حاڪم
سينيئر رڪن
ڪراچي (رپورٽ: ارشاد گلاباڻي) ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ٿيل ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن کي روڪڻ لاءِ ڪالهه هتي وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ گهرو معاملن واري وفاقي وزير رحمان ملڪ پڻ شرڪت ڪئي، جڏهن ته بعد ۾ رحمان ملڪ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي پهچي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن سان گڏجاڻي ڪئي. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اعليٰ سطحي گڏجاڻيءَ کانپوءِ رحمان ملڪ چيو ته ڪراچي ۾ امن لاءِ سمورا انتظام سنڌ حڪومت جي وس ۾ ناهن ۽ ضرورت پئي ته فوج کي به طلب ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪراچي سميت پوري ملڪ کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪئي ويندي. هن ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽيءَ جو پيپلز امن ڪاميٽي سان ڪوبه لاڳاپو ناهي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي مرڪزي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اسان صدر آصف علي زرداري کي پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي اسين نتيجن جو انتظار ڪري رهيا آهيون. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اعليٰ سطحي گڏجاڻيءَ کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي موجودگيءَ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي گهرو معاملن واري وفاقي وزير رحمان ملڪ چيو ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ گرفتار جوابدارن پاران سياسي لاڳاپن جي اعتراف جي باوجود سياسي ڌريون اقرار ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيون آهن تنهنڪري آئنده سياسي پارٽين سان لاڳاپيل ماڻهن جو رڪارڊ تيار ڪيو ويندو ته جيئن ڪنهن به واردات ۾ سندن ملوث هجڻ تي لاڳاپيل سياسي پارٽيون انڪار ڪري نه سگهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ اسلام آباد جي طرز تي سيڪيورٽي پلان تيار ڪرڻ کانسواءِ پوليس جي تعداد ۾ 10 هزار اهلڪارن جي واڌ ڪئي ويندي ۽ ان سان گڏو گڏ امن امان جي حوالي سان بجيٽ ۾ واڌارو ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ گرفتار 50 جوابدار ڏوهن جو اعتراف ڪري چڪا آهن ۽ هنن چيو آهي ته سندن لاڳاپا مختلف سياسي پارٽين سان آهن پر سياسي پارٽين ان کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. جوابدارن کي ميڊيا آڏو پيش ڪيو ويندو. هن چيو ته حڪومت دهشتگردي بابت پاليسي تيار ڪئي آهي جڏهن ته دهشتگردي روڪ قانون ۾ ضروري ترميمون پڻ ڪيون وينديون، پوليس جي ڊي آءِ جي سطح جي آفيسرن جي اختيارن ۾ اضافو ڪيو ويندو. هن چيو ته هر ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي علائقي ۾ ڀتا مافيا ۽ قبضا مافيا بابت ڄاڻ هوندي آهي. هن چيو ته وڏي وزير ۽ سندس ٽيم امن جي بحاليءَ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي پر سمورا حفاظتي انتظام سنڌ سرڪار جي وس ۾ ناهن. هن سياسي پارٽين جو نالو وٺي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث جوابدارن کي چتاءُ ڏيندي چيو ته هو پنهنجي حرڪتن کان مُڙي وڃن. وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن کي قطعي برداشت نه ڪندي. هن چيو ته پارليامينٽ وسيلي اهڙي قانونسازي ڪئي ويندي ته جنهن کان به غيرقانوني هٿيار ملندو تنهن کي گهٽ ۾ گهٽ 10 ورهين جي سزا ڏني ويندي. هن چيو ته ڪراچي ۾ ڳجها ڪئميرا به لڳايا ويندا. هن چيو ته هر قتل کي سياسي رنگ ڏيڻ مناسب ناهي. هن چيو ته تنگ ڪرڻ تي ڇوڪريءَ جي ڀاءُ هڪ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو جنهن کي سياسي رنگ ڏنو ويو ۽ ان جي نتيجي ۾ شهر ۾ 30 ماڻهو مارجي ويا. هن چيو ته گذريل ڏينهن سنڌ جي گورنر جي استعيفا جون ڳالهيون شام جو ختم ٿي ويون ڇاڪاڻ ته ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين اسان سان سدائين سهڪار ڪيو آهي. الطاف حسين گذريل ڏينهن سنڌ جي گورنر سان رابطو ڪري کيس استعيفا نه ڏيڻ لاءِ چيو پر هن ان کان اڳ ئي استعيفا صدر ڏانهن ڏياري موڪلي هئي جيڪا صدر قبول نه ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلوچستان ۾ امن لاءِ حڪومتي اپائن کانپوءِ صورتحال ڪنٽرول ۾ اچي وئي آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نيٽو جي عهديدار جي اها دعويٰ غلط آهي ته اساما بن لادن ۽ سندس نائب ايمن الزواهري پاڪستان ۾ آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن وٽ دهشتگردن جي پاڪستان ۾ موجودگي جو اطلاع آهي ته اسان کي ڏنو وڃي اسان دهشتگردي جي انت لاءِ هر قدم کڻي رهيا آهيون. هوڏانهن پڌرائي موجب وزيراعليٰ هائوس ۾ امن امان بابت ٿيل اعليٰ سطحي گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سموريون سياسي ڌريون لاڳاپيل ڊي آءِ جيز کي پنهنجي انهن ڪارڪنن جي نالن جون لسٽون ڏينديون جن کي سياسي ڌريون پنهنجين پارٽين مان ڪڍي چڪيون آهن، جڏهن ته نادرا کي سي سي پي او ڪراچي جي آفيس سان ڳنڍيو ويندو ته جيئن سموري گهربل معلومات کي ترتيب ڏئي سگهجي. گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اهڙن سڀني جوابدارن کي پڻ بخش نه ڪيو ويندو جيڪي پنهنجا لاڳاپا مختلف سياسي ڌرين سان ظاهرڪن ٿا. هوڏانهن هڪ ٻي پڌرائي موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان گهرو معاملن واري وفاقي وزير رحمان ملڪ نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ طئي ٿيو ته ڏوهارين جو تعلق ڀل ڪنهن به ايجنسي يا ڪنهن اين جي اوز سان ڇو نه هجي پر ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هجڻ جي بنياد تي کين معاف نه ڪيو ويندو. بعد ۾ گهرو معاملن واري وفاقي وزير رحمان ملڪ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي وڃي ايم ڪيو ايم جي مرڪزي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. ان کانپوءِ رحمان ملڪ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث جوابدار پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي اوٽ وٺڻ کانپوءِ به بچي نه سگهندا ڇاڪاڻ ته اسان سندن آڏو روڪ هڻي ڇڏي آهي. هن چيو ته گذريل 2 ورهين کان ٿيندڙ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن جي مڪمل جاچ ٿيندي ۽ ڏوهارين کي بخش نه ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان پيپلز امن ڪاميٽي کي پنهنجو ڪرڻ کان انڪار ڪريون ٿا ۽ پيپلزپارٽيءَ جو ان ڪاميٽي سان ڪوبه لاڳاپو ناهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ جي گهرو کاتي جو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چونڊيل نمائندو آهي ۽ هو به حياتي خطري ۾ وجهي امن امان لاءِ پتوڙي رهيو آهي پر جيڪڏهن کانئس ڪنهن کي شڪايت آهي ته اها ضرور ٻڌي ويندي. هن چيو ته لياري گينگ هجي يا ٻي ڪا گينگ هجي پر ڏوهاري جو واسطو جنهن سان به هوندو ان کي نه ڇڏيو ويندو. هن چيو ته اسان کي نه رڳو ايم ڪيو ايم جي مارجي ويل ڪارڪنن جي قتل جو افسوس آهي پر اسان کي پيپلزپارٽي جي هن وقت تائين مارجي ويل هڪ سئو 75 ڪارڪنن جو به احساس آهي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي مرڪزي اڳواڻ وفاقي وزير ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اسان صدر آصف علي زرداري ۽ وفاقي سرڪار کي کليل نموني پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪابه ڳالهه لڪائي ناهي ۽ هاڻي اسان کي نتيجن جو انتظار آهي. هن چيو ته ڪراچي جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ اها ڌر ملوث آهي جنهن ضمني چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو جڏهن ته ان رتوڇاڻ ۾ پيپلز امن ڪاميٽي پڻ ملوث آهي جنهن ڪراچي شهر ۾ مختلف هنڌن تي پنهنجون آفيسون کولي دهشتگردي شروع ڪري ڇڏي آهي. پيپلز امن ڪاميٽي اصل ۾ ”فساد ڪاميٽي“ آهي جنهن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته اسان کي پاليسين ۽ فيصلن ۾ شريڪ ڪيو وڃي ته اسين ظاهر ڪري ڏينداسين ته ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ڪير ڪير ملوث آهي. هن چيو ته اسان تي پنهنجن ڪارڪنن جو وڏو دٻاءُ آهي، اسان جي ڪارڪنن کي قتل ڪيو پيو وڃي، اسان گهرو معاملن واري وفاقي وزير رحمان ملڪ سان سڀ ڳالهيون کليل نموني ڪيون آهن. هن چيو ته ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ زمينن تي قبضا ڪندڙ مافيا ۽ هٿيار وڪرو ڪندڙ مافيا ملوث آهي. هن چيو ته اسان گولي کي ووٽ وسيلي شڪست ڏني آهي. هن چيو ته هڪ علائقي جي گينگ وار کي سڄي شهر تائين پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سڀني کي خبر آهي ته ڪنهن هٿيار کڻڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ ڪنهن هٿيار کنيا. هوڏانهن سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد خان ۽ گهرو معاملن واري وفاقي وزير رحمان ملڪ واضح ڪيو آهي ته ماڻهن جي حياتين جو هر صورت ۾ تحفظ ڪيو ويندو ۽ ڏوهارين خلاف بنا ڪنهن فرق ۽ دٻاءُ جي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هنن اهڙو اظهار ڪالهه گورنر هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو جنهن ۾ امن امان بابت ٿيل فيصلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com ---- t
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com ---- t