رياض حسين گلال
سينيئر رڪن
اسلام عليڪم
روزاني ڪاوش جي ٿورن سان،
ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ اڄڪلهه عالمي ڪمپنين پاران نوان ۽ جديد ماڊل متعارف ڪرايا پيا وڃن، آءِ پيڊ ۽ آءِ فون پاران جديد ۽ گهٽ وزن وارا ليپ ٽاپ مارڪيٽ۾ آڻڻ کانپوءِ ايپل جا ليپ ٽاپ ماڻهن کي وزني محسوس ٿيڻ لڳا آهن پر هاڻي وري ايپل پاران دنيا جو سڀ کان گهٽ وزن وارو ليپ ٽاپ مارڪيٽ ۾ آڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ايپل ڪمپني پاران نئين ليپ ٽاپ جا 2 ماڊل متعارف ڪرايا ويا آهن، ڪمپني جي عملدار نئون ليپ ٽاپ ”ميڪ بوڪ ايئر“ آڻڻ جو اعلان هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو، نئين ليپ ٽاپ جي 11 انچ 6 سينٽي ميٽر اسڪرين آهي ۽ ان جو وزن صرف 2.3 پائونڊ آهي، جيڪو صرف 17 سينٽي ميٽر ويڪرو آهي، ان جو هڪ پاسو ته 7 سينٽي ميٽر آهي، ان کانسواءِ ٽيبل ڪمپيوٽر به ايپل جا تيار ڪيل آهن، جڏهن ته ڪمپني کي ان ڳالهه جو به احساس آهي ته ٽيبل ڪمپيوٽر هاڻي ڪيتريون ئي اليڪٽرانڪ ڪمپنيون پنهنجا ٽيبل ڪمپيوٽر تيار ڪري رهيون آهن، ايپل ڪمپني گذريل ٽن مهينن ۾ ڪمپيوٽر جي ڪاروبار ۾ 20 بلين ڊالر جو وڪرو ڪيو آهي ۽ 4.31 بلين ڊالر منافعو ڪمايو آهي، جيتوڻيڪ ٽيبل ڪمپيوٽرن جي وڪري ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ ماڻهو هاڻي ٽچ اسڪرين وارن ڪمپيوٽرن کي ترجيح ڏين ٿا، ماڻهو اڄڪلهه آءِ پيڊ کي پڻ اوليت ڏين ٿا ڇاڪاڻ ته ان ذريعي بنا ڪو انتظار ڪرڻ جي ماڻهو پنهنجو ڪم ڪار ڪري سگهي ٿو، يعني اهو ڏاڍو تيز ڪمپيوٽر آهي، ماڻهو پنهنجي سفر ۾ به آءِ پيڊ گڏ کڻي وڃن ٿا، بل گيٽس جي ڪمپني مائڪرو سافٽ پاران ٽيبل ڪمپيوٽر تيارڪيا ويا هئا جيڪا اڃا به انهن جي تياري ڪري رهي آهي، ايپل ڪمپني وري به مارڪيٽ ۾ جديد ماڊل آڻي پاڻ کي اڳتي آندو آهي، گوگل اينڊ اينڊريوڊ آپريٽنگ سسٽم پاران به موبائل ڊوائيس آندو ويو آهي جيڪو سام سنگ ڪمپني کان تيار ڪرايو ويو آهي، ايپل جي سربراهه اسٽيو جابس جو چوڻ آهي ته اسين هر شيءِ پنهنجي تيار ڪندا آهيون، فون چپ، سافٽ ويئر ۽ بيٽري سڀ ڪجهه اسان جو پنهنجو تيار ڪيل آهي، اسان جا ڪمپيوٽر وڌيڪ پسند ڪيا وڃن ٿا، ايپل وٽ ڪمپيوٽرن جو وڏو اسٽاڪ موجود هوندو آهي.