اڄ جڏهن ڪنهن ضرورت تحت پنهنجي ڪاڳرن کي ڳولا ڪرڻ جي ضرورت پئي ته اسڪول لائيف ۾ منهنجي لکيل ڊائري هٿ اچي وئي۔۔۔ جنهن کي پڙهندي چهري تي مرڪ اچي وئي منهنجي وڏي فرزند زيشان زور ڀريو ته کيس به ڪجهه پڙهي ٻڌايم ۔۔۔ گهر وارا به ڪافي محظوظ ٿيا۔۔۔ ڊائري ۾ تذڪرو هيو 90ز جي خوبصورت ۽ معصوم يادن جو۔۔۔۔ جڏهن مشهور گيمز هيون۔۔۔۔ اک ٻوٽ، برف پاڻي، ايڪسپريس ۔۔۔ جڏهن مزيدار ٽافيون هيون۔۔۔ پولڪا، پاپ ڪارن، جوبلي ۽ مچلس۔۔۔۔ جڏهن پيپسي ملندي هئي ۔۔۔ صرف 6 روپين ۾۔۔۔۔ جڏهن اسڪول وڃڻ کان اڳ۔۔۔ صبح 0730 وڳي پي ٽي وي تان ڪارٽون ڏسبا هئا۔۔۔ جڏهن شام جو راند ڇڏي ۔۔ 7 وڳي ننجا ٽرٽلز، ڪيپٽين پلانيٽ ۽ زيرو پروگرام ڏسبا هئا۔۔۔۔ جڏهن هرڪو گهر واپس تڪڙو ايندو هو ۔۔۔۔ جو پاڪستان ۽ انڊيا جو ميچ ڏسڻو هوندو هو۔۔۔ جڏهن اسان کي فلمن ڏسڻ جي اجازت نه هوندي هئي پر ۔۔۔ ڪا ترڪيب ڪري وٺبي هئي۔۔۔۔ جڏهن اسان وٽ قيمتي شي ببل گمر جوتا هوندا هئا۔۔۔۔ جڏهن عيد تي 50 خرچي ملندي ئي اسان امير ٿي ويندا هئاسين۔۔۔۔ جڏهن اسان جو فيصلو ”اڪڙ بڪڙ بمبي بو“ تي ٿيندو هو۔۔۔۔۔ جڏهن اسان جو ڊپ ۔۔۔ انجيڪشن، اونداهون ڪمرو يا وري مسجد وارو مولوي هو۔۔۔۔ جڏهن اسان فنٽا بوتل ”ڇوڪرين جو شربت“ سمجهي نه پيئندا هئاسين۔۔۔۔ جڏهن اسان جو خواب۔۔ ونڊر بريڊ جي بي ايم ايڪ سائيڪل يا نائيٽ رائيڊر ڪار۔۔ هوندو هو۔۔۔ جڏهن ڪرڪيٽ کيڏڻ جو قانون ”گهر ۾ وڃڻ تي آئوٽ ۽ جيڪو هڻندو سو کڻي ايندو“ هوندو هو۔۔۔ هيو ته ٻالڪپڻ ۔۔۔۔ پر ڪيڏو نه معصوم ۽ پيارو هو۔۔۔
جواب: ٻالڪپڻ جون خوبصورت يادون۔۔۔۔ اهو آهي ڊائريءَجو فائدو۔۔ ڊائري هئي تڏهن ته يادون تازه ٿي ويون، اهڙي دور ۾ مرڪڻجو موقعو ملي ويو، واقعي وڏو فرق آهي انهيءَ90ز واري دور ۾ ۽ هن 20ز واري دور ۾۔۔ تمام زبردست ونڊ آهي اوهان جو ۔۔ مهرباني
جواب: ٻالڪپڻ جون خوبصورت يادون۔۔۔۔ سائين بس واقعي اهي مونکي 96 وارو زمانو ياد اچي ويو، تڏهن اسان پريالي ۾ رهندا هئاسين ۽ روز رات جو پاڙي هڪ شاهوڪار نئين فلم هلائيندو هو ۽ اسان اها بوسٽر جي وسيلي پنهنجي گهر ۾ ڏسندا هئاسين، ڏينهن جي خرچي جا پئسا گڏ ڪري رات جو مچلس ۽ ڪوڪونٽ واريون ٽافيون وٺندا هئاسين ۽ سياري جي سرد راتين ۾ امڙ سان گڏ هڪ ئي سوَڙِ ۾ ويهي فلم جو مزو ماڻيندا هئاسين۔۔۔۔۔۔ بس سائين الائي ڪهڙا ڏينهن ياد اچي ويا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: ٻالڪپڻ جون خوبصورت يادون۔۔۔۔ ادا رشيد مهرباني اڄ وري واپس پنهنجي ان دور ۾ موٽائي ويو آهين جڏهن دنيا جي جنهنجهٽن کان آزاد پنهنجي دنيا جا مزا ماڻيندا هئاسين۔ مونکي ياد آهي ته مينهوڳي جي موسم ۾ ٻلهاڙي ۽ ملاکڙي جا وڏا مقابلا ٿيندا هئا ۽ استاد اسڪول ۾ موڪل ڪندو هو ۽ اسان سڀ ڀرواري ميدان تي راند ڏسڻ ويندا هئاسون۔ جتي ڀروارن سمورن ڳوٺن جا ماڻهون گڏ ٿيندا هئا۔ مونکي ياد آهي ته برف جا ٺهيل رنگين ڳنڍا ڪيترو شوق سان کائيندا هئاسين۔ مونکي ياد آ ته انهن ڏينهن ۾ ڪيڏو خوش هوندا هئاسين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: ٻالڪپڻ جون خوبصورت يادون۔۔۔۔ اڄ وري ٻالڪپڻ جي ياد آئي ۔۔۔ ۽ ڪي موتي اکين ۾ جهر مر ڪرڻ لڳا۔۔ ڇا ڪجهه توهان کي به ياد آهي۔۔
جواب: ٻالڪپڻ جون خوبصورت يادون۔۔۔۔ مون کي به ٻالڪپڻ جو ڌونڌليون يادون ياد آهن پر انهن کي اهڙي ريت لفظن ۾ ظاهر نٿون ڪري سگهان جهڙي خوبصورت طريقي سان توهان دوستن ظاهر ڪيون آهن۔ دل خوش ٿي وئي۔
جواب: ٻالڪپڻ جون خوبصورت يادون۔۔۔۔ ھا ڙي ننڍپڻ : ادا رشيد واقعي انسان جا شروعاتي 12 سال جيڪي ڪڏهن وسرڻ جهڙا نه هوندا آهن انتهائي خوبصورت زندگي گذرندي آھي۔۔۔۔ ڪٿان ايندو، ڪيئن ٿيندو، ڇا ڪرڻو آ ڇا نه ڪنهن ڳالھ جو فڪر ئي نه هوندو آ۔۔۔ بس رڳو پڙهڻ ۽ لکڻ جو فڪر ته نه پڙهنداسين سڀاڻي اسڪول ۾ سائين مار ڪڍندو انتهائي سُٺا ڏينهن گذرندا آهن۔۔۔ جڏهن ننڍڙا 12 سالن جي عمر ۾ هوندا هئاسين ته دوستن کي چوندا هئاسين يار اسان ڪڏهن وڏا ٿينداسين۔۔۔۔ عمر ته اڃا به وڏي ناهي به زميواريون گهڻيون آهن۔۔۔۔۔۔۔ واھ۔۔۔ بهترين ادا
جواب: ٻالڪپڻ جون خوبصورت يادون۔۔۔۔ رشيد بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلائڻ جو عادي ٿي ويو آهي ۔۔۔ اسان اڃان پوڙهپ جي طرف سوچيو ئي ته موٽائي وري ننڍپڻ ڏانهن وٺي هليو آهي۔ سڀ ياد آهن؟ امڙ جا پئسا چوري ڪري، چدا وٺي اچڻ دوستن جا چدا کٽڻ لاءَ سٺا وڏا چدا (بلور) گڏ ڪرڻ منجهند جو سڀ ننڊ ڪن ته آهستي دروازو کولي ڏيٽي ڏڪر کڻي گهر کان نڪرڻ وڏي ڀاءُ جي مار کان کٽ جي چوڌاري ڀڄي وڃي امان کي ڀاڪر پائڻ لائي، ڀڳڙا يا ريوڙيون يا کٽمٺڙا وٺي پاڙي جي ٻاهران وڏي سرنهن جي وڻ تي چڙهي وڃي ٿڌي هوا ۾ کائڻ پاڙي جي باغ ۾ وڃي ڦاروان، کارڪون يا زيتون چورائي اچڻ گهران بهانو ڪري وڃي رئيس ڪئنال جي ڀر ۾ آبڙي ڪئنال ۾ ترڻ جا مقابلا ڪرڻ مطلب ته ايتريون يادون آهن جو انهن جي سوچ کان پوءِ کٽا مٺا جذبا اڀرن ٿا ۽ دل خوش ٿي وڃي ٿي ٿورا رشيد دوست جا ۔۔۔ ان بهاني ڪجهه گهڙيون ٻارڙا ٿي وياسون
جواب: ٻالڪپڻ جون خوبصورت يادون۔۔۔۔ ادا رشيد سمون صاحب اسلام عليڪم۔ڇا ڳاله ڪجي ننڍپڻ جي،توهان ته اسان کي اسان جي زندگي جي ان دور جي ياد ڏياري ڇڏي جنهن ۾ نه ڪو ٽينشن هو نه ڪمائڻ جي فڪر جي چنتا هئي ،پڙهڻ کانسواء ڪابه ٻئي ذميواري نه هئي۔اسڪول مان موٽي،ڪجه وقت آرام ڪرڻ ۔پوء قران شريف پڙهڻ لاء وڃڻ۔اتان موٽي راند کيڏڻ۔بابا سائين جن هڪ سٺي سرڪاري آداري ۾ آفيسر هئا،هو سرڪاري بنگلي جي لان ۾ آسان سان ڪجه دير ڪرڪيٽ کيڏندا هئا۔همشه ٻئي اينڊ تان بيهي بالنگ ڪندا هئا ۽ ڪڏهن به سائين جن بيٽنگ نه ڪندا هئا۔ڪڏهن ڪڏهن ڄمون جي وڻ تي اسان چڙهي ڄمون پٽڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسين،هڪ ٻه دفعا وڻ تان ڪري به پياسين۔شام جو 5 بجي کان پوء گهر کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه هوندي هئي،ها مهيني ۾ بابا کانسواء سڄي فيملي سينماء گهر ۾ فليم ڏسڻ ويندي هئي،چار آنا خرچي ملندي هئي،جڏهن اسان ڇهين ڪلاس ۾ سڄي اسڪول ۾ ٽاپ ڪيو ته بابا سائين آنعام طور پنجاه رپيو ڏنو،هفتو کن اسان پريشان رهياسين ته اهئي پيسئا ڪيئن کپايون۔پر اڄڪله اسان پنهنجي اولاد کي جڏهن سو رپيو ڏيون ٿا ته آڌ ڪلاڪ کانپوء پڇڻ تي ٻڌائن ٿا اهئي پيسئا ختم ٿي ويا هاڻي ٻيا ڏيو۔ڪرائيم تمام گهٽ هو،آغو يا ڀتي جا ڏوه نه هجڻ جي برابر هئا۔موڪلن ۾ اسان ڳوٺ دادو ويندا هئاسين،سڀ مائٽ اسان کي اسٽيشن تي وٺڻ ايندا هئا،ٽانگن جي جلوس ۾ گهر پهچندا هئاسين۔بابا سائين جي سرڪاري نوڪري ۾ هجئڻ جي ڪري مختلف شهرن ۾ اسان تعليم حاصل ڪئي،مثلن،سکر،جيڪب آباد،لاڙڪاڻو،خيرپور ميرس،دادو،وغيره وغيره۔ڳوٺ ۾ آٽي ڏڪر به کيڏندا هئاسين،پر اسان کي ايندي ڪانه هئي انڪري گهڻي قدر اسان ئي هاريندا هئاسين۔دادو ڪينال تي انبن جي موسمن ۾ وڏن سوٽن ۽ رشتيدارن سان پيڪنڪ ملهندا هئاسين۔ڪوشش ڪندا هئاسين ته ترڻ اچي پر سکي نه سگهياسين۔والدين جي سامهون ڪڏهن به ٽي وي نه ڏسندا هئاسين۔اسان کي اڄ ڏينهن تائين ياد آهي ته اسان جي والد مرحوم اسان کي ڪڏهن به مار نه ڏني پر جڏهن ڪنهن ڳاله تي ناراض ثئي اسان کي ڪاوڙ واري نگاه سان ڏسندا هئا ته ڄڻ اسان جو ساه نڪري ويندو هو۔والدين جو احترم اسان جي دل ۾ ڏاڍو هوندو هو ۔ڪڏهن ڪڏهن انهن جا ڪجه فيصلا اسان کي وقتي طور ته برا لڳندا هئا پر بعد ۾ انهن فيصلن جي رزلٽ ڏسي ،اسان پنهنجي والدين جي دانشمندي جا قائل ٿئي ويندا هئاسين۔اڄڪله،اهئي شيون گهٽ نظر ٿيون اچن۔ٿي سگهي ٿو ته اسان ۾ اسان جي والدين جهڙي ڏاهپ نه آهي ،يا اولاد سان محبت ۾ اسان والدين ۽ اولاد جي رشتي جي فرق کي مٽائي انهن سان دوستانه رويه رکڻ جي ڪوشش ۾ هنن کي تمام گهڻي آزادي ڏئي ڇڏي آهي۔ڪڏهن ڪڏهن اسان ڳوٺ ۾ وينجھ وٽي ڪوڏي ڪوڏي،آک ٻوٽ ۽ ڍوڪ ڍوڙ به کيڏندا هئاسين۔رات جو نائين بجي هر حال ۾ سمڻهون هوندو هئو۽ فجر جي نماز مھل اٿئي،نماز پڙهي،اسڪول ۾ مليل ڪم ياد ڪندا هئاسين۔توهان کي ڇا ڇا ٻڌايون ته اهو ڪيڏو نه سٺو وقت هئو۔توهان جون مهربانيون جو اسان کي اسانجي ٻالڪپن جي دور ۾ وٺي ويا ۽ ان وقت جون ڳالهيون هت ونڍ ڪرڻ جو موقعو ڏنو۔هميشه خوش رهو۔