حاڪم
سينيئر رڪن
ڪراچي (بيورو رپورٽ) سڌسماءَ بابت وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار شرميلا فاروقي چيو آهي ته پ پ جي جمهوري حڪومت پريس جي آزادي ۾ يقين رکي ٿي ۽ حڪومت کي اها به توقع آهي ته ميڊيا پڻ موٽ ۾ پنهنجي ذميواري نڀائيندي. حڪومت ۽ ميڊيا ۾ تعلقات بهتر بڻائڻ جي لاءِ نئين حڪمت عملي تي عمل ڪيو پيو وڃي. اسان جي ڪوشش آهي ته ملڪ جي هن اهم اداري سان تعلقات بهتر رهن. اهڙو اظهار هن سندس آفيس ۾ عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي سربراهه قاضي اسد عابد ۽ ريجنل ٽائمز جي سربراهه قاضي سجاد اڪبر سان ملاقات دوران ڪيو. شرميلا فاروقي وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ آيل بدترين ٻوڏ ۾ غير سرڪاري تنظيمن جو ڪردار اهم رهيو آهي ۽ انهن جي فائدي کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ ڏکيو ڪم آهي پر موجوده جمهوري حڪومت، غير سرڪاري تنظيمن ۽ ڀلائي وارن ادارن جي سهڪار سان ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته اسان عوام ۾ سماجي مسئلن بابت عوامي جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. معاشري جي بهتري لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ معاشري ۾ تبديلي لاءِ اسان کي پنهنجي سوچ ۾ هاڪاري تبديلي آڻڻي پوندي. گڏجاڻي ۾ هن اخباري صنعت سان تعلق رکندڙ معاملن تي قاضي اسد عابد سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار شرميلا فاروقي قاضي اسد عابد کي ٽي وي او جو چيئرمين مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سندس سربراهي ۾ اهو ادارو مثبت نتيجا ڏيندو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر ايڊورٽائيزمينٽ ميڊم مهناز، ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن ايس ايم اقبال به موجود هئا.