاهي پئسفڪ وڏو سمنڊ هُجي، پنهنجي پاسي ۾ رهندڙ انسانن، ۽ انهن انسانن سان تعلق رکندڙ لکين خاندانن جي پيٽ پالڻ جو وڏو ذريعو هوندو آهي، انسان سمنڊ مان سڀ کان وڏي مايا مختلف قسمن جي مڇي مان حاصل ڪري ٿو، ان کان علاوه سمنڊ ۾ هزارين سالن کان ڪافي سارا پاڻي جا جهاز ٻڏندا ترندا آيا آهن ، انهن ۾ انهن ۾ اڻ ڳڻيا خزانه پڻ سمنڊ جي پيٽ ۾ ڇپيا پيا آهن، جن کي سوجهي لهي ڪڍڻ ئي وڻجارن جو صدين کان ڪم آهي، سپون جيڪي لطيف جي سر سارنگ جو مخصوص ڪردار آهن اهي پڻ سمنڊ جي پيٽ ۾ رهي ڪري وسڪاري جي مُند جون پهريون ڦڙيون پنهنجا چپ کولي حاصل ڪن ٿيون انهي پهرين پيل سانوڻ جي مينهن جون ڦڙيون انهن سپين جي پيٽ ۾ موتي جو روپ وٺن ٿيون، انهن سپن جي پيٽ مان ئي گهاتو، سمنڊ ۾ مانگر مڇن سان وڙهندي وڙهندي موتي حاصل ڪن ٿا، سڀ کان وڏي ڳالهه ته سامونڊي روايتي رستا جن تان گُذرندي وڏا وڏا اجگر جيڏا پاڻي وارا جهاز ساري دنيا جي انسانن جا اهنج ايذا ڪڏهن اناج جي صورت ۾ ته ڪڏهن سامان جي صورت ۾ ته ڪڏهن جديد اليڪٽرانڪ ايجادات جي ايڪسپورٽ توڙي امپورٽ ذريعي ختم ڪن ٿا، جنهن سان انسانن جي سُک ۾ واڌارو ٿئي ٿو اهو پڻ سمنڊ جي موهه مايا جي هڪڙي صورت آهي، هڪڙو عام امير ماڻهو، جڏهن ڪنهن مزدور کي مزدوري ڏي ٿو ته اهو عام مزدور توڻي جو پنهنجي ڀرپور محنت ڪري ٿو پر پو به ان امير ماڻهو جا ٿورا، سائين ۽ آقا چئي بجا ٿو لائي، جڏهن ته سمنڊ ته اهڙين لکين اميرن ۽ غريبن جا پيٽ پالي ٿو، نه صرف انسانن جا مگر جانورن جا پڻ پيٽ پالي ٿو پو بقول لطيف سائين جي هن خوبصورت بيت وانگي، ڇو نه سمنڊ کي سوجهيون، ڇو نه سمنڊ کي پوڄيارو سمجهي، محنت سان سمنڊ جي سيوا ڪريون ۽ رب سائين جا لکين احسان مڃون جو انسانن ۽ جانورن لا پاڻي جا اٿاهه سمنڊ جي صورت ۾ ساگر خلقيائين۔ باقي تنهنجي ڊزائن ته پنهنجو مٽ پاڻ هونديون آهن
ادا سليمان .سبحان الله،
ماشاء الله خوبصورت پس منظر جي ڊيزائين آڻي توهان مرشد لطيف جي هن خوبصورت ۽ سبق آموز بيت جي لفاظي سان گڏ عڪاسي سان به تشريح ڪئي آهي۔۔۔ مٿان وري نثارن به بيت جي خوبصورت سمجهاڻي آندي آهي۔۔۔
شاهه صاحب کي گهرائي سان پڙهندڙ ادا ممتاز وگهيو ۽ محترم رحيم بخش اڃان تائين پنهنجا ويچار نه ونڊيا آهن پر هيل تائين آيل جواب پڻ سموري ڳجهه کي وائکو ڪيون بيٺا آهن ۔۔۔ ادا سليمان توهان جي محنت ۽ چونڊ هميشه وانگر بي مثال آهي۔۔۔۔
سائين ماشاالله دل خوش ٿي وئي۔ ڀٽ جي گهوٽ جو ڪلام سهڻي اندز ۾ ۽ سمجهاڻي سان ڏنل۔ ڀائرو اسان جي هن ڪلام کي سمجهون ۽ عمل ڪيون ته گهاٽي م ڪونه وينداسون۔
دوستن نثار ناز ، نثار ابڙي ۔ سومرو صاحب ۽ رشيد جون لکيل سٽون به ڀليون لڳيون
سي پُوڄارا پُرِ ٿِيا، سمنڊ سيويو جِنِ؛
آندائُون عَمِيقَ مان، جُوتِي جُواهرنِ؛
لَڌائُون لَطِيفُ چئي، لائُون مان لَهرنِ؛
ڪانهي قِيمتَ تِنِ، مُلھ مَهانگو اُنِ جو
ادا بهترين ونڊ آهي ۽ اهو ئي اسان جي سيوا جو متن ۽ مقصد پڻ آهي انڪري ته اسان سيوا جي نالي سان مشهور پڻ آهيون
سدائين گڏ
قبله تمام دلڪش ڪوشش آهي، توهان کي مان دل جي گھراين سان واڌايون ٿو ڏيان۔
سبحان الله
ادا لاجواب تما م بهترين نموني شاه سائين جي شعر کي ڊزائين ۾ آڻي ء
سٺي نموني سمجهاڻي ڏني