ادا رشيد سمون صاحب اسلام عليڪم۔ڇا ڳاله ڪجي ننڍپڻ جي،توهان ته اسان کي اسان جي زندگي جي ان دور جي ياد ڏياري ڇڏي جنهن ۾ نه ڪو ٽينشن هو نه ڪمائڻ جي فڪر جي چنتا هئي ،پڙهڻ کانسواء ڪابه ٻئي ذميواري نه هئي۔اسڪول مان موٽي،ڪجه وقت آرام ڪرڻ ۔پوء قران شريف پڙهڻ لاء وڃڻ۔اتان موٽي راند کيڏڻ۔بابا سائين جن هڪ سٺي سرڪاري آداري ۾ آفيسر هئا،هو سرڪاري بنگلي جي لان ۾ آسان سان ڪجه دير ڪرڪيٽ کيڏندا هئا۔همشه ٻئي اينڊ تان بيهي بالنگ ڪندا هئا ۽ ڪڏهن به سائين جن بيٽنگ نه ڪندا هئا۔ڪڏهن ڪڏهن ڄمون جي وڻ تي اسان چڙهي ڄمون پٽڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسين،هڪ ٻه دفعا وڻ تان ڪري به پياسين۔شام جو 5 بجي کان پوء گهر کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه هوندي هئي،ها مهيني ۾ بابا کانسواء سڄي فيملي سينماء گهر ۾ فليم ڏسڻ ويندي هئي،چار آنا خرچي ملندي هئي،جڏهن اسان ڇهين ڪلاس ۾ سڄي اسڪول ۾ ٽاپ ڪيو ته بابا سائين آنعام طور پنجاه رپيو ڏنو،هفتو کن اسان پريشان رهياسين ته اهئي پيسئا ڪيئن کپايون۔پر اڄڪله اسان پنهنجي اولاد کي جڏهن سو رپيو ڏيون ٿا ته آڌ ڪلاڪ کانپوء پڇڻ تي ٻڌائن ٿا اهئي پيسئا ختم ٿي ويا هاڻي ٻيا ڏيو۔ڪرائيم تمام گهٽ هو،آغو يا ڀتي جا ڏوه نه هجڻ جي برابر هئا۔موڪلن ۾ اسان ڳوٺ دادو ويندا هئاسين،سڀ مائٽ اسان کي اسٽيشن تي وٺڻ ايندا هئا،ٽانگن جي جلوس ۾ گهر پهچندا هئاسين۔بابا سائين جي سرڪاري نوڪري ۾ هجئڻ جي ڪري مختلف شهرن ۾ اسان تعليم حاصل ڪئي،مثلن،سکر،جيڪب آباد،لاڙڪاڻو،خيرپور ميرس،دادو،وغيره وغيره۔ڳوٺ ۾ آٽي ڏڪر به کيڏندا هئاسين،پر اسان کي ايندي ڪانه هئي انڪري گهڻي قدر اسان ئي هاريندا هئاسين۔دادو ڪينال تي انبن جي موسمن ۾ وڏن سوٽن ۽ رشتيدارن سان پيڪنڪ ملهندا هئاسين۔ڪوشش ڪندا هئاسين ته ترڻ اچي پر سکي نه سگهياسين۔والدين جي سامهون ڪڏهن به ٽي وي نه ڏسندا هئاسين۔اسان کي اڄ ڏينهن تائين ياد آهي ته اسان جي والد مرحوم اسان کي ڪڏهن به مار نه ڏني پر جڏهن ڪنهن ڳاله تي ناراض ثئي اسان کي ڪاوڙ واري نگاه سان ڏسندا هئا ته ڄڻ اسان جو ساه نڪري ويندو هو۔والدين جو احترم اسان جي دل ۾ ڏاڍو هوندو هو ۔ڪڏهن ڪڏهن انهن جا ڪجه فيصلا اسان کي وقتي طور ته برا لڳندا هئا پر بعد ۾ انهن فيصلن جي رزلٽ ڏسي ،اسان پنهنجي والدين جي دانشمندي جا قائل ٿئي ويندا هئاسين۔اڄڪله،اهئي شيون گهٽ نظر ٿيون اچن۔ٿي سگهي ٿو ته اسان ۾ اسان جي والدين جهڙي ڏاهپ نه آهي ،يا اولاد سان محبت ۾ اسان والدين ۽ اولاد جي رشتي جي فرق کي مٽائي انهن سان دوستانه رويه رکڻ جي ڪوشش ۾ هنن کي تمام گهڻي آزادي ڏئي ڇڏي آهي۔ڪڏهن ڪڏهن اسان ڳوٺ ۾ وينجھ وٽي ڪوڏي ڪوڏي،آک ٻوٽ ۽ ڍوڪ ڍوڙ به کيڏندا هئاسين۔رات جو نائين بجي هر حال ۾ سمڻهون هوندو هئو۽ فجر جي نماز مھل اٿئي،نماز پڙهي،اسڪول ۾ مليل ڪم ياد ڪندا هئاسين۔توهان کي ڇا ڇا ٻڌايون ته اهو ڪيڏو نه سٺو وقت هئو۔توهان جون مهربانيون جو اسان کي اسانجي ٻالڪپن جي دور ۾ وٺي ويا ۽ ان وقت جون ڳالهيون هت ونڍ ڪرڻ جو موقعو ڏنو۔هميشه خوش رهو۔