• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ يونيورسٽي تعليم ۽ اسانجا ڪامريڊ سنڌي دوست۔

همانگير سولنگي

سينيئر رڪن
دوستو پهريان ته مان توهان کي اگاه ڪندو هلان ته مان پنهنجي سنڌي ڀائرن کي بدنام نه ڪريان پيو پر هڪ حقيقت بيان پيو ڪيان جيڪا مون پنهنجي اکين ڏٺي آهي۔ دوستو منهنجو پهريون سال سنڌ يونيورسٽي ۾ جيئن ئي منهنجي ايڊميشن ٿي ته مان اتان جو ماحول ڏسي ڪري پريشان ٿيس ۽ سنڌ يونيورسٽي ڇڏڻ جو سوچيس پر وري مون چاهيو ته ان ماحول ۾ به رهي ڏسجي ته جيئن زندگي جو تجربو ٿئي دوستو اسان جا ڪامريڊ ڀائرن هر مهيني روم تي هاسٽل تي اچي ڪري بلا وجا پئسا وصول ڪندا هئا سنڌ يونيورسٽي ۾ سيميسٽر ڪل ڇه مهينا پر ان مان به 3 مهينا جهيڙا فساد هر هڪ ڏينهن ڪو نه ڪو مسئلو دوستو ان مان ڪنهن جو نقصان آهي پنهنجي سنڌي دوستن جو اسان جي سنڌ يونيوريسٽي جو ماحول ۽ ان جي بدنامي پوري پاڪستان ۾ دوستو مان انهن ڪامريڊن کان اهو سوال ڪيان ٿو ته توهان کي ائين ڪرڻ سان آخر ڇا ملندو آهي وڏي ڳاله ته اها آهي اهي وڏا وڏا ڪامريڊ اهي يونيورسٽي جا اسٽوڊنٽ نه آهن پر ايڪس اسٽوڊنٽ يار حيرانگي جي ڳاله آهي۔
دوستوبس يار مونکي انهن دوستن جي زندگي تي افسوس آهي جيڪي اهي ڪم ڪري رهيا آهن اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي سنڌي قوم کي تعليم ۾ دينا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ متعارف ڪرايون نه بلڪي بدنام دوستو ڪراچي ۾ ته سنڌ يونيورسٽي جي ڊگري کي اهميت ڏيڻ ڪونه ٿا ڏين دوستو بس اسانجي دوستن جي ڪري جيڪي تعليم جا دشمن ان سان گڏ پنهنجي قوم جي دوستن جا به دشمن دوستو مهرباني ڪري دل تي نه وٺجو اها هڪ حقيقت آهي۔ 
 
جواب: سنڌ يونيورسٽي تعليم ۽ اسانجا ڪامريڊ سنڌي دوست۔

ادا همانگير اهڙي ڳالهه نه آهي، توهان پوري سنڌ يونيورسٽيءَ‌جي باري ۾ ايئن نه ٿا چئي سگهو، مان به سنڌ يونيورسٽيءَ مان پڙهي چڪو آهيان ۽ هينئر اتي ئي انٽرنشپ ڪريان پيو، ان کان علاوه انٽرنيشنل هاسٽل تي 3 سال مان انٽرنيٽ جو ڪيفي هلائي چڪو آهيان۔۔۔ اهڙي ڪا ڳالهه مون کي ته نظر نه آئي۔۔ حالانڪه انٽرنيشنل هاسٽل ۾‌ پنهنجي پنهنجي دور جا وڏا ڪامريڊ انهيءَ‌ هاسٽل تي رهي چڪا آهن۔۔۔ بلڪل هاسٽل تي جهڳڙا فساد ٿيندا رهيا آهن پر ڪجهه چند ماڻهو ايئن ڪندا آهن۔۔ باقي ته ماحول پرسڪون هوندو آهي۔۔ سڀني ڊپارٽمنٽس ۾ به ساڳيو نمونو آهي۔۔۔
ڪلاس نه هلڻ ۾ شاگردن جو ڏوهه آهي، ٽيچر ته موجود هجن ٿا پر شاگرد ڪلاس نه وٺن ته ٽيچر جو ڪهڙو ڏوهه
 
جواب: سنڌ يونيورسٽي تعليم ۽ اسانجا ڪامريڊ سنڌي دوست۔

ادا همانگير توهان جي ڳالھ سئو فيصد درست آهي يونيورسٽي تربيت گاھ گهٽ ٿي لڳي تباهي گاھ وڌيڪ لڳندي آهي مونکي ته يونيورسٽي ۾ هڪ مهذب انساني ماحول به محسوس نٿو ٿئي ڪلاسن دوارن ليڪچر هلندي ڪلاس جي جي دروازي تي گانن جي آواز ۾ ليڪچر ٻڌڻ محال هوندو آهي ، فحاشي جا منظر ، ڪلاسن جو بائڪاٽ ، انتظاميه جي بي وسي ، ڪو ايجوڪيشن جي ڪري تعليم جي تباهي جا مڪمل اهڃاڻ ته بالڪل واضح آهن ،
ڪنهن قوم کي تباھ ڪرڻ جي لا ڪنهن ايٽم بم اڇلائڻ جي ضرورت نه آهي بس ان قوم جي تعليمي ادارن کي تباھ ڪري ڇڏجي ، ادا انهي کي تباھ ڪرڻ جي لا پراون جي مخفي سازشن سان گڏ انهن پنهنجن به ڪا قصر نه ڇڏي آهي "پڪا سڃاتم پنهنجا هئا ڪي ڌارين گڏ داڙي ۾ "
 
جواب: سنڌ يونيورسٽي تعليم ۽ اسانجا ڪامريڊ سنڌي دوست۔

ادا ڪافي دوست ڪامريڊ جيڪي سنڌين جي تعريف ڪن ٿا ۽ ڪرڻ گهرجي جو قوم سان پيارسٺي ڳالهه آهي ليڪن افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڄ ڪلهه ڪراچي کان سواء سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ڦر مار چوري جي بازار گرم آهي ان ۾ ملوث پنجابي يا ٻي قوم نه آهي فقط سنڌي تقريبا هر شهر ۾ اهڙو ماحول آهي اسان جي مورو شهر ۾ تقريبا روز موٽر سائيڪل جي ڦر معمول بنجي چڪي آهي اسان جي ڳوٺ جي ڀرسان هڪ شخص جنهن تي وقت جي حڪومت مهربان آهي اهو ماڻهن جون چوريون ڦريون ڪرائي انهن کان ڀنگ وٺي واپس ٿو ڪري پنجابي يا ٻي قوم اسان جي علائقي ۾ گاڏو وغيره لڳائي به گذر بسر ڪرڻ ۾ عار نه ٿا سمجهن ليڪن اسان سنڌي چئون ٿا ته اهڙو ڪم ڪرڻ ۾ اسان جي توهين آهي ان ڪري روز ڌاڙا ڦريون ڪري ان ۾ پاڻ کي ڪنڌار ٿا سڏايون اهو سڀ جهالت جو سبب آهي الله تعاليٰ سان کي اسان جي قوم کي هدايت نصيب ڪري. جو پنهنجي حق حلال جي روزي ڪمائي کائون ڪنهن کي تڪليف نه ڏيون جو حديث ۾ آهي ته

[font="al_mushaf"]عن عبد الله بن عمرو رضي الله عنهما عن النبي صلى الله عليه وسلم قال ثم المسلم من سلم المسلمون من لسانه ويده والمهاجر من هجر ما نهى الله عنه[/font]
[font="al_mushaf"]عن أبي موسى رضي الله عنه قال قالوا ثم يا رسول الله أي الإسلام أفضل قال من سلم المسلمون من لسانه ويده [/font]
بخاري ج1 ص 13

يعني مسلمان اهو آهي جنهن جي زبان ۽ هٿ کان ٻيا مسلمان امن ۾ هجن.

پنجئي آڱريون برابر نه آهن ڪافي سنڌي سٻاجها همدرد مهمان نواز پيار ڪرڻ وارا ٻين قومن کان ان ڪم ۾ پيش پيش آهن ليڪن جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا اهي سنڌي آهن اهو افسوس آهي. ڏسي ٻڌي ڏک ٿيندو آهي ته ڪاش اسان جي قوم ۾ اهڙا فرد نه هجن ته هوند ڪو آڱر کڻڻ جي جرات نه ڪري ته توهان جي قوم جا ته اهڙا ڪم آهن.
 
جواب: سنڌ يونيورسٽي تعليم ۽ اسانجا ڪامريڊ سنڌي دوست۔

همانگير صاحب اوهان بلڪل سهي ٿا چئو ڪجھ ڪامريڊ اهڙا آهن بلڪل جيڪي پنڻ جا عادي آهن.
باقي يونيورسٽي جو ماحول اسان کي نصيب ڪان ٿيو آهي.
ٿوري گهڻي سلام دعا آهي ڪامريڊن سان.
هاڻي مست جي ڳالھ کي وٺون يا اوهان جي ڳالھ کي.؟
اوهان به ڪوڙ جهڙا نه آهيون.
مست جن هن وقت يونيورسٽي ۾ آهن.
 
عاشق سولنگي توهان سهي چيو پيو پر ادي مست کي شايد خبر آهي، يا نه جيڪو 2004 ۽ 2005 جي دوران جيڪو مسئلو ٿيو هو۔ اسانجي جسقم جي صدر هو انجو نالو مونکي ياد ته هن وقت نه آهي پر ادي مست کي خبر ته هوندي، ته ان ماڻهو انٽر نيشنل هاسٽل تي هڪ فريش اسٽوڊنٽ سان جيڪا زبردستي ڪئي هئي يار دوستو بس مونکي ان ٽاپڪ تي نه ڳالاهڻو نه آهي، پر اهي، اسان جي سنڌي قوم جي ليڊرن جا حال آهن دوستو بس يار ميرن کي به پنهنجن مان لڳي هئي۔ اهڙا کوڙ سارا مسئلو ٿنيدا آهن پنهنجن سنڌين دوستن کان موبائيلون کسڻ ان کان پسئا لٽڻ اها اسان جي سنڌي ڪامريڊن جا ڪم آهن سنڌ يونيورسٽي ۾ پنجابي مهاجر نه پر اسان جا سنڌي آهن دوست اهي، ئي اهڙا ڪم پيا ڪن هاڻي توهان پاڻ ئي فيصلو ڪيو ته انهن ڪمن سان اسين پنهنجي قوم کي بدنام پيو ڪيون مان سڀني سنڌين ڀائرن کي نه پيو نشانو بڻايان، پر ڪجه عناصر اهڙا آهن۔ جيڪي اسان جي قوم کي سري عام بدنام ڪن پيا۔ ادي مست به پنهنجي جڳه تي سهي آهي پنج آڱريون برابر نه آهن۔ دوست مهرباني ڪري ان کي دل تي نه وٺجو اها هڪ حقيقت آهي۔
 
ادا همانگير شايد اوهان زين ڳن جي ڳالهه ڪيو پيا، اهو واقعي ڪريڪٽر جو صفا خراب هو، ان سان منهنجي منهن ماري ٿي پئي هئي جڏهن آئون انٽرنيشنل تي ڪيفي تي هوندو هئس۔۔ پر ادا ڳالهه اها ئي آهي ته پنج ئي آڱريون برابر نه هونديون آهن۔۔۔
 
جواب: سنڌ يونيورسٽي تعليم ۽ اسانجا ڪامريڊ سنڌي دوست۔

ادا همانگير توهان جي ڳالهه ڪجهه حد تائين صحيع آهي اهو ماحول ڪجهه ڊپارٽمينٽس تائين محدود نه بلڪ پوري يونيورسٽي ۾.
 
جواب: سنڌ يونيورسٽي تعليم ۽ اسانجا ڪامريڊ سنڌي دوست۔

ادا همانگير شايد اوهان زين ڳن جي ڳالهه ڪيو پيا، اهو واقعي ڪريڪٽر جو صفا خراب هو، ان سان منهنجي منهن ماري ٿي پئي هئي جڏهن آئون انٽرنيشنل تي ڪيفي تي هوندو هئس۔۔ پر ادا ڳالهه اها ئي آهي ته پنج ئي آڱريون برابر نه هونديون آهن۔۔۔

جي ادا توهان بلڪل سهي اهو ئي زين ڳن ئي صدر هو توهان سهي بلڪل ڪريڪٽ سڃاتو آهي۔ ادا مست۔
 
Back
Top