• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خواب ۽ مقصد ۾ فرق

نثارابڙو

نائب منتظم
خواب ۽ مقصد ۾ فرق ڪهڙو آهي؟
ctjc8.jpg


خوابن لئه تمام گهري ننڊ جو هجڻ ضروري هوندو آهي

۽

مقصد کي حاصل ڪرڻ لئه ننڊ کان آجي ڪاوش ضروري هوندي آهي ۔۔۔


ستا اٿي جـاڳ، ننڊ نه ڪــجي ايتري،
سلطاني سهاڳ، ننڊن ڪندي نه ملي،
لطيف سرڪار
 
جواب: خواب ۽ مقصد ۾ فرق

سائين نثار صاحب اوهان جا ويچار ۽ ڳالهيون واقعي اسان جهڙن سيکڙاٽن لاء مشعل راه آهن۔ واقعي خواب ضرور ناهي ته پورا ٿين پر مقصد کي حاصل ڪرڻ لاء ته ماڻهو جستجو ڪندو آهي۔

اوهان جستجو ايتري ڪري وٺو ۽ اُتي پهچي وڃون جو بقول لطيف سرڪار جي ته

تَنُ تَسبِيحَ، مَنُ مَڻِيو، دِلِ دَنبُورو جَنِ؛
تَندُون جي طَلَبَ جُون، وَحدَتَ سِرِ وَڄَنِ؛
”وَحۡدَهٗ لَا شَرِيۡڪَ لَہٗ“، اِهو راڳُ رَڳُنِ؛
سي سُتائِي سونهن ، نِنڊَ عِبادَتَ جَن جِي

يا وري جيئن اقبال چيو ته

خودي ڪو ڪر بلند اتنا ڪي هر تقدير سي پهلي
خدا بندي سي خود پوڇي بتا تيري رضا ڪيا هي

پر ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاء جيڪي جتن ڪرڻا ٿا پون، جيڪي جبل جهاڳڻا ٿا پون، جيڪي ننڊون ڦٽائڻيون ٿيون پون، جيڪي ڪشالا ڪڍڻا ٿا پون ، جيڪا امتحان ڏيڻا ٿا پون، جيڪي قربانيون ڏيڻيون ٿيون پون انهن مان پار پوڻ ڪو سولو ناهي۔
 
جواب: خواب ۽ مقصد ۾ فرق

سائين نثار اوهان جي پيش ڪيل ونڊ سان اسان جهڙن مستن کي نئون سوچون ملن ٿيون۔۔ مهرباني ادا
 
جواب: خواب ۽ مقصد ۾ فرق

واھ سائين نثار خواب ۽ مقصد۔۔۔۔۔تي اوهان اسان کي سولن لفظن ۾ سمجهاڻي ڏئي اسان چرين عاشقن تي اوهان ٿورو ڪري ڇڏيو۔۔۔۔مهرباني
 
جواب: خواب ۽ مقصد ۾ فرق

سُتا اُٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري
تو ٿي ڀانيو ساڻيهه پر هي ٿئي مانجهندي جو ماڳ
پو سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندين نه ملندو ئي

سائين حبيب شاهه رح جو هي شعر جنهن جو جواب ادا سليمان وسان مٿي ڏئي چڪو آهي۔۔۔۔

سائين نثار ابڙو جن جي تحقيق تمام وڏي آهي۔۔۔۔

مهرباني سائين
 
Back
Top