ڪنوار گهوٽ جي نئين نئين شادي ٿي ته ڪنوار جي ماء پنهنجي ڌيء کي نئين بينڪ اڪائونٽ جو چيڪ بڪ ۽ ڊپازٽنگ سلپ بوڪ ڏيندي چيو۔۔۔ ”ڌيء منهنجي طرفان تنهنجي لاءِ هي اهو تحفو آهي ... جيڪو منهنجي ماء مون کي ڏنو هو... هن تحفي کي يادگار سمجهجانءِ... ۽ جڏهن به ڪا خوشي جي ڳالهه ٿئي ته کاتي ۾ ڪجهه نه ڪجهه رقم جمع ڪرائجانءِ ۽ ڊپازٽ سلپ تي ان خوشي جي واقعي جو تذڪرو لکجانءِ... تنهنجي شادي جي خوشي ۾ پهرين رقم مون 1000 روپيا هن کاتي ۾ جمع ڪيا آهن... ان طرح پنهنجي مڙس کي به ان ڳالهه تي قائل ڪجانءِ...
جيتري گهڻي خوشي ملي اوتري وڌيڪ رقم کاتي ۾ جمع ڪرائجانءِ... ڪجهه سالن کان پوءِ تون ڏسنديءَ ته توکي ڪيتريون خوشيون مليون هونديون...“
ڪنوار گهوٽ سان تحفي جو ذڪر ڪيو ۽ ٻنهي کي اهڙو منصوبو خوب وڻيو... ڪجهه ئي وقت ۾ سندن لسٽ ڪجهه هن طرح تيار ٿي...
هڪ ڏينهن تنگ ٿي ڪنوار پنهنجي ماءُ کي چيو ته ..” امان مان هن مرد سان وڌيڪ نه ٿي گذارو ڪري سگهان ... مون کي افسوس آهي ته مون هن سان شادي ڪئي ... بس مان هاڻي طلاق ٿي چاهيان..“
ماء ورندي ڏني... ”ٺيڪ آهي پٽ جيڪڏهن تون ساڻس نه ٿي گذارو ڪري سگهين ته پوءِ سندس کان طلاق گهر پر پهريان مون واري ڏنل بينڪ کاتي وري تحفي مان سموري رقم ڪڍي پهريان خرچ ڪر.. ڇو ته توکي اهڙي گندي شادي جو ڪو به يادگار تحفو رکڻ نه گهرجي...“
ڪنوار اهو بهتر سمجهندي بينڪ وئي ۽ کاتي کي بند ڪندي سموري رقم جو چيڪ لکي ڪيش ڪرڻ لاءِ ٽوڪن ورتو... جنهن کان پوءِ سندس واري اچڻ تائين کيس انتظار گاه ۾ ويهڻ لاءِ چيو ويو...
انتظار ڪندي ڪندي سندس نظر ان ڊپازٽنگ سلپ بوڪ ڏانهن وئي جتي سندس خوشين جو ريڪارڊ لکيل هيو.. هوءَ ڏسندي ڏسندي ۽ ڏسندي رهي... هن کي اهي سڀ خوشيون ياد اچڻ لڳيون .. خوشيءَ جي انهن لمحن کي هڪ ٻئي جي پٺيان ڪنهن فلم جي سين وانگر هوءَ تصور ڪندي رهي ... ۽ سندس اکين منجهان لڙڪ وهي نڪتا... جنهن کي روڪڻ سندس وس ۾ نه رهيو.. جيڪي ماڻهن کان لڪائيندي هوءَ بغير رقم وصول ڪرڻ جي گهر واپس موٽي آئي...
ٻئي ڏينهن هن مڙس کي اهو يادگار ڊپازٽنگ بڪ ڏيندي چيو ته طلاق کان پهريان هي سموري رقم ڪڍرائي خرچ ڪري اچ... “
ٻئي ڏينهن مڙس ڊيپازٽنگ بوڪ ڪنوار کي واپس ڏنو جنهن ۾ هيٺان هڪ وڌيڪ لائين لکيل هئي...
توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته ڪنوار گهوٽ ريٽائرڊ ٿيڻ ڪيتري رقم کاتي ۾ جمع ڪرائي هوندي... ؟ مون کي نه آهي خبر پر اهو ضرور چوندس ته سندن باقي سال انتهائي يادگار ۽ خوشين سان ڀريل گذريا هوندا....
ان ڪري ئي چوندا آهن ته جڏهن توهان رستي تي هلندي ترڪي ڪِري پئو ته اهو نه ڏسو ته توهان ڪهڙي جڳهه تي ڪريا آهيو بلڪه اهو ڏسو ته توهان ڪهڙي شيءَ تان ترڪي ڪِري پيا هيو....

- 7 فيبروري... شادي کان پوءِ مڙس جي جي پهرين سالگره تي... 100 روپيه
- 1 مارچ ... شادي جو الائونس پگهار ۾ وڌڻ ڪري..... 300 روپيه
- 1 جون ... گرمي جي موڪلن ۾ پهريون دفعو گهمڻ ڪري .... 200 روپيه
- 15 اپريل... اميد واري ٿيڻ تي......... 2000 روپيه
- 1 مئي .... مڙس جي پروموشن تي... 1000 روپيه...
- ۽ اهڙي طرح لسٽ وڌندي رهي...
هڪ ڏينهن تنگ ٿي ڪنوار پنهنجي ماءُ کي چيو ته ..” امان مان هن مرد سان وڌيڪ نه ٿي گذارو ڪري سگهان ... مون کي افسوس آهي ته مون هن سان شادي ڪئي ... بس مان هاڻي طلاق ٿي چاهيان..“
ماء ورندي ڏني... ”ٺيڪ آهي پٽ جيڪڏهن تون ساڻس نه ٿي گذارو ڪري سگهين ته پوءِ سندس کان طلاق گهر پر پهريان مون واري ڏنل بينڪ کاتي وري تحفي مان سموري رقم ڪڍي پهريان خرچ ڪر.. ڇو ته توکي اهڙي گندي شادي جو ڪو به يادگار تحفو رکڻ نه گهرجي...“
ڪنوار اهو بهتر سمجهندي بينڪ وئي ۽ کاتي کي بند ڪندي سموري رقم جو چيڪ لکي ڪيش ڪرڻ لاءِ ٽوڪن ورتو... جنهن کان پوءِ سندس واري اچڻ تائين کيس انتظار گاه ۾ ويهڻ لاءِ چيو ويو...
انتظار ڪندي ڪندي سندس نظر ان ڊپازٽنگ سلپ بوڪ ڏانهن وئي جتي سندس خوشين جو ريڪارڊ لکيل هيو.. هوءَ ڏسندي ڏسندي ۽ ڏسندي رهي... هن کي اهي سڀ خوشيون ياد اچڻ لڳيون .. خوشيءَ جي انهن لمحن کي هڪ ٻئي جي پٺيان ڪنهن فلم جي سين وانگر هوءَ تصور ڪندي رهي ... ۽ سندس اکين منجهان لڙڪ وهي نڪتا... جنهن کي روڪڻ سندس وس ۾ نه رهيو.. جيڪي ماڻهن کان لڪائيندي هوءَ بغير رقم وصول ڪرڻ جي گهر واپس موٽي آئي...
ٻئي ڏينهن هن مڙس کي اهو يادگار ڊپازٽنگ بڪ ڏيندي چيو ته طلاق کان پهريان هي سموري رقم ڪڍرائي خرچ ڪري اچ... “
ٻئي ڏينهن مڙس ڊيپازٽنگ بوڪ ڪنوار کي واپس ڏنو جنهن ۾ هيٺان هڪ وڌيڪ لائين لکيل هئي...
- 8 سيپٽمبر... اڄ مون کي احساس ٿيو آهي ته گذريل سالن ۾ مان توکي ڪيترو چاهيندو رهيو آهيان... ۽ تو مون کي ڪيتريون خوشيون ڏنيون آهن.. 5000 روپيه...