زندگي دراصل غلطين مان سکڻ جو نالو آهي۔۔۔۔

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏21 آڪٽوبر 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪنوار گهوٽ جي نئين نئين شادي ٿي ته ڪنوار جي ماء پنهنجي ڌيء کي نئين بينڪ اڪائونٽ جو چيڪ بڪ ۽ ڊپازٽنگ سلپ بوڪ ڏيندي چيو۔۔۔ ”ڌيء منهنجي طرفان تنهنجي لاءِ هي اهو تحفو آهي ... جيڪو منهنجي ماء مون کي ڏنو هو... هن تحفي کي يادگار سمجهجانءِ... ۽ جڏهن به ڪا خوشي جي ڳالهه ٿئي ته کاتي ۾ ڪجهه نه ڪجهه رقم جمع ڪرائجانءِ ۽ ڊپازٽ سلپ تي ان خوشي جي واقعي جو تذڪرو لکجانءِ... تنهنجي شادي جي خوشي ۾ پهرين رقم مون 1000 روپيا هن کاتي ۾ جمع ڪيا آهن... ان طرح پنهنجي مڙس کي به ان ڳالهه تي قائل ڪجانءِ...
    جيتري گهڻي خوشي ملي اوتري وڌيڪ رقم کاتي ۾ جمع ڪرائجانءِ... ڪجهه سالن کان پوءِ تون ڏسنديءَ ته توکي ڪيتريون خوشيون مليون هونديون...“
    ڪنوار گهوٽ سان تحفي جو ذڪر ڪيو ۽ ٻنهي کي اهڙو منصوبو خوب وڻيو... ڪجهه ئي وقت ۾ سندن لسٽ ڪجهه هن طرح تيار ٿي...
    • 7 فيبروري... شادي کان پوءِ مڙس جي جي پهرين سالگره تي... 100 روپيه
    • 1 مارچ ... شادي جو الائونس پگهار ۾ وڌڻ ڪري..... 300 روپيه
    • 1 جون ... گرمي جي موڪلن ۾ پهريون دفعو گهمڻ ڪري .... 200 روپيه
    • 15 اپريل... اميد واري ٿيڻ تي......... 2000 روپيه
    • 1 مئي .... مڙس جي پروموشن تي... 1000 روپيه...
    • ۽ اهڙي طرح لسٽ وڌندي رهي...
    ڪجهه سالن کان پوءِ ٻنهي ڪنوار گهوٽ ۾ ننڍين ننڍين ڳالهين تي جهيڙا ٿيڻ لڳا... ۽ اهي جهڳڙا ختم ٿيڻ بجاءِ اڃان زور پڪڙڻ لڳا... ۽ ڳالهه ايتري وڌي جو هنن هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ پڻ ڇڏي ڏنو... هو سوچڻ لڳا ته هُو دنيا جا بيوقوف ترين هئا جو هڪ ٻئي سان شادي ڪيائون.... ۽ اهڙي طرح نه ٻنهي ۾ ڪو پيار رهيو ۽ نه وري ڪا محبت...
    هڪ ڏينهن تنگ ٿي ڪنوار پنهنجي ماءُ کي چيو ته ..” امان مان هن مرد سان وڌيڪ نه ٿي گذارو ڪري سگهان ... مون کي افسوس آهي ته مون هن سان شادي ڪئي ... بس مان هاڻي طلاق ٿي چاهيان..“
    ماء ورندي ڏني... ”ٺيڪ آهي پٽ جيڪڏهن تون ساڻس نه ٿي گذارو ڪري سگهين ته پوءِ سندس کان طلاق گهر پر پهريان مون واري ڏنل بينڪ کاتي وري تحفي مان سموري رقم ڪڍي پهريان خرچ ڪر.. ڇو ته توکي اهڙي گندي شادي جو ڪو به يادگار تحفو رکڻ نه گهرجي...“
    ڪنوار اهو بهتر سمجهندي بينڪ وئي ۽ کاتي کي بند ڪندي سموري رقم جو چيڪ لکي ڪيش ڪرڻ لاءِ ٽوڪن ورتو... جنهن کان پوءِ سندس واري اچڻ تائين کيس انتظار گاه ۾ ويهڻ لاءِ چيو ويو...
    انتظار ڪندي ڪندي سندس نظر ان ڊپازٽنگ سلپ بوڪ ڏانهن وئي جتي سندس خوشين جو ريڪارڊ لکيل هيو.. هوءَ ڏسندي ڏسندي ۽ ڏسندي رهي... هن کي اهي سڀ خوشيون ياد اچڻ لڳيون .. خوشيءَ جي انهن لمحن کي هڪ ٻئي جي پٺيان ڪنهن فلم جي سين وانگر هوءَ تصور ڪندي رهي ... ۽ سندس اکين منجهان لڙڪ وهي نڪتا... جنهن کي روڪڻ سندس وس ۾ نه رهيو.. جيڪي ماڻهن کان لڪائيندي هوءَ بغير رقم وصول ڪرڻ جي گهر واپس موٽي آئي...
    ٻئي ڏينهن هن مڙس کي اهو يادگار ڊپازٽنگ بڪ ڏيندي چيو ته طلاق کان پهريان هي سموري رقم ڪڍرائي خرچ ڪري اچ... “
    ٻئي ڏينهن مڙس ڊيپازٽنگ بوڪ ڪنوار کي واپس ڏنو جنهن ۾ هيٺان هڪ وڌيڪ لائين لکيل هئي...
    • 8 سيپٽمبر... اڄ مون کي احساس ٿيو آهي ته گذريل سالن ۾ مان توکي ڪيترو چاهيندو رهيو آهيان... ۽ تو مون کي ڪيتريون خوشيون ڏنيون آهن.. 5000 روپيه...
    ڪنوار گهوٽ هڪ ٻئي کي ڀريل اکين سان ڏٺو .. ۽ ڀاڪرين پائي ڊپازٽنگ سلپ بوڪ سيف ۾ واپس رکيو...

    توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته ڪنوار گهوٽ ريٽائرڊ ٿيڻ ڪيتري رقم کاتي ۾ جمع ڪرائي هوندي... ؟ مون کي نه آهي خبر پر اهو ضرور چوندس ته سندن باقي سال انتهائي يادگار ۽ خوشين سان ڀريل گذريا هوندا....

    ان ڪري ئي چوندا آهن ته جڏهن توهان رستي تي هلندي ترڪي ڪِري پئو ته اهو نه ڏسو ته توهان ڪهڙي جڳهه تي ڪريا آهيو بلڪه اهو ڏسو ته توهان ڪهڙي شيءَ تان ترڪي ڪِري پيا هيو....
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: زندگي دراصل غلطين مان سکڻ جو نالو آهي۔۔۔۔

    واه ادا رشيد واه، توهان جي ونڊ ته ڀلي آ پر ادا اڄوڪو اهو دور آهي جو مهينو به ڏکيو ٿو نڪري سو هر ماڻهون ته ان طريقي سان پئسه جمع نه ٿو ڪرائي سگهي۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: زندگي دراصل غلطين مان سکڻ جو نالو آهي۔۔۔۔

    اسلام عليڪم ادا

    ادا ڪهاڻي ته ماشاالله تمام جاندار آهي

    پر صرف مون کي اهو ٻڌايو ته اهي زال مڙس جمع ٿيل پئسا ڪڍائيندا به صحيح يا ائين ئي ويندا پيالو ڪري ......

    هڪ وري اسان وٽ سنڌي ۾ پهاڪو آهي ته

    رکيو مال پرايو




    سدائين گڏ
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: زندگي دراصل غلطين مان سکڻ جو نالو آهي۔۔۔۔

    ادا رشيد۔۔ توهان جي ونڊ ڪيل اهڙي تحريرن ۾ هميشه نواڻ هوندي آهي ۽ اسان جهڙا سيکڙاٽ ماڻهو، جيڪي زندگيءَ جي انهن مرحلن مان گذرن پيا ته انهن جي لاءِ بهترين سبق آموز ونڊ آهي۔۔
    جڏهن زندگي ۾ ڪاوڙ، بي اطميناني، بي سڪوني جو مرحلو اچي وڃي ته اهڙي وقت ۾ خوشين وارا پل ياد ڪرڻ سان ماڻهو سڪون ۾ رهي سگهي ٿو ۽ اڳئين جي غلطين کي معاف ڪري سگهي ٿو۔
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: زندگي دراصل غلطين مان سکڻ جو نالو آهي۔۔۔۔

    فقير سائين اوهان ته سدائين مال جي پٺيان پٺيان۔۔۔ ڪڏهن سبق به حاصل ڪندا ڪريو يار۔۔۔ ها ها ها >:d<
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: زندگي دراصل غلطين مان سکڻ جو نالو آهي۔۔۔۔

    ان ڪري ئي چوندا آهن ته جڏهن توهان رستي تي هلندي ترڪي ڪِري پئو ته اهو نه ڏسو ته توهان ڪهڙي جڳهه تي ڪريا آهيو بلڪه اهو ڏسو ته توهان ڪهڙي شيءَ تان ترڪي ڪِري پيا هيو....[/quote]
    هن ڳالهه ته پنهنجون اکيون کولي ڇڏيون آهن ، اميد ته اهڙا سبق اسان ساٿين کي ڏيندا رهندا۔
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: زندگي دراصل غلطين مان سکڻ جو نالو آهي۔۔۔۔

    پيارا ڀا رشيد

    اوهان جي ونڊ ڪيل ننڍڙي پر سبق آموز ۽ وڏي سوچ سان ڀرپور آکاڻي پڙهي دل خوش ٿي۔ جيڪڏهن انسان پنهنجي ” انا ۽ مان “ مان نڪري اهڙو سوچيندو ته ڪڏهن به ڪونه ترڪندو. اسان خوشين کي ڇڏي ننڍڙين ننڍڙين غلطين ۽ ننڍڙين تڪليفن تي ناراض ٿي ٿا وڃون۔ اسان ننڍڙن ڏکن جي ڪري دوستيون، پنهنجائپون ڇڏي ٿا ڏيون.

    ڏک سکن جي سونهن پر گهوريا ڏک سکن ريء

    الله اوهان کي خوش رکي هي ڪهاڻي اوهان پنهنجي گهر به ضرور ٻڌائجو ۽ اهو چيڪ بوڪ پاڻ وٽ رکجو جو سنڌ سلامت جو بار به اوهان تي آهي۔
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: زندگي دراصل غلطين مان سکڻ جو نالو آهي۔۔۔۔

    پر يارو! پاڻ ماڻهون لک احتياط ڪري ۽ ترڪڻ وارين سڀني شين کان پاسو ڪري پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته سماج به ڪڏهن ڪڏهن ڪيلي جي کل روڊ تي اڇلائي تماشو ڏسندو آهي ۽ خبر تڏهن پوندي آهي جو همراهه ان ڪيلي جي کل تان ترڪي، ڪياڙيءَ ڀر ڪرندو آهي ۽ نتيجي ۾ يا مٿو چٽ يا وري هيٺ ڀٽاري چٽ ۔۔۔

    ادي رشيد جي ڪهاڻي ته بيشڪ سبق آموز آهي پر اسانکي هن سماج جي اڇلايل ڪيلن جي کلن کان بچاءَ ۾ مٿي تي ۽ هيٺ واري ڀٽاريءَ تي ”هيلمٽ helmet“ پائي گهمڻو پوندو ته جيئن اهڙن حادثن کان بچي سگهجي ۔۔۔ ڪيئن آهي نه پتي جي ڳالهه ۔۔؟
     
  9. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: زندگي دراصل غلطين مان سکڻ جو نالو آهي۔۔۔۔

    واه سائين واه تمام زبردست ونڊ آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو