دنيا، جو، سڀ، کان، گهٽ، وزن، وارو، ليپ ٽاپ،

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ رياض حسين گلال طرفان آندل موضوعَ ‏23 آڪٽوبر 2010۔

  1. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    اسلام عليڪم
    روزاني ڪاوش جي ٿورن سان،
    [​IMG]
    ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ اڄڪلهه عالمي ڪمپنين پاران نوان ۽ جديد ماڊل متعارف ڪرايا پيا وڃن، آءِ پيڊ ۽ آءِ فون پاران جديد ۽ گهٽ وزن وارا ليپ ٽاپ مارڪيٽ۾ آڻڻ کانپوءِ ايپل جا ليپ ٽاپ ماڻهن کي وزني محسوس ٿيڻ لڳا آهن پر هاڻي وري ايپل پاران دنيا جو سڀ کان گهٽ وزن وارو ليپ ٽاپ مارڪيٽ ۾ آڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ايپل ڪمپني پاران نئين ليپ ٽاپ جا 2 ماڊل متعارف ڪرايا ويا آهن، ڪمپني جي عملدار نئون ليپ ٽاپ ”ميڪ بوڪ ايئر“ آڻڻ جو اعلان هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو، نئين ليپ ٽاپ جي 11 انچ 6 سينٽي ميٽر اسڪرين آهي ۽ ان جو وزن صرف 2.3 پائونڊ آهي، جيڪو صرف 17 سينٽي ميٽر ويڪرو آهي، ان جو هڪ پاسو ته 7 سينٽي ميٽر آهي، ان کانسواءِ ٽيبل ڪمپيوٽر به ايپل جا تيار ڪيل آهن، جڏهن ته ڪمپني کي ان ڳالهه جو به احساس آهي ته ٽيبل ڪمپيوٽر هاڻي ڪيتريون ئي اليڪٽرانڪ ڪمپنيون پنهنجا ٽيبل ڪمپيوٽر تيار ڪري رهيون آهن، ايپل ڪمپني گذريل ٽن مهينن ۾ ڪمپيوٽر جي ڪاروبار ۾ 20 بلين ڊالر جو وڪرو ڪيو آهي ۽ 4.31 بلين ڊالر منافعو ڪمايو آهي، جيتوڻيڪ ٽيبل ڪمپيوٽرن جي وڪري ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ ماڻهو هاڻي ٽچ اسڪرين وارن ڪمپيوٽرن کي ترجيح ڏين ٿا، ماڻهو اڄڪلهه آءِ پيڊ کي پڻ اوليت ڏين ٿا ڇاڪاڻ ته ان ذريعي بنا ڪو انتظار ڪرڻ جي ماڻهو پنهنجو ڪم ڪار ڪري سگهي ٿو، يعني اهو ڏاڍو تيز ڪمپيوٽر آهي، ماڻهو پنهنجي سفر ۾ به آءِ پيڊ گڏ کڻي وڃن ٿا، بل گيٽس جي ڪمپني مائڪرو سافٽ پاران ٽيبل ڪمپيوٽر تيارڪيا ويا هئا جيڪا اڃا به انهن جي تياري ڪري رهي آهي، ايپل ڪمپني وري به مارڪيٽ ۾ جديد ماڊل آڻي پاڻ کي اڳتي آندو آهي، گوگل اينڊ اينڊريوڊ آپريٽنگ سسٽم پاران به موبائل ڊوائيس آندو ويو آهي جيڪو سام سنگ ڪمپني کان تيار ڪرايو ويو آهي، ايپل جي سربراهه اسٽيو جابس جو چوڻ آهي ته اسين هر شيءِ پنهنجي تيار ڪندا آهيون، فون چپ، سافٽ ويئر ۽ بيٽري سڀ ڪجهه اسان جو پنهنجو تيار ڪيل آهي، اسان جا ڪمپيوٽر وڌيڪ پسند ڪيا وڃن ٿا، ايپل وٽ ڪمپيوٽرن جو وڏو اسٽاڪ موجود هوندو آهي.
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: دنيا، جو، سڀ، کان، گهٽ، وزن، وارو، ليپ ٽاپ،

    يار اهو وٺنو پوندو۔
    دعا ڪر ڪٿان مال جو جڳاڻ ٿئي۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: دنيا، جو، سڀ، کان، گهٽ، وزن، وارو، ليپ ٽاپ،

    تمام بهترين معلومات آهي ادا رياض حسين۔۔ اميد ته اهڙي معلومات اسان سان وقت بوقت ونڊ ڪندا رهندو۔۔ توهان جي هن ونڊ کي پڙهڻ‌کان پوءِ فقير سائين کي پنهنجو ليپ ٽاپ مٽائڻ جو سوچڻ‌گهرجي۔۔
     
  4. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: دنيا، جو، سڀ، کان، گهٽ، وزن، وارو، ليپ ٽاپ،

    وڏو فقير مٽائي نه مٽائي پر مون ته ان ليپٽاپ جو آرڊر ڏئي ڇڏيو آهي، پر هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي آهي ته ڪٿي جلدي ٽٽي ته نه پوندو نه۔۔۔ ابا لوڪل ٽرين وارا فقير آهي۔۔ 3 دفعا ته پيٽي‌ واري ڪمپيوٽر جي اسڪرين ٽٽي پئي آهي۔۔۔۔ ايلفي هڻي ته جوڙيو اٿيمانس۔۔ ڪٿي ايئن نه ٿي جو هٽ به وڃي ته هٽڙي به وڃي۔۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: دنيا، جو، سڀ، کان، گهٽ، وزن، وارو، ليپ ٽاپ،

    ادا سٺي معلومات۔ اميد ته جلد مارڪيٽ ۾ ايندو باقي رقم الائي ڪيتري اٿس جو پنهنجي کيسي کي به ڏسڻو آهي۔
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: دنيا، جو، سڀ، کان، گهٽ، وزن، وارو، ليپ ٽاپ،

    ادا مان ته ٻڌو آهي ته توهان کي وطن ڪارڊ مليو آهي. دير ڇا جي ٿا ڪريو.
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: دنيا، جو، سڀ، کان، گهٽ، وزن، وارو، ليپ ٽاپ،

    ادا رنجيت ڏاڍو ساڙيلو آهي توهان ڳالهه ڪئي آهي  هن جلدي ۾ بڪ به ڪرائي ڇڏيو.
     
  8. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: دنيا، جو، سڀ، کان، گهٽ، وزن، وارو، ليپ ٽاپ،

    نه ادا نه توهان دلجاء ڪريو اهڙي ڳاله ناهي.
     
  9. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: دنيا، جو، سڀ، کان، گهٽ، وزن، وارو، ليپ ٽاپ،

    ادا پسند ڪرڻ جي مهرباني باقي رقم جي خبر ناهي.
     
  10. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: دنيا، جو، سڀ، کان، گهٽ، وزن، وارو، ليپ ٽاپ،

    يار مان ڪو ٻوڏ متاثرين آهيان ڇا۔۔۔؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو