السلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاته
هونئن ته ان پيج 3 رليز ٿئي، گهڻو عرصو گذري چڪو آهي، پر ڊيمو ورزن هئڻ ڪري، صرف ٽائپنگ ۽ فارميٽنگ تائين محدود هيو. هينئر ان پيج 3 پنهنجن نون فيچرز سان رليز ٿي چڪو آهي، جنهن جون اضافو خاصيتون هي آهن:
1- فيض لاهوري نستعليق فونٽ جو اضافو: هي فونٽ مڪمل لگيچرز بيس تي آهي. جنهن ڪري ان پيج 3 ۾ جدت ۽ نواڻ اچي ويئي آهي. فيض لاهوري نستعليق فونٽ اردو جي ڊيزائنرن ۽ پبلشرن جي معيار تي پورو لهي ٿو. جيتوڻيڪ ماهرن هن فونٽ کي مڪمل لگيچرز جي صورت ۾ اوپن ٽائپنگ جي شڪل ڏني آهي، انهيءَ باوجود ڪرننگ جو مسئلو باقي رهي ٿو. جڏهن ته ان پيج 3 ۾ ڪرننگ تي پڻ خاص ڌيان ڏنو ويو آهي.

2- اسلامي نشانين جو اضافو: اسلامي نشانين (سيمبلز) جو پڻ اضافو ڪيو ويو آهي. جن جي سهولت اڳئين ڪنهن ورزن ۾ نه هئي.

3- يونيڪورڊ آبجيٽ ۽ سيمبلز جو اضافو: گڏوگڏ يونيڪورڊ آبجيڪٽ ۽ زخاريف سيمبلز جو پڻ اضافو ڪيو ويو آهي.


4- ايم بي سنڌي ڪي بورڊ ذريعي سنڌي لکڻ جي سهولت: سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ خاص ڳالهه هن سافٽويئر ۾ ايم بي سنڌي ڪي بورڊ جي ذريعي سنڌي لکڻ جي سهولت آهي. ايم بي سنڌي کي سپورٽ ڪندڙ سمورا فونٽ پڻ اپلائي ڪري سگهجن ٿا. انهيءَ کان سواءِ ورڊ يا ڪورل ڊرا وغيره ۾ لکيل تحرير کي ڪاپي ڪري ان پيج 3 ۾ پيسٽ پڻ ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته اها سهولت اڳئين ڪنهن به ورزن ۾ نه هئي. گڏوگڏ عربيءَ جون عبارتون لکڻ لاءِ ٻيا عربيءَ جا فونٽ جهڙوڪ، پي ڊي ايم ايس سليم، المصحف، محمدي قرآني فونٽ ۽ القلم جا سمورا فونٽ پڻ اپلائي ڪري سگهجن ٿا.

ان پيج 3 ۾ ڪاپي پيسٽ ذريعي آندل سنڌي ۽ عربي عبارتون
5- ان پيج 3 ۾ ٽائپ ڪيل تحريرن (سنڌي توڙي اردو) کي ڪاپي ڪري ايم ايس ورڊ يا ورڊ پيڊ ۾ پيسٽ ڪري سگهجي ٿو.

ان پيج 3 مان ڪاپي پيسٽ ذريعي ايم ايس ورڊ ۾ آندل هڪڙو پيج
6- ڪيو پي ايس (قرآن پبلشنگ سسٽم) هڪ مڪمل قرآن پبلشنگ سافٽويئر آهي، جنهن جي قيمت انهيءَ وقت لکن جي تعداد ۾ هئي. (منهنجي خيال ۾ شروع ۾ هڪڙي ڪاپي جي قيمت 3 لکن تائين هئي). ڪيو پي ايس لاءِ پڻ ان پيج 3 جي ضرورت پوي ٿي.

ڪيو پي ايس جو هڪڙو نمونو
اضافي خاصيتون:
7- فوٽ نوٽ جي سهولت.
8- انگريزي ۽ اردو ڊڪشنريءَ جي سهولت، جنهن ذريعي انگريزيءَ کان سواءِ اردوءَ الفاظن جي پڻ اسپيل چيڪ ڪري سگهجي ٿي.
9- سارٽنگ جي سهولت.
ان پيج 3 جي اچڻ کان پوءِ اردوءَ سان گڏوگڏ هاڻي سنڌي پبلشر پڻ هن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا.
ڊائونلوڊ لنڪن ۾ ان پيج 3، ڪيو پي ايس (قرآن پبلشنگ سسٽم) ۽ ٻنهي جو ڪريڪ موجود آهي.
نوٽ: هي ليک مون ذاتي معلومات جي بنياد تي تيار ڪيو آهي. مهرباني ڪري هن کي ڪاپي پيسٽ نه سمجهيو وڃي.