• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لڄا لٽ جو شڪار ٿيل زينب ڀيو انصاف لاءِ پڪاري ٿي...

حاڪم

سينيئر رڪن
کپرو جي مئٽرڪ جي شاگردياڻي زينب ڀيو سان به وحشت ڀريو واقعو پيش آيو آهي، سندس والدين کيس اڃا ٻار ئي سمجهن ٿا ۽ واقعي به هوءَ هن زماني جي هوشياري کان بي خبر آهي، هن پنهنجي سهيلين تي وشواس ڪيو ۽ سندن دعوت تي گهر هلي وئي، جتي کانئس دوکو ٿي ويو، چون ٿا ته هن جي پنهنجي ئي سهيلين کيس ڦاسائي ڇڏيو، زينب ڀيو سان ٻن وحشي جوابدارن نه رڳو لڄالٽ ڪئي پر سندس موبائل ذريعي وڊيو به ڀري وئي ۽ اها وڊيو هڪ ويب سائيٽ تي به اپ لوڊ ڪئي وئي، ائين جڏهن ڳالهه کلي وئي ته هڪ نياڻي سان ٿيل ويڌن جي ڪهاڻي به کلي سامهون اچي وئي، هوءَ ويچاري ته پاڻ سان ٿيل ويڌن تي صرف انهي ڪري ئي خاموش هئي جو کيس پنهنجي ۽ پنهنجي مائٽن جي خواري جو ڊپ هو، زينب جهڙيون ڪيتريون ئي ڇوڪريون پاڻ سان ٿيل زيادتي تي صرف انهي ڪري ئي پنهنجا چپ سبيل رکن ٿيون جو کين معاشري ۾ خواري جو ڊپ هجي ٿو، زينب ڀيو سان لڄالٽ ڪندڙ ٽي جوابدار گرفتار ٿي چڪا آهن، جن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف به ڪري ورتو آهي. سڃاڻپ پريڊ ۾ زينب پاران جوابدارن کي سڃاتو ويو، هاڻي اهو ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهي، ظلم ۽ زيادتي جو شڪار ٿيل زينب هن وقت صرف انصاف جي طلبگار آهي پر پوليس جي ڪيسن ۾ چالبازين ۽ بااثرن جي دٻاءُ سبب زينب جو چاچو ڪجهه مايوس نظر اچي ٿو، سندس چوڻ آهي ته علائقي جا ڪجهه بااثر ماڻهو راڄوڻي ٺاهه لاءِ آيا، هن انڪار ڪيو ته اهي بااثر ناراض ٿي پيا، اسان وٽ سڄو معاشرو بااثرن جي اثر هيٺ آهي، اهو ئي سبب آهي جو جڏهن به ڪو ڏوهه ٿئي ٿو تڏهن ان ڪيس جا جوابدار بااثرن جي پٺڀرائي حاصل ڪري وٺندا آهن ۽ ڏوهه ڪرڻ باوجود سزا واري عمل کان بچي ويندا آهن، زينب ڀيو سان جيڪو واقعو پيش آيو آهي، ان جي معاشري جو هر فرد مذمت ڪري رهيو آهي پر معاشري ۾ هڪڙي شيءِ جي کوٽ آهي، جيڪا مظلوم نارين کي انصاف جي چائنٺ ٽپڻ جي اجازت ئي نٿي ڏئي ۽ اهي صرف انصاف لاءِ ڀٽڪنديون ئي رهنديون آهن، سڌريل معاشري ۾ زينب ڀيو سان لڄالٽ جهڙا واقعا هڪ داغ بڻجي ويندا آهن، اسان جو معاشرو تهذيب يافته آهي پر هاڻي ڪجهه وحشت ڀريل واقعن سبب اسان جي اها تهذيب داغدار بڻجي رهي آهي، اهڙا غليظ واقعا ماڻهن کي اسان جي معاشري تي آڱريون کڻڻ جي ڄڻ ته اجازت ڏين ٿا ۽ اسان جي پويتر سنڌ ڌرتي بابت غلط تصور اڀري ٿو، اسان جڏهن اهڙن واقعن کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين تڏهن ئي اسين پنهنجي تهذيب کي بچائڻ جي دعويٰ ڪري سگهون ٿا. اسان جي سماج ۾ نارين سان لڄالٽ جا بدترين واقعا ٿيندا رهن ۽ اسين تهذيب يافته سڏائيندا رهون، اهو ٺيڪ ناهي. زينب ڀيو جڏهن انصاف لاءِ پڪاري رهي آهي، تڏهن اسان جي معاشري جي روشن خيال ماڻهن کي کيس انصاف ڏيارڻ لاءِ پاڻ پتوڙڻ گهرجي.
 
Back
Top