وائرليس، انٽرنيٽ به، هاڻي، غير، محفوظ،

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ رياض حسين گلال طرفان آندل موضوعَ ‏23 آڪٽوبر 2010۔

  1. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    روزاني ڪاوش جي ٿورن سان.
    انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ واءِ فاءِ (وائرليس انٽرنيٽ) کان چڱي طرح واقف هوندا، جنهن جي ذريعي بنا تار جي موبائيل فون ۽ ڪمپيوٽر تي انٽرنيٽ هلائي سگهجي ٿو، تازو برطانيا ۾ ڪيل هڪ تحقيق دوران اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته وائرليس انٽرنيٽ کي فقط 5 سيڪنڊن اندر هيڪ ڪري سگهجي ٿو، هيڪر ان جي ذريعي توهان جي ڳجهي ڄاڻ کان آگاهه رهڻ سان گڏوگڏ توهان جي سرگرمين تي به نظر رکي سگهن ٿا. ان ڪري اهو سسٽم هاڻي غيرمحفوظ بڻجي ويو آهي، وائرليس انٽرنيٽ کي جيتوڻيڪ هينئر محفوظ ڪرڻ لاءِ مختلف ڪوششون ڪيون پيون وڃن پر اڃا به گهڻا چئلينج آهن، جن کي منهن ڏيڻو آهي، ڇوته هن ٽيڪنالاجي ۾ جڏهن به ڪا جدت اچي ٿي ته وري ان جو ٽوڙ به سامهون اچي وڃي ٿو، اڄڪلهه هيڪرس سبب سڄي دنيا مشهور آهي ۽ ان ڪوشش ۾ آهي ته انهن هيڪرس کان پنهنجي ڄاڻ کي ڪيئن محفوظ بڻائجي، ان سلسلي ۾ ڀارت، آمريڪا، چين ۽ ٻين ملڪن ۾ ان تي ڪم ٿي رهيو آهي،ڏسجي ته اڳتي هلي ان سلسلي ۾ ڪهڙيون نيون ڳالهيون سامهون اچن ٿيون. تازو ايران ۽ آمريڪا جي مختلف ادارن جي ويب سائيٽس کي هيڪ ڪرڻ سبب انهن ملڪن ۾ ڪمپيوٽر جا ماهر نون آپشنز تي غور ڪري رهيا آهن ۽ وائرليس انٽرنيٽ کي محفوظ بنائڻ لاءِ نوان سافٽ ويئر به ٺاهيا پيا وڃن جنهن لاءِ دنيا جي ماهر سافٽ ويئر انجنيئرن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن.
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: وائرليس، انٽرنيٽ به، هاڻي، غير، محفوظ،

    بهترين معلومات آهي ادا

    اهڙي معلومات ونڊ ڪرڻ تي توهان جي مهرباني

    سدائين گڏ
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: وائرليس، انٽرنيٽ به، هاڻي، غير، محفوظ،

    ادا مهرباني اوهان جي به،
     
  4. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: وائرليس، انٽرنيٽ به، هاڻي، غير، محفوظ،

    ادا ڄاڻ ڏيڻ جي مهرباني تمام سٺي معلومات آهي
    ڪوشش جاري رکو
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: وائرليس، انٽرنيٽ به، هاڻي، غير، محفوظ،

    ادا توهان دوستن جو تعاون جي مهرباني.
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: وائرليس، انٽرنيٽ به، هاڻي، غير، محفوظ،

    ادا هيڪنگ ته هر شعبي ۾ موجود آهي پر جيستائين وائرليس ڪميونيڪيشن جي ڳالهه آهي ته ان سلسلي ۾ اها ڳالهه توهان کي ٻڌائيندو هلان ته انهن جي سگنلز کي ڊيڪوڊ ڪرڻ تمام ڏکيو عمل هوندو آهي، ان لاءِ ڪوڊنگ جي چاٻي يا پروگرامنگ ڪي صرف موڪليندڙ ۽ حاصل ڪندڙ ماڻهن يا اسٽيشنز وٽ ئي هوندي آهي، ان کان سواءِ جيڪڏهن ٽيون انهن سگنلز کي ڊيڪوڊ يا هيڪ ڪرڻ چاهيندو ته ڪو آسان عمل نه آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو