شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ عشق ۽ محبت جو تذڪرو

'سنڌي شاعري' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏23 آڪٽوبر 2010۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,757
    ورتل پسنديدگيون:
    2,733
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    [​IMG]
    هن سائنسي ترقي يافته دور جو انسان هن ڌرتيءَ تي لوڀ ۽ لالچ جي اڃ اجهائڻ لاءِ دغا ۽ دولاب جي رُڃَ پويان نهايت حيران ۽ پريشان نظر اچي ٿو انساني سماج ۾ هي موجوده ڇڪتاڻ ۽ مار ڌار علم ۽ تجربي جي کوٽ سبب ڪين آهي، پر هن عالمي بي چيني جو مکيه ڪارڻ لوڀ ۽ لالچ ۾ لڙهي وڃڻ جو آهي نتيجي ۾ انسانيت مصيبت جو شڪار ٿئي ٿي. اهڙي طرح تاريخ ۽ انساني تمدن جي بهتري ڀلائي جي تصوير پيش ڪرڻ بجاءِ خونريزيءَ، مار ڌاڙ، بک ۽ بدحالي جا دل ڏاريندڙ داستان ٻڌائي ٿي، اهڙن ڏکين وقتن تي سنڌ ۾ ڪيترائي عالم، صوفي، بزرگ آيا جن سچ جي صدا ۽ حق جو هوڪو ڏيندي چيو ته تو ۾ آهيان مان، مون ۾ آهين تون ! پاڻ ٻئي هڪ آهيون، تن جو چيو، صبر جي شمشير سان ڪيني کي قتلام ڪرڻ جو چئي امن امان جي ڳالهه ڪئي، ٺلهن اکرن اجارڻ بدران اندر اجارڻ جو چيو. سڄڻ ۽ ساڻيهه وسارڻ واري کي اڻا سوچيو، ”هلو هلو! ڪورين، جت، پسجي نينهن ! چئي محبت جي تلاش لاءِ چيو، رندا روڙڻ ۽ چرخي چورڻ جو چيو، ٻنين ۽ ونين کي پنهنجي ڪرڻ جو چيو، لوئي جي لڄ بچائڻ لاءِ سر گهورڻ جو چيو، اهڙن عظيم بزرگن ۾ شاهه عبدالطيف جي عظمت هڪ حقيقت آهي، سنڌ جي هن ادبي تاج جي لاثاني گهور جو جنم 1689ع ۾ حيدرآباد ضلعي هالا ويجهو ”ڀئي پور“ ”هالا حاويلي“ ۾ ٿيو، سندس شروعات پالنا سندس والد بزرگ شاهه حبيب جي دست شفقت سان ٿي، عام ماڻهن جي اها راءِ آهي ته شاهه سائين ڪنهن وٽ ظاهري تعليم ڪا نه ورتي هئي، پر پوءِ به سڀني علمن ۽ فنن جو وڏو ڄاڻو هو، کيس دينوي علمن تي قدرت حاصل هئي، جنهن کي خدائي ڏات چيو وڃي ٿو، جنهن لاءِ سندس واضح لفظن ۾ هي گواهي آهي ته
    ”ڪي اڻ پڙهيائي، پڙهيا ٿيا، جن کي پڙهائي پاڻ
    ٻيا ڪوڙن ڪتابن ساڻ، هونئين وتن هلندا“ شاهه
    هن مان معلوم ٿو ٿئي ته کيس علم جي عنايت خود خدا کان ٿي هئي جنهن کي ”ڄمندي ڄام“ چئبو آهي شاهه سائين جو رسالو 33 سرن تي مشتمل آهي سندس هر هڪ سُر ۾ مضمون جي لحاظ کان ڪو نه ڪو پيغام پوشيده آهي سندس هر هڪ سُر هر هڪ سُر جي هر هڪ سٽ بلڪ هر هڪ حرف حرف ۾ وڏي معنيٰ جا موتي ملندا، شاهه سائين جون ست سورميون آهن جن ۾ هن پنهنجي شخصيت پلٽي پڌري ڪئي آهي ۽ سندس سورميون سندس جُدا جُدا روپ آهن هو وڏو شاعر وڏو محبتي ۽ وڏو عاشق هو، سندس سورمين جي ستن سرن ۾ خاص طرح عشق ۽ محبت جي سڀاءُ جا جام ڇلڪندي نظر ايندا آءُ هتي انهن سبق آموز عشق محبت جي ڪردارن متعلق وت ۽ وس آهر مختصر عرض ڪندس. شاهه سائين پنهنجن سورمين کان اهو ثابت ڪرايو آهي ته ”عشق محبت“ کي ڏسڻ ۽ پرکڻ لاءِ ان دوربيني جي درڪار ٿي پوي، جيڪا انساني ڳوڙهن جي ٺهيل هجي ڇو ته انساني اکين جو آب ئي آهي جيڪو آدمي کي عشق محبت جي رنگين انڊلٺ ڏيکاري ٿو. جنهن زمين جي انساني ڳوڙهن سان آبياري ٿئي ٿي. ان مان سچ جا سُٺا سلا اڀري سگهن ٿا، حقيقت ۾ اهي ڏک ئي آهن جيڪي سکن جو سيرٿا ڪرائين، عشق ۽ محبت جي راهه ۾ ڏک ڏسڻا ٿا پون، ڏکن ڏسڻ کان سواءِ عشق محبت جو معراج ٿي نه ٿو سگهي. جهڙي طرح سونارو سون جي سچائي کي پرڻ لاءِ کيس باهه ۾ وجهندو آهي، تهڙي طرح عاشق کي به محبت لاءِ ڏکن مان گذرڻو پوي ٿو. ڏک ئي سکن جي سونهن آهن، ڏکن کان سواءِ سک بيڪار آهن. شاهه سائين عشق محبت وارن کي ٻڌائي ٿو ته اوهان کي محبتي هجڻ جي آزمائش لاءِ ڏک عذابن جي باهه مان گذرڻو پوندو ! ان لاءِ شاهه سائين پنهنجي دل جي ڪيفيت اجهو هن طرح بيان ڪئي آهي چوي ٿو ته :
    ”ڏک سکن جي سونهن
    گهوريا سک ڏکن ريءَ“
    يا
    ”جي تون ڪالهه ئي، ته ڪالهه ئي گڏي سپرين کي
    ڪڏهن ڪا سئي ته ڪا سگهي گڏي سڄڻين“
    اهڙي طرح شاهه سائين عشق محبت ڪندڙن کي عشق محبت جي راهه ۾ ڏکن سورن جي آگاهي ڏيڻ کان پوءِ کين اڳواٽ تيار ٿيڻ جي تلقين ڪئي آهي. چوين ٿو ته عشق محبت ڪا ٻاراڻي راند ڪا نه آهي، سر جو سانگو لاهي سسي نيزي تي چاڙهڻ جو چيو آهي عشق جي ميدان ۾ ڪڏي ڪاهي پوڻ جو چيو آهي، عشق ڪرڻ کي نانگ جي ڏنگن سان مشابهت ڏني اٿس ۽ اها خبر عشق جي نانگ کاڌل کان وٺڻ جو چيو اٿس پاڻ عشق جي ڏنگيل جي حيثيت سان عشق محبت وارن سان هن طرح سان مخاطب ٿيندي چيو آهي ته.
    ”عشق نه آهي راندجيئن کيڏن ڳڀرو
    سسي نيزي پاند اڇل ته اڌ ٿئي“ شاهه
    يا
    محبت جي ميدان ۾ - ڪُڏي پئو ڪاهي
    ڇڏ تون سانگو ساهه جو لاهو تي لاهي
    عشق نانگ آهي خبر کاڌن کان پوي (شاهه)
    شاهه سائين جي نظر ۾ ”محبت“ جو درجو نهايت بلند آهي، ان جي مقابلي ۾ دنيا جي ٻي ڪا به شئي برابري ڪري نه ٿي سگهي، هن دنيا جون سڀ شيون محبت جي سهاري هيٺ تڳن ٿيون، سڀني شين جي پشت پناهي محبت ڪري ٿي، محبت جي طفيل ئي زمين ۽ آسمان قائم آهي. سج، چنڊ، تارا محبت جي ڪري ئي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي بيٺا آهن. محبت جي ڪري ئي هي ڪائنات قائم ٿي ! محبت هڪ نادر حسين ۽ هڪ بي بها جو هر آهي. محبت هڪ پاڪ جذبو آهي جو هر نقش جي دل ۾ خُدا جي خاص وديعت آهي، محبت، فراخ دلي ۽ پاڪيزگي آهي، محبت نفس جي تقدس جو ٻيو نالو آهي، محبت جي تڪميل انسانيت آهي، آسمان کان زمين ڏي ايندڙ سڀني شين مان محبت سڀ کان وڌيڪ معصوم شئي آهي، محبت هڪ ازلي بشارت آهي ۽ ان جي خوشي پڻ ابدي آهي ”محبت“ جي شاهه راهه کي ئي ”صراط مستقيم “ چئجي ٿو محبت جو راڳ رباني ۽ نغمه غير فاني آهي، محبت روح جي خواهش آهي، محبت ئي ڪونين جي تخيل جو سبب آهي. هن ساري دنيا جو قيام ۽ بقا محبت تي ئي ٻڌل آهي. الله تعاليٰ پنهنجي مخلوق کان سواءِ محبت جي ٻيو ڪجهه نه ٿو گهري، رڳو محبت محبت پيو ٿو چوي ! ڪهڙي نه افسوس جي ڳالهه چئبي جو اهڙي پاڪيزه ۽ لطف اندوزي شئي کان انسان غافل رهي ٿو، جڏهن ته عجب اهو آهي ته محبت جو چشمه سندس ئي اندر ۾ موجود آهي ! انهي چشمي تائين پهچڻ لاءِ ڪنهن ڪشالي ڪڍڻ جي ضرورت نه آهي نه ڪنهن وڏي محنت ڪرڻ جي ڪا ضرورت آهي، ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته محبت جي شمع جيڪا قلب جي اندر موجود آهي ان کي روشن رکڻو آهي، شاهه سائين پنهنجي محبوب کي مخاطب ٿيندي کيس چوي ٿو ته تون منهنجي اکين ۾ ٿي ويهه ته اکيون ٻوٽي بند ڪري توکي لڪائي ڇڏيان، ته جيئن توکي ڏيهه وارا نه ڏسن نه وري آءُ تو کان سواءِ وري ٻئي کي ڏسان ! ٻئي هنڌ چوي ٿو ته منهنجا محبوب تو جيئن اڳ ۾ اکيون اکين ۾ ملائي گهوري نهاريو هو ڄڻ اکيون اکين ۾ کُپي ويون هيون تيئن وري به اکيون اکين ۾ ملاءِ ۽ اها اکين ملائڻ جي عادت توڙ تائين نڀائجان ! مون ۾ ته گهڻائي عيب آهن پر تو ۾ ڪو عيب ئي ڪونهي! شاهه سائين پنهنجن لفظن کي پنهنجي جادو بياني سان معنيٰ جي معراج تي هن طرح پهچايو آهي چوي ٿو ته
    ”اکين ۾ ٿي ويهه، ته توکي واري ڍڪيان
    توکي ڏسي نه ڏيهه، نڪي آءُ پسان ڪي ٻيو“! شاهه
    يا
    ”جيئن کوڙي کنيون هُئي، تيئن وري به کوڙ
    اها عادت اکين جي نيئن نڀائج توڙ
    مون ۾ عيب ڪروڙ، تو ۾ حرف مَ ڀايان هڪڙو“! شاهه
    شاهه سائين عشق محبت جا ٻه قسم بيان ڪيا آهن هڪڙو مجازي عشق ۽ ٻيو حقيقي عشق، مجازي عشق اهل دنيا وارن جو عشق آهي، حقيقي عشق خُدا جي طالبن جو عشق آهي، ظاهري طرح مجازي عشق کي گهڻي اهميت ڏني وئي آهي، ڇاڪاڻ ته اها عشق جي پهرين منزل آهي، ” المجاز قنطره الحقيقت“ عشق ٻئي ڀلا آهن، پر شرط اهو آهي ته انهن ۾ ڪا به لالچ نه هجي،محبت، محض محبت جي خاطر ڪرڻ گهرجي ”سر ڏي سر وٺ سودو سرو بدر هجي“! انهيءِ لاءِ ته ان جي ابدي فضا ۾ مالڪ حقيقيءَ جي محبت جو نغمه ڪڏهن به خاموش ٿي نه وڃي، اهڙي قسم جي محبت ئي حقيقي محبت ٿي سگهي ٿي، تنگدل انسان محبت نه ٿو ڪري سگهي، محبت بلند ترين، انساني صفت آهي، جنهن ۾ جانثاري ۽ نفس جي قرباني جي ضرورت هوندي آهي، پر جيڪڏهن محبت مان مراد ڪنهن شئي جي حاصل ڪرڻ جي لوڀ لالچ آهي ته پوءِ انکان وڌيڪ ذليل شئي ٻي ڪا نه آهي بس اهو ئي سچي محبت ۽ ڪوڙي محبت ۾ فرق آهي، سچي محبت ۾ ڪا به لالچ وغيره نه هوندي آهي، سسئي عشق ۽ محبت جي جدوجهد جو بلند ڪردار آهي. پنهل جي پٺيان جبل جهاڳيندي حال کان بي حال ٿي ڪري مري رهي هئي ۽ عزرائيل سندس ساهه وٺڻ لاءِ پهتو ته هڪدم سرت ۾ اچي وئي. سمجهائين ته پنهل ماڻهو موڪليو آهي سو عزرائيل کان پڇائين ته ڇا توکي پنهل موڪليو آهي !؟ شاهه سائين پنهنجي مفڪرانه بيان جو هن طرح ڪيو آهي، چوي ٿو ته :
    ”اچي عزرائيل- ستي جاڳائي سسئي
    ٿي ڊوڙائي دليل ته پنهو ماڻهو موڪليو (شاهه)
    يا
    ”منڪر ۽ نڪير کي جڏهن ڏٺائين،
    اچي اڳيان ان جي پنهون پڇائين
    ادا اتائين ڪو آيو ساٿ سڄڻ جو ” شاهه
    هن دنيا ۾ عجيب و غريب رنگ برنگي گونا گون خوبصورتي ۽ ڪشش نظر ايندي، جنهن کي ڏسي انسان خود بخود ان طرف مائل ٿي وڃي ٿو اهو انهيءَ ڪري جو هي ڪائنات ۽ انسان کي ٺاهڻ وارو هڪ ئي آهي، انهيءَ ڪري ئي انهن ٻنهين شين جو پاڻ ۾ گهرو ۽ گهاٽو تعلق آهي، انهيءَ خالق دنيا ۽ انسان ۾ محبت جو جذبو پيدا ڪيو آهي، انهيءَ محبت جي صدقي ئي هي دنيا قائم آهي، دنيا ۽ انسان جي ٺاهڻ وارو خود هڪ مجسمه محبت آهي، انسان انهيءَ خالق مالڪ جو هن دنيا ۾ نائب ٿي آيل آهي، تنهن ڪري پنهنجي خالق جي صفت ان ۾ پڻ موجود آهي. الله تعاليٰ خود محبت آهي ۽ پنهنجي دنيا ۾ محبت ڪندڙن کي پسند ڪري ٿو، انسان محبت جو حامل ٿي ڪري محبت ڀري دنيا جي طرف ڇڪجي وڃي ٿو، سنڌ جو ناميارو حاڪم ڄام تماچي نوري جي سهڻي سيرت ۽ سهڻي صورت تي موهجي سندس محبت ۾ اچي ساڻس شادي ڪري کيس پٽ داڻي بڻائي ٿو، ۽ هر وقت ساڻس گڏ ٿو رهي، ايتري قدر جو مڇي جو شڪار به نوري نماڻي سان گڏجي ٿو ڪري يعني محبت جي ڪري نوري جي منزل ڄام تماچي آهي ۽ ڄام تماچي جي منزل نوري آهي ۽ ٻئي محبت ۾ هڪ ٿي ويا هئا، نوري ٻيڙي ٿي هلائي ته ڄام تماچي ڄار هٿ ۾ ڪري هو بهو مهاڻن وانگر مڇي جو شڪار ٿي ڪيو خبر ئي ڪا نه ٿي پئي ته هو هڪ مڇي ماريندڙ مهاڻو آهي يا ان وقت جو سنڌ ۾ بادشاهه آهي! اهڙي طرح محبت ۾ سالن جا سال گذريا آخر ته دنيا فاني آهي ڄام تماچي جا ڏينهن پورا اچي ٿيا ۽ دنيا مان موڪلائڻ وارو هو جنهن تي نوري ڏاڍي پريشان ٿي ۽ ڄام تماچي جي وڏي ڄمار لاءِ دعائون ٿي گهريائين ۽ ڏک ۾ ڀرجي چيائين ٿي ته منهنجا کلڻا ور تون ته نه مر، منهنجي اکين جو ٺار آهين. مون کي اڪيلو ڇڏي نه وڃ ڪو وقت ته ڪينجهر ۾ رهه ته محبت ۾ گڏجي گذاريون ! شاهه سائين نوري نماڻي جي محبت جي منظر نگاري هن طرح ڪئي آهي چوي ٿو ته
    ”مئي هٽ مڪڙي، ڄام هٿ ۾ ڄار
    سڄو ڏينهن شڪار ڪينجهر ۾ ڪالهه هو“ شاهه
    يا
    ”سر سلامت سپرين مرڪڻ تو مَ مريج
    آهين ٺار اکين جو وٽان مَ وڃيج
    تماچي تڳيج- ڪو ڏينهن ڪينجهر ڪنڌئين ! شاهه
    عشق محبت انسان جو فطري جذبو آهي، هر ماڻهو محبت ضرور ڪري ٿو، محبت هڪ روشن صبح آهي، جنهن جي شام پيدا ئي ڪانهي ٿي، محبت آب حيات جي اها پوند آهي جيڪامرده دلين کي زنده ڪري ٿي، محبت زندگي جي سڀ کان پاڪ ۽ مبارڪ برڪت آهي، محبت هڪ قدرتي اڪسير آهي جو دل ۾ شگفتگي ۽ تازگي پيدا ڪري ٿو، محبت اهو نشو آهي جنهن سان دل کي اهڙو سڪون ملي ٿو جو دنيا جا سڀئي خوف خطرا ختم ٿيو وڃن ٿا، ٿرڄائي مارئي کي پنهنجن ٿري ماروئڙن سان دلي محبت هئي هن عصمت جي زره چاڙهي رکي هئي جنهن ڪري عمر بادشاهه جي هر شئي کي ٺوڪرائي ڇڏيو هو. عمر بادشاهه آخري هربو هلائيندي کيس دڙڪا دهمان ڏئي پنهنجي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مارئي کيس مخاطب ٿي چيو اي عمر بادشاهه! تون منهنجي جسم کي چيري لوڻ وجهي ڇڏ پوءِ به تنهن ڪا نه ٿيندس. ڇو ته مون اهڙو گندو ڪم نه اڳ ۾ ڪيو آهي نه هاڻ ڪنديس، جيستائين منهنجي سسيءَ ۾ ساهه آهي تيستائين پرت پنهوار سان آهي، شاهه سائين مارئي جي لاثاني لڇڻ کي اجهو هن طرح بيان ڪيو آهي چوي ٿو ته :
    ”جي لوڻ لڱين لائين چيري چيري چم
    مون ڪر اڳي نه ڪيو اهڙو ڪو جهو ڪم
    جان جان دعويٰ دم تان تان پرت پهنوارسين“ شاهه
    عشق يا محبت فطرت آهي، جيڪا شئي فطرت کي پنهنجو ڪري ٿي اهائي دائم قائم رهي ٿي، جيڪا شئي فطرت کان بيپرواهه رهي ٿي سا هميشه خطري ۾ رهي ٿي، انسان هن دنيا ۾ خدا جو خليفو آهي سندس خلافت تڏهن قائم رهي سگهي ٿي جڏهن پنهنجي مالڪ حقيقي جي قانون (فطرت) کي قائم رکندو اهو قانون سواءِ محبت جي ٻيو ڪونهي انهي محبت جي باعث دنيا جون سڀ شيون پنهنجي نائب جي حوالي ڪيون آهن، تنهن ڪري اهو سندس نائب ايستائين سندس منظور نظر رهي سگهي ٿو، جيستائين هو سندس محبت جي قانون کي پوري طرح هلائي ٿو، پر انسان اهڙو ته ڪج فهم آهي، جو فطرت جي قانون کان منهن موڙي غافل ٿو رهي ۽ ائين ڪرڻ سان پنهنجي مالڪ جي نظر ۾ ڪري ٿو پوي، انسان هوڏانهن چاهي ٿو ته کيس آرام نصيب ٿئي ۽ سڪون قلب حاصل ٿئي ۽ کيس معلوم به آهي ته اهي سڀ ڳالهيون فطري اصول محبت جي ذريعي ئي حاصل ٿي سگهن ٿيون، پر پوءِ به هي نادان جنهن محبت جي ٻيڙي ۾ سوار آهي ان کي ٽنگ ڪري پاڻ ته ٻڏي ٿو پر ٻين کي به ٻوڙي ٿو! اها آهي مايا جي موهه جو چوي ٿو اڃا به کپي! هي جهيڙا جهڳر، نفرتون ۽ مصيبتون سڀ جو سڀ انهيءَ غلطي جو نتيجو آهن جو انسان محبت جو دامن ڇڏي ڪلفت ۾ ڪاهي پيو آهي، مڙني مصيبتن جو ڇو ٽڪارو شاهه سائين جي ڏنل محبت جي پيغام ۾ موجود آهي جيڪو اهل سنڌ سان گڏ بني نوع انسان لاءِ راهه هدايت جي حيثيت رکي ٿو، شاهه سائين مهان محبتي هو هن ”سنڌ“ جي خوشحالي ۽ سُڪار لاءِ دعائون گهريون ۽ ان سان گڏ ڪل ڪائنات لاءِ دُعا خير گهري ان جو مثال پوري عالمي ادب ۾ ڪو نه ٿو ملي، شاهه سائين اٿاهه محبت جي جذبي ۾ اچي اکيون بند ڪري ٻئي هٿ آسمان طرف کڻي چيو ته :

    ”سائين ! سدائين- ڪرين مٿي سنڌ سُڪار
    دوست تون دلدار- عالم سڀ آباد ڪرين“! شاهه
    آمين ثم آمين

    عشق سلامت سدا سلامت
    (حيدري چانڊيو)​
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,872
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ عشق ۽ محبت جو تذڪرو

    بيشڪ لطيف سرڪار جو پورو ڪلام عشق ۽ محبت جي رمزن سان ڀريل آهي، سندس فڪر ۽ پيغام عشق جي عجيب ڪيفيتن سان ٽمٽار آهي ۔۔۔ هڪ هڪ بيت هڪ سنيهو آهي ۽ هڪ هڪ بيت رهنمائي ڪري ٿو حق، سچ، سونهن ۽ عشق جي انڪري سندس فڪر کي پڙهيو وڃي، سمجهيو وڃي ۽ ان تي عمل ڪري، سنڌ جو مان مٿاهون ڪري سگهجي ٿو ۔۔۔

    هن ليک ۾ هڪ شاه جو بيت ڏنل آهي ان بابت مونکي شڪ لڳي ٿو ته اهو بيت شاه جو ناهي پر جي ڪنهن دوست وٽ هيٺ ڏنل بيت جو ڪو واضح ثبوت هجي ته ٿورن سان ونڊ ڪري ۔۔۔
    ”ڪي اڻ پڙهيائي، پڙهيا ٿيا، جن کي پڙهائي پاڻ
    ٻيا ڪوڙن ڪتابن ساڻ، هونئين وتن هلندا“

    تمام سٺو ليک آهي، ٿورا ناهن ٿورا دوست عرس پريي جا ۔۔۔۔
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    340
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ عشق ۽ محبت جو تذڪرو

    سائين بيشڪ ادا.
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,811
    ورتل پسنديدگيون:
    27,197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ عشق ۽ محبت جو تذڪرو

    ادا عرس مهرباني هن ونڊ جي

    لطيف سرڪار جو رسالو ته آهي ئي عشق ۽ محبت تي مشتمل۔ سندس فلسفو محبت ۽ امن جو درس پيو ڏي۔

    ڪَؤنرَ پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَؤنر ڀِري آڪاسِ؛
    ٻِنين سَندي ڳالِھڙي، رازِقَ آندِي راسِ؛
    تَنهِن عِشقَ کي شاباسِ، جَنهِن مُحبَتي ميڙِيا

    سندس رسالي ۾ عشق جي انتها تي وڃڻ ڪا وڏي ڪاله ڪونهي۔ شآه صاحب سندس هڪ بيت ۾ سسئي ۽ منڪر نڪير جي عڪسبندي ڪجه هن ريت ٿو ڪري :


    مُنۡڪِرَ۽ نَڪِيرَ کي، جڏهن ڏِٺائِين؛
    اَڳِيان اُٿِي اُنِ کي، پُنهون پُڇِيائِين؛
    اَدا اِتائِين، ڪو ويوساٿُ سَڄَڻَ جو؟
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    267
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ عشق ۽ محبت جو تذڪرو

    ادا تمام بهترينو ونڊ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ آهي۔۔
    الله جي ولين جو پيغٍآم ئي محبت آهي
     
  6. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,757
    ورتل پسنديدگيون:
    2,733
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ عشق ۽ محبت جو تذڪرو



    سائين پسند ڪرڻ جي مهرباني توهان اسان جا رهبر آهيو اسانکي رهبري ڏيندا رهو۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو