ان پيج 3 ۾ سنڌيءَ جي سهولت

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ ابو زين طرفان آندل موضوعَ ‏18 آڪٽوبر 2010۔

  1. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ

    السلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاته

    هونئن ته ان پيج 3 رليز ٿئي، گهڻو عرصو گذري چڪو آهي، پر ڊيمو ورزن هئڻ ڪري، صرف ٽائپنگ ۽ فارميٽنگ تائين محدود هيو. هينئر ان پيج 3 پنهنجن نون فيچرز سان رليز ٿي چڪو آهي، جنهن جون اضافو خاصيتون هي آهن:


    1- فيض لاهوري نستعليق فونٽ جو اضافو:
    هي فونٽ مڪمل لگيچرز بيس تي آهي. جنهن ڪري ان پيج 3 ۾ جدت ۽ نواڻ اچي ويئي آهي. فيض لاهوري نستعليق فونٽ اردو جي ڊيزائنرن ۽ پبلشرن جي معيار تي پورو لهي ٿو. جيتوڻيڪ ماهرن هن فونٽ کي مڪمل لگيچرز جي صورت ۾ اوپن ٽائپنگ جي شڪل ڏني آهي، انهيءَ باوجود ڪرننگ جو مسئلو باقي رهي ٿو. جڏهن ته ان پيج 3 ۾ ڪرننگ تي پڻ خاص ڌيان ڏنو ويو آهي.

    [​IMG]


    2- اسلامي نشانين جو اضافو:
    اسلامي نشانين (سيمبلز) جو پڻ اضافو ڪيو ويو آهي. جن جي سهولت اڳئين ڪنهن ورزن ۾ نه هئي.

    [​IMG]


    3- يونيڪورڊ آبجيٽ ۽ سيمبلز جو اضافو:
    گڏوگڏ يونيڪورڊ آبجيڪٽ ۽ زخاريف سيمبلز جو پڻ اضافو ڪيو ويو آهي.

    [​IMG]
    [​IMG]


    4- ايم بي سنڌي ڪي بورڊ ذريعي سنڌي لکڻ جي سهولت:
    سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ خاص ڳالهه هن سافٽويئر ۾ ايم بي سنڌي ڪي بورڊ جي ذريعي سنڌي لکڻ جي سهولت آهي. ايم بي سنڌي کي سپورٽ ڪندڙ سمورا فونٽ پڻ اپلائي ڪري سگهجن ٿا. انهيءَ کان سواءِ ورڊ يا ڪورل ڊرا وغيره ۾ لکيل تحرير کي ڪاپي ڪري ان پيج 3 ۾ پيسٽ پڻ ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته اها سهولت اڳئين ڪنهن به ورزن ۾ نه هئي. گڏوگڏ عربيءَ جون عبارتون لکڻ لاءِ ٻيا عربيءَ جا فونٽ جهڙوڪ، پي ڊي ايم ايس سليم، المصحف، محمدي قرآني فونٽ ۽ القلم جا سمورا فونٽ پڻ اپلائي ڪري سگهجن ٿا.

    [​IMG]

    ان پيج 3 ۾ ڪاپي پيسٽ ذريعي آندل سنڌي ۽ عربي عبارتون​


    5- ان پيج 3 ۾ ٽائپ ڪيل تحريرن (سنڌي توڙي اردو) کي ڪاپي ڪري ايم ايس ورڊ يا ورڊ پيڊ ۾ پيسٽ ڪري سگهجي ٿو.


    [​IMG]
    ان پيج 3 مان ڪاپي پيسٽ ذريعي ايم ايس ورڊ ۾ آندل هڪڙو پيج​

    6- ڪيو پي ايس (قرآن پبلشنگ سسٽم) هڪ مڪمل قرآن پبلشنگ سافٽويئر آهي، جنهن جي قيمت انهيءَ وقت لکن جي تعداد ۾ هئي. (منهنجي خيال ۾ شروع ۾ هڪڙي ڪاپي جي قيمت 3 لکن تائين هئي). ڪيو پي ايس لاءِ پڻ ان پيج 3 جي ضرورت پوي ٿي.

    [​IMG]

    ڪيو پي ايس جو هڪڙو نمونو​

    اضافي خاصيتون:
    7- فوٽ نوٽ جي سهولت.
    8- انگريزي ۽ اردو ڊڪشنريءَ جي سهولت، جنهن ذريعي انگريزيءَ کان سواءِ اردوءَ الفاظن جي پڻ اسپيل چيڪ ڪري سگهجي ٿي.
    9- سارٽنگ جي سهولت.

    ان پيج 3 جي اچڻ کان پوءِ اردوءَ سان گڏوگڏ هاڻي سنڌي پبلشر پڻ هن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا.

    ڊائونلوڊ لنڪن ۾ ان پيج 3، ڪيو پي ايس (قرآن پبلشنگ سسٽم) ۽ ٻنهي جو ڪريڪ موجود آهي.



    نوٽ: هي ليک مون ذاتي معلومات جي بنياد تي تيار ڪيو آهي. مهرباني ڪري هن کي ڪاپي پيسٽ نه سمجهيو وڃي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ابو حمزه

    ابو حمزه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏15 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ان پيج 3 ۾ سنڌيءَ جي سهولت

    السلام عليڪم
    ادا ابو زين بهترين معلومات ڏني اٿوَ۔ واقعي هاڻي ته انپيج به وسيع پيماني تي استعمال ٿيندو۔ مان اهو نئون ورجن هينئر ئي ڊائون لوڊ ٿو ڪيان۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,556
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ان پيج 3 ۾ سنڌيءَ جي سهولت

    ادا ابوزين۔۔۔۔ يار توهان جي هن ونڊ جي ڪهڙي لفظن سان تعريف ڪجي۔۔۔ انپيج ۾ هاڻي ايم بي سنڌي ذريعي ٽائپنگ ڪرڻ، لفظن جي سارٽنگ، اردو انگريزي ڊڪشنري سميت اسپيل چيڪنگ، اسلامي نشانيون ، يونيڪوڊ سمبلز جو اضافو غرض ته اوهان جا ٻڌايل سڀ گڻ هن سافٽ ويئر جي افاديت کي ظاهر ڪن ٿا۔۔۔ اهڙي بهترين ونڊ ڪرڻ‌تي اوهان جا لک ٿورا۔۔۔۔۔
    اهڙي طرح سنڌي ٻولي جي خدمت ڪندا رهو ۽ اسان کي نئين اپڊيٽس متعلق ڄاڻ ڏيندا رهو۔۔۔
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    340
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ان پيج 3 ۾ سنڌيءَ جي سهولت

    ادا تمام بهترين  ڪارائتي معالومات ڏني اٿو.
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ان پيج 3 ۾ سنڌيءَ جي سهولت

    السلام عليڪم ادا

    ادا توهان جي هن ٿريڊ جي جيتري به تعريف ڪجي سا مون جي خيال ۾ ته گهٽ ٿيندي
    انپيج 3 ۾ هاڻي سنڌي لکڻ ڪو مسئلو نه رهيو آهي

    توهان جيڪو ڪم سنڌي ٻولي کي هٿي ڏيارڻ لا۽ ڪري رهيا آهيو اهو قابل تحسين آهي

    توهان وانگر اگر ٻيا دوست به اهڙي ئي نموني سان همت ڪن ته اهو ڏينهن دور ناهي جو اسان پياري سنڌي ٻولي
    جو نالو ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ نمبرن ۾ هوندو

    اهڙيون ڪوششون جاري رکجو

    توهان جي اهڙي تحريرن جو منتظر

    سدائين گڏ
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,645
    ورتل پسنديدگيون:
    5,647
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ان پيج 3 ۾ سنڌيءَ جي سهولت

    ادا ابوزين سنڌ سلامت فورم تي توهان جي ڪمي ڪافي ڏينهن کان محسوس ٿي رهي هئي۔۔۔ ڪجهه پريشاني به هئي ان لاءِ دعا به گهرندو رهيم ته سنگت ڏانهن رب پاڪ خير ڪري۔۔۔ توهان جو رابطو نمبر هڪ هيو جيڪو نه پيو لڳي جڏهن ته ٻيا نمبر به گم ٿي ويا هئا۔۔۔۔۔
    خير جيتري توهان جي واپسي جي خوشي ٿي آهي اوتري ئي توهان جي هن ليک لڳائڻ جي ۔۔۔ ڇوته اردو يونيڪوڊ جي اچڻ باوجود ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ کان وٺي پرنٽنگ ۽ پبلشنگ تائين چاهي سنڌي هجي يا اردو ان پيج جي اهميت گهٽي نه آهي۔۔۔۔ ۽ هڪ اهڙو ان پيج سافٽويئر جيڪو پنهنجي بي مثال خوبين ۽ يونيڪوڊ سپورٽ سان آڻي توهان يقينن پاڻ ملهايو آهي۔۔۔
    اميد ته پنهنجي اهڙي ڀرپور سپورٽ فورم کي ڏيندا رهندا جو فورم کي هر وقت ان جي ضرورت رهي آهي۔۔۔ توهان جهڙن قابل دوستن جي دوري هر وقت محسوس ٿيندي رهي ٿي ان ڪري گذارش آهي ته پنهنجي حاضري کي يقيني بڻايو۔۔۔۔
    باقي جيتري قدر ڪٽ پيسٽ جو سوال آهي ته توهان جهڙن رڪنن مان اسان کي ان جي اميد ئي نه آهي۔۔۔ پنهنجي بي بها معلومات ونڊيندا رهو جنهن سان يقينن مون سميت سمورو ساٿ منتظر رهي ٿو۔۔۔۔
    توهان جا لک لائق
     
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,921
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ان پيج 3 ۾ سنڌيءَ جي سهولت

    سائين محترم ابوزين پيارا السلام عليڪم
    پيارا ڪافي ڏينهن کان پوء ديدار ٿيو اهي ليڪن دير آيد درست آيد وانگر اوهان جيڪا شيئرنگ ڪئي آهي سا لک جي آهي اوهان جا قرب وسارڻ جوڳا نه آهن ٿريڊ جي تعريف ته سڀني دوستن ڪئي آهي اها رسمي تعريف نه ليڪن واقعي حقيقي خوشي ٿي جنهن ڪري دل داد ڏيڻ تي مجبور ٿي پئي ٿي تنهن ڪري سڀني دوستن خوشي جو اظهار ڪيو خوشي سان دل مان دعائون نڪرن ٿيون ته جتي به هجو شال آباد و شاد هجو.
     
  8. رمضان ترڪ

    رمضان ترڪ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    278
    جواب: ان پيج 3 ۾ سنڌيءَ جي سهولت

    محترم ابو زين صاحب اسلام عليڪم!
    ادا ان پيج اسان اخبار وارن جي تمام گهڻو ڪم جو سافٽ ويئر آهي، ڊائونلوڊ ڪريان ٿو، يونيڪوڊ سنڌي جي مڪمل سپوٽ اٿس ته تمام بهترين سافٽ ويئر آهي، مهرباني ادا اهڙي شيئرنگ جي.
     
  9. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: ان پيج 3 ۾ سنڌيءَ جي سهولت

    سائين اهو ڊائونلوڊ ڪيو آهي پر جنهن ٽآئيم کوليان پيو ته کلي نٿو ۽ eo209-- sentinel key not found جو آپشن ڏئي پيو ان جو ڪو حل ٻڌائيندا ته مهرباني ٿيندي[​IMG]
     
  10. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    جواب: ان پيج 3 ۾ سنڌيءَ جي سهولت


    لنڪ ۾ ان پيج جو ڪريڪ موجود آهي. مهرباني ڪري پهريائين پيچ هلايو، انهيءَ کان پوءِ ان پيج کوليو.
     
  11. جاويد علي

    جاويد علي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    33
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    ڌنڌو:
    پرئيويٽ اسڪول ٽيچر
    ماڳ:
    نوشهرو فيروز
    جواب: ان پيج 3 ۾ سنڌيءَ جي سهولت

    زبردست دوست:
    توهان تمام ڪارائي معلومات فراهم ڪئع آهي۔
    جيئن ته آئون نئون يوزر آهيان ۽ مونکي هي ويب سائٽ تمام سٺي لڳي آهي جنهن ۾ تمام اهم معلومات شيئر ڪئي وڃي ٿي۔
     
  12. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    265
    ورتل پسنديدگيون:
    385
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    جواب: ان پيج 3 ۾ سنڌيءَ جي سهولت

    ’مئڪنٽوش‘ ڪمپنيءَ جي ڪمپيوٽرن تي سنڌي جي ڪمپوزنگ جي شروعات ڪندي، جڏهن آءِ بي ايم ڪمپيوٽر جي ونڊوز 3.11 کان وٺي ونڊوز 95 ۽ پوءِ ونڊوز 98 تي ڪمپوزنگ ڪرڻ لڳس ته هڪ اوڻاٺ پئي محسوس ٿي. جيڪا پرفيڪشن ’مئڪنٽوش‘ ڪمپيوٽر جي ڪمپوزنگ ۾ هئي اها هنن ونڊوز ۾ بالڪل نه هئي. جيئن تيئن ڪري ونڊوز ايڪس پي ۾ جڳاڙبازي ڪري ڪم هلايس پئي، پر حقيقت اها آهي ته ان مان به مطمئن نه هئس.

    سچي ڳالهه اها آهي ته ’ان پيج‘ سافٽ ويئر جي بيهڪ’مئڪنٽوش‘ جي سافٽ ويئر ’الناشر‘ جهڙي ئي آهي. ان ڏينهن کان دل ئي دل ۾ اها سوچ پئي هوندي هئي ته جيڪر ’ان پيج‘ تي سنڌي فونٽ ٺاهي، سنڌيءَ جي ڪمپوزنگ کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪجي، ان سلسلي ۾ ڪافي حد تائين جڳاڙبازي ڪرڻ ۾ ڪامياب ته ويس، پر پوءِ به مطمئن نه ٿي سگهيس ۽ اها اندر جي خواهش اُتي ئي رهجي وئي!
    .... ۽ ڪالهه جڏهن ادا ابوزين ان پيج 3 جو ٿريڊ پيش ڪري پنهنجي راءِ ڏيڻ لاءِ پيغام موڪليو ته مڙئي سڀ ڪم ڇڏي، اڳ ۾ ته ان پيج 3 ڊائون لوڊ ڪري، ڪالهه کان مٿاخوري ڪرڻ لڳس. ماشاءَالله هيءُ سافٽ ويئر منهنجي دلي امنگن جيان ئي آهي.

    ظاهر آهي ته اهو ٽرائل بيس تي ئي هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته جيستائين اسين ان کي استعمال ڪري ان جون اوڻايون نه ڏسنداسين ۽ انهن جي درستگي نه ٿيندي، تيستائين گهٽ ۾ گهٽ آئون ته ان کي ’ٽرائل ورزن‘ ئي سڏيندس.
    بهرحال هڪ خامي مون کي اها نظر آئي ته ”آ“ لکڻ سان ان جي (مَدَّ) ايترو ته مٿي بيٺي آهي، جو اها نه ته ڏسڻ ۾ نظر ٿي اچي، نه ئي وري پرنٽنگ ۾ پئي اچي.

    ادا ابوزين! هڪ ٻيو عرض آهي ته اهو ٻُڌائيندا ته هيءُ ايم بي سنڌي جي ڪهڙي لئنگويج کي سپورٽ ڪري ٿو؟ ڇاڪاڻ ته مون وٽ آفيس ۾ جيڪو سسٽم آهي، اُن تي فارسي لئنگويج آهي، ان ۾ ته ”آ“ کان سواءِ باقي ڪمپوزنگ صحيح ٿي رهي آهي، جڏهن ته گهر واري سسٽم تي ايم بي سنڌي جي عربڪ لئنگويج استعمال ٿي رهي آهي، ان ۾ جڏهن ڪمپوزنگ ڪئي ته ان ۾ شفٽ+3 (ءِ)، شفٽ+4 (ءَ)، شفٽ+5 (ءُ) ۽ شفٽ+6) (ءٌ) جي جاءِ تي صرف خالي همزو (ء) اچي ٿو. انهن خالي همزن کي ته زير، زبر پيش ڏئي ”ءِ“، ”ءَ“، ”ءُ“ جو حل ڪڍيو اٿم، پر جڏهن شفٽ+6 (ءٌ) لکڻو هجي ته صرف ٻه الٽا پيش ڪهڙي ڪي تي سيٽ آهن؟ مهرباني فرمائي اها وضاحت ڪرائي ڏيندا.
     
  13. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: ان پيج 3 ۾ سنڌيءَ جي سهولت

    ادا ابو زين توهان جي وڏي مهرباني جو توهان اسان کي گائيڊ ڪيو اڃان هڪڙو ننڍڙو مسئلو آهي اهو هي ته هن ۾ سنڌي نه ٿي لکجي مهرباني ڪري انهئ جو حل ٻڌائيندا ته مهرباني
     
  14. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: ان پيج 3 ۾ سنڌيءَ جي سهولت

    سائين ابوزين تمام بهترين شيئرنگ آهي مون انپيج جو هي نئون ورجن استعمال ڪيو آهي هن ۾ ڪورل ڊرا طرف ٽيڪسٽ کي منتقل ڪرڻ جو طريقو هاڻي پهريائون وارو نه رهيو آهي
    بهرحال وڌيڪ استعمال ڪرڻ کان پوء هن جي باري ۾ تفصيل سان ڪجھ چئي سگهبو ۔
     
  15. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    جواب: ان پيج 3 ۾ سنڌيءَ جي سهولت


    جي بالڪل، ان پيج 3 کي في الحال ٽرائل بيس ئي چئي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته فارسي ڪي بورڊ تي ”آ“ کان سواءِ ”ؤ“ ۽ انگن جو مسئلو پڻ اچي ٿو ۽ عربڪ ڪي بورڊ تي ڪجهه وڌيڪ اکر لکڻ ۾ مسئلو ڪن ٿا. گهڻي ئي ڳولها کان پوءِ به ڪو حل نه نڪري سگهيو.

    البته ”نيو لطيفي فونٽ“ اپلائي ڪرڻ سان گهٽ ۾ گهٽ ”الف مد“ جو مسئلو حل ٿي وڃي ٿو.

    [​IMG]

    هاڻي جيڪڏهن ”نيو لطيفي“ ۽ ”ايم بي سنڌي ويب“ جي گلفس کي ڏٺو وڃي ته ٻنهي جا گلفس الڳ الڳ جاين تي رکيا ويا آهن، جنهن ڪري ”نيو لطيفي فونٽ“ ۾ ’الف مد‘ صحيح ٽائپ ٿئي ٿو، جڏهن ته ”ايم بي سنڌي ويب“ ۽ انهيءَ جهڙن ٻين فونٽ ۾ ’الف مد‘ درست ٽائيپ نه پيو ٿئي.

    مون ٽرو ٽائيپ ۽ اوپن ٽائيپ فونٽن کي به ڀيٽائي ڏٺو. ان پيج 3 ۾ ٻنهي ٽائيپ جي فونٽن ۾ ساڳيا مسئلا سامهون اچي رهيا آهن.

     
  16. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    جواب: ان پيج 3 ۾ سنڌيءَ جي سهولت


    سڀني کان پهريائين پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ ”ايم بي سنڌي ڪي بورڊ“ انسٽال ڪريو. انسٽاليشن جو طريقه ڪار هتي آهي:

    http://sindhsalamat.com/showthread.php?t=7559

     
  17. رمضان ترڪ

    رمضان ترڪ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    278
    جواب: ان پيج 3 ۾ سنڌيءَ جي سهولت

    ادا ابو زين اسلام عليڪم!
    ان پيج تمام سٺو سافٽ ويئر آهي، مون انسٽال ڪري ڏٺو آهي، هڪ پرابلم اٿس، ”آ“ صحيح نٿو اچي، صرف adabi ۽ sindh shaht فونٽ ۾ صحيح آهي، پر مند ٿورو مٿي اچي ٿو، باقي ٻين فونٽن ۾ نظر نٿو اچي، پرنٽ ۾ ظاهر نه ٿو ٿئي. اهو پرابلم جي حل ٿي وڃي ته هي تمام بهترين سافٽ ويئر آهي، خاص ڪري اخبارن ۾ پيج ميڪنگ لاءِ.
     
  18. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,556
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ان پيج 3 ۾ سنڌيءَ جي سهولت

    ادا ابوزين هي فائلون هاڻي انهيءَ سرور تي موجود نه‌آهن، مهرباني ڪري لنڪ کي اپڊيٽ ڪريو۔۔۔
     
  19. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    498
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: ان پيج 3 ۾ سنڌيءَ جي سهولت

    ادا اسان جو وارو ئي هاڻي آيو هو لنڪ ٺيڪ ڪريو يا تحرير ايڊٽ ڪري واکاڻ وارا حصا ڪٽيو
    [​IMG]
     
  20. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ان پيج 3 ۾ سنڌيءَ جي سهولت

    انبيج مان لكت كابي كري ورد م بيست كرن واري كاله سمجه م نه تهي اجي دادي كوشش كئي آهي بر ناكام تهيو آهيان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو