ساري دنيا جا سنڌي دوستو، ۽ سنڌ سلامت جا ساٿيو، اڄ مجاز واري دنيا ۾ هليو ويس، هي نظم تخليق ٿي ويو، مون ڪٿي اڳ ۾ لکيو هو ته ڏات جي ديوي وڏي چِيٽر هوندي اٿوَ، ڀلي اکين ۾ ڳوڙهن جو قطارون هُجن، هو پاڳل ديوي ٽهڪن ۽ مسڪرائڻ جون سٽون لکائي ويندي آهي، ۽ جڏهن من مسڪرائيندو پيو آهي، ان وقت چري ديوي آهن، سُڏڪن ۽ لُڙڪن جون سٽون سرجائي ويندي آهي، پيار يا مجاز واري ٽُٻي هڻڻ تي منهنجي دل ڪونه پئي چاهيو پر ڏات جي ديوي کي ڪو الله پُڄي هي مجاز سان ڀرپور نظم لکائي ويئي آهي۔ توهان کي ڪئين لڳو هي نظم، توهان جي واڌو ڪاٽو راين جو هميشهه جيان منتظر رهندس آيو ياد توکي تُنهنجو ”ناز” هوندو نظم جي ڪمپيوٽر چترڪارِي
جواب: آيو ياد توکي تُنهنجو ”ناز” هوندو (نظم) نثاراحمد ناز الاڙي! اصل قهر ڪري وڌو آهي ”ناز“، ۔۔۔ جيتوڻيڪ درياهه جي دهشت اڃان ماروئڙن جي مٿن ۾ آهي پر نثار ناز پنهنجي محبوب کي ان ئي سنڌو درياهه جي ڪنڌيءَ تي يادن جي لهرن ۾ لوڙهي وڌو آهي ۔۔۔ معشوق جو وڇوڙو جڏهن من ۾ مهراڻ ٿي پوندو آهي ته پوءِ جيڪا حالت نيڻن جي ٿيندي آهي سا ته ڪو عاشق ئي ٻڌائي ۔۔۔ باقي سڌڙيا ته اسين سڀ آهيون ۔۔۔ واه سائين ناز واه ۔۔۔ ڇا ڳالهه ڪجي؟ تکي/ مڏي ڪاتيءَ سان ڪهڻ جو ڪمال ته ڪي ڪاسائي ڪن پر گيتن سان اندر ۾ چير ڏيڻ ته ڪو ”ناز“ کان سکي ۔۔۔
جواب: آيو ياد توکي تُنهنجو ”ناز” هوندو (نظم) نثاراحمد ناز سائين نثار ناز اوهان جو مجازي عشق سان ٽمٽار هي دل کي ڇهندڙ نظم ڏاڍو وڻيو۔ سو به سنڌو سان سميٽيل ۔ هر سٽ مان سونهن پئي بَکي۔ مان اڳ ۾ به عرض ڪيو هو ته اوهان جي شاعري فطرت جي تعريف ۽ سونهن سان ڀري پئي آهي۔ ادا نثار ابڙا صاحب اسان جو جيئڻ ۽ مرڻ سنڌوء سان آهي۔ تنهنڪري مهراڻ جي موجن ۾ معشوق هجي ته پوء ماڻهو نثار ناز بڻجي ٿو وڃي۔ چمڪي آ چانڊاڻ، مشڪي آهي ماٿري، پرڏيهي منهنجو پرين، اِجهو آيو ڄاڻ، منهنجو من مهراڻ، ڇولين جيئن ڇُلڪي اُٿيو شاه لطيف کان وٺي قمر شهباز ۽ نثار ناز تائين هر شاعر سنڌوء کانسواء پنهنجي شاعري کي پورو ڪونه ٿو سمجهي۔ کليل تنهنجي چوٽي ڪمر تاڻ هوندي مٿان مست موجن ۾ مهراڻ هوندي۔ زبردست سائين نثار ناز اوهان کي پڙهي الئي ڇو مونکي اسان جي خيرپور رياست جو عاشق مزاج والي مير علينواز ناز ياد اچي ويندو آهي۔
جواب: آيو ياد توکي تُنهنجو ”ناز” هوندو (نظم) نثاراحمد ناز چمڪ چنڊ چوڏهينءَجي چانڊاڻ هوندي، کليل تنهنجي چوٽي ڪمر تاڻ هوندي، مٿان مست موجن ۾ مهراڻ هوندي۔۔۔۔۔ فقط غم جدائيءَجو همراز هوندو، آيو ياد توکي تنهنجو ناز هوندو۔۔۔۔ سائين نثار ناز صاحب! سائين نثار ابڙو سچ ٿو چوي ۔۔ڇو ٿا مستن جي اندر کي ايڏا جهير ڏيو۔۔۔۔ توهان سچ پڇو ته توهان جي انهن شعرن کي پڙهي اسان الائي جي ڪهڙي دنيا ۾پهچي وڃون ٿا۔۔ وري پاڻ کي پاڻچهنڊڙي پائي هن دنيا ۾ واپسآڻڻو پوي ٿو ته يار اها دنيا صرف سائين نثار ناز جهڙي مجازي شاعرن لاءِآهي۔۔ تمام گهرائي واري لفظن سان هي شاعري اصل دل ۾گهر ڪري وئي آهي۔۔۔ بس نه پڇو ته اهڙي شاعري کي پڙهي ڪري اسان مستن جي دل تي ڇا ٿي گذري۔۔
جواب: آيو ياد توکي تُنهنجو ”ناز” هوندو (نظم) نثاراحمد ناز هڪ ته مان مست، مٿان وري اوهان جي هي شاعري مست۔۔۔ هاڻي مست جي مستي ٻيڻي ٿئي يا نه ٿئي۔۔؟؟؟؟
جواب: آيو ياد توکي تُنهنجو ”ناز” هوندو (نظم) نثاراحمد ناز سائين نثار ابڙو يار دل لڳي جي ڳالهه آ، اهو سڀ عشق جو ڪمال آ، جو مهراڻ ڪنڌي تي پرين کي يادگيرن جي ساگر ۾ چرئي ناز کي سمائي ڇڏيم، دل تي هٿ رکي ڳالهه ٻُڌائي سنڌو جو ڪنارو هُجي، پري ڪونه ٿا وڃون ڄامشوري واري المنظر ڪنڌي هُجي جتي سوين پريم ڪهاڻيون پلبيون آهن اتي سڄڻن جا چيلهه تائين وار کليل هُجن، اڪيلائي هُجي اتي لازمي لازمي پنڌ به پڇائبا ۽ پنڇي به اُڏائبا بس اهڙي ڪنهن پس منظر جي لکيل هي ڪويتا جيڪا نظم جي صورت ۾ توهان سان ونڊ ڪئي اٿم، هڪڙي نئين معنى منهنجي هن نظم کي تو اها ڏني ته منهنجا گيت ڪنهن جي اندر ۾ چير ڏين ٿا۔ لک ٿورا
جواب: آيو ياد توکي تُنهنجو ”ناز” هوندو (نظم) نثاراحمد ناز مٺا سنڌو اسان جو جياپو آهي، اسان جي هر شاعري سنڌو کي سواءِ اڌوري آهي شاعري ته ڇا پر هر سنڌيءَ جو جياپو سنڌو کان سواءِ مڪمل ناهي۔ ادا سليمان يار مير علي نواز ناز جي شاعري ۽ شخصيت اسان کان تمام تمام گهڻي سگهاري آهي۔ اسان کي ايڏو مٿي تي نه چاڙهه جو لهي به نه سگهون۔ اسان لاءِ اهو ئي ڪافي آهي جو توهان جهڙا ادب دوستن اسان شاعرن جون همت افزايون ڪن ٿا۔
جواب: آيو ياد توکي تُنهنجو ”ناز” هوندو (نظم) نثاراحمد ناز ابول مطلب ته مستن جي دل کي به جهير ٿا پون، اسد يار ٻُڌائي نه ته توهان جي دل تي ڇا ٿي گُذري ، مست يار ڏاهو ٿي هن ئي دنيا ۾ رهو، پاڻ کي چهنڊڙيون نه پائيندو ڪر، تون پهنجي پاڻ کي چهنڊڙي ٿو پائين ته تڪليف خبر ناهي ڇو اسان کي ٿي ٿئي ۔ هوش ڪر مٺا ۔
جواب: آيو ياد توکي تُنهنجو ”ناز” هوندو (نظم) نثاراحمد ناز سائين نثار ناز صاحب هر سٽ دل کي ڇوهندڙ آهي۔ واکاڻجي لا لفظ ڪو نه پئي مليا۔۔ تمام ذبردست۔۔