رياض حسين گلال
سينيئر رڪن
روزاني ڪاوش جي ٿورن سان.
انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ واءِ فاءِ (وائرليس انٽرنيٽ) کان چڱي طرح واقف هوندا، جنهن جي ذريعي بنا تار جي موبائيل فون ۽ ڪمپيوٽر تي انٽرنيٽ هلائي سگهجي ٿو، تازو برطانيا ۾ ڪيل هڪ تحقيق دوران اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته وائرليس انٽرنيٽ کي فقط 5 سيڪنڊن اندر هيڪ ڪري سگهجي ٿو، هيڪر ان جي ذريعي توهان جي ڳجهي ڄاڻ کان آگاهه رهڻ سان گڏوگڏ توهان جي سرگرمين تي به نظر رکي سگهن ٿا. ان ڪري اهو سسٽم هاڻي غيرمحفوظ بڻجي ويو آهي، وائرليس انٽرنيٽ کي جيتوڻيڪ هينئر محفوظ ڪرڻ لاءِ مختلف ڪوششون ڪيون پيون وڃن پر اڃا به گهڻا چئلينج آهن، جن کي منهن ڏيڻو آهي، ڇوته هن ٽيڪنالاجي ۾ جڏهن به ڪا جدت اچي ٿي ته وري ان جو ٽوڙ به سامهون اچي وڃي ٿو، اڄڪلهه هيڪرس سبب سڄي دنيا مشهور آهي ۽ ان ڪوشش ۾ آهي ته انهن هيڪرس کان پنهنجي ڄاڻ کي ڪيئن محفوظ بڻائجي، ان سلسلي ۾ ڀارت، آمريڪا، چين ۽ ٻين ملڪن ۾ ان تي ڪم ٿي رهيو آهي،ڏسجي ته اڳتي هلي ان سلسلي ۾ ڪهڙيون نيون ڳالهيون سامهون اچن ٿيون. تازو ايران ۽ آمريڪا جي مختلف ادارن جي ويب سائيٽس کي هيڪ ڪرڻ سبب انهن ملڪن ۾ ڪمپيوٽر جا ماهر نون آپشنز تي غور ڪري رهيا آهن ۽ وائرليس انٽرنيٽ کي محفوظ بنائڻ لاءِ نوان سافٽ ويئر به ٺاهيا پيا وڃن جنهن لاءِ دنيا جي ماهر سافٽ ويئر انجنيئرن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن.