حاڪم
سينيئر رڪن
ڪراچي (عوامي آواز نيوز) کپري ۾ لڄالٽ جي شڪار ٿيندڙ زينب ڀيو زندگيءَ کان مايوس ٿيڻ بعد نفسياتي دٻاءُ جو شڪار ٿي وئي آهي. سندس خاندان جي ذريعن ڄاڻايو آهي ته هن ٻه ڀيرا آپگهات جي ڪوشش ڪئي پر خاندان جي فردن کيس بچائي ورتو. نينگري زينب جي چاچي جو چوڻ آهي ته متاثر نينگري جو نفسياتي ۽ گائناڪلاجسٽ ماهر علاج ڪري رهيا آهن پر سندس صورت حال ۾ ڪو به فرق نه پيو آهي. هن ٻڌايو ته ان واقعي جي سامهون اچڻ کان پوءِ زينب سماجي، نفسياتي ۽ جسماني طور تي گهڻو متاثر ٿي وئي آهي. هڪ انگريزي اخبار جي رپورٽ مطابق سندس خاندان جو چوڻ آهي ته هو ڪوشش ڪري رهيا آهن ته اهو واقعو زينب جي ذهن مان ميسارجي وڃي پر ميڊيا ۾ ان ڳالهه جي وري وري ڇڙڻ سان هنجي ذهن تي ناڪاري اثرپون پيا. جنهن ڪري سندس جي زندگيءَ زهر بڻجي وئي آهي. وارثن مطالبو ڪيو آهي ته ملزمن کي سزا ڏني وڃي.