دل جي بيماري: ۽ دل جي حقيقت دل آهي ڇا؟

'صحت سرير جي' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏24 آڪٽوبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    دل جي بيماري: ۽ دل جي حقيقت دل آهي ڇا؟​

    [​IMG]
    سميرا مختيار
    اڄ سڄي دنيا ۾ دل جي مريضن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. دل جسم جو هڪ اهم عضوو آهي، جي دل جي ڌڙڪن جاري آهي ته زندگي روان دوان آهي، جي دل جي ڌڙڪن پنهنجي نه رهي ته نه زندگي فنا، دل جي باري ۾ ڊاڪٽر نکان وڌيڪ شاعرن کي خبر آهي جن دل جي شان ۾ گهڻا قصيده پڙهيا ۽ لکيا آهن.
    ڊاڪٽرن موجب دل جو ڪم جسم ۾ رت صاف ڪرڻ آهي دل جا چار وال آهن. ٻه جسم مان خراب رت دل تائين پهچائين ٿا ۽ باقي ٻه صاف رت جسم ۾ پهچائين ٿا. دل جا ڪئي مرض آهن تن ۾ دل جو وڌي وڃڻ، وال بند ٿي وڃڻ، ڌڙڪن بي ترتيب ٿيڻ، دل ۾ سوراخ ۽ آخري دل جو دورو! ڇو ته ”دل هڪڙي ۽ درد هزار!“
    پر انسان پوءِ به دل کي محبت سان تشبيهه ڏين ٿا اگر ڪنهن کي محبت ٿيندي آهي ته چوندا آهن ته مون هن کي پنهنجي دل ڏئي ڇڏي آهي. ڀلا جيئري اِهو ممڪن آهي. اڪثر ماڻهو چوندا آهن ته منهنجي دل ۾ ته فلاڻو ويهي رهيو آهي! اگر دل ۾ ڪو ويهي رهي ته پوءِ انساني وجود جو ڇا ٿيندو؟
    دل تي گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. شاعرن ۽ محبت ڪرڻ وارن ته دل کي ئي سڀ ڪجهه مڃبو آهي. جڏهن ته دل انساني جسم ۾ رت صاف ڪرڻ جو ڪم ڪندي آهي. دل سيني ۾ هوندي آهي پر ٿورو اُبتي پاسي هجڻ سبب کاٻي پاسي دل جو احساس ڪيو ويندو آهي.
    دل جا چار وال هوندا آهن ۽ اگر ڪو وال بند ٿي وڃي ته اٽيڪ به ٿي سگهي ٿو، ان جو علاج آپريشن سان ممڪن آهي.
    ”درد دل جو وڌي جو ويندو آهي، ڪوئي توکي پيو سڏيندو آهي.“ جي ها اِها ڳالهه ته شاعر سو سيڪڙو صحيح ڪئي آهي. اگر دل جو درد محسوس ٿي ته لازمي آهي، ڪنهن نه ڪنهن کي ته اسپتال تائين دل جي مريض کي پهچائڻو هوندو آهي نه؟ ۽ ڪئي ماڻهو ته دل ۾ درد جو الزام پنهنجي محبوب تي يا وري دشمن تي هڻندا آهن ته هن اها ڳالهه ڪئي، مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو، ايتري قدر جو دل ۾ درد ٿي پيو ۽ وڃي دل جي اٽيڪ ۾ اسپتال داخل ٿيس. جڏهن ته صدمي، خوشي، غم سڀ دماغ جو ڪم آهي. پر پوءِ به اڪثر ماڻهو چوندا آهن ”دل توکي ڏئي درد پرايو“. جڏهن ته درد جو واسطو انسان جي پنهنجي ذات يا وري ذاتي سوچ يا ذهني دٻاءُ جي ڪري پوندو آهي، جڏهن دل تي بار وڌي ويندو آهي، يعني ڪوليسٽرول وڌي ويندو آهي ۽ ڪوليسٽرو تڏهن وڌندو آهي، جڏهن الزام دل تي هڻي چئبو آهي ته دل چئي پئي ان ڪري اڄ ٿورو گهڻو کائي ويس يا دعوت ۾ ماني کاڌم يا وري هفتي ۾ ٻه کان چار ڀيرا سڻڀي (چڪنائي) واري خوراڪ جوا ستعمال ڪيو وڃي ته پوءِ ڪوليسٽرول وڌايو وڃي. جنهن سبب موٽاپو، سهڪ، جسم ۾ سور، ننڊ گهٽ اچڻ، گهٻراهٽ، دل جو تيز ڌڙڪڻ ۽ سُستي جهڙا آثار علامتون پيدا ٿي ويندا آهن ۽ ڊاڪٽر چوندا آهن ته پنڌ ڪريو، واڪ ڪريو! پر وري به الزام دل تي ته ”دل ئي نٿي چوي جو ڪٿي نڪران يا ڪو ڪم ڪريان! جڏهن ته دل بدستور پنهنجي ڪم ۾ لڳل هوندي آهي.“
    نئين ريسرچ جي مطابق گهڻو مٺو کائڻ سان نه رڳو وزن وڌي ٿو بلڪه دل جون مختلف بيماريون پڻ پيدا ٿين ٿيون. ماهرن جي مطابق جيئن گهڻي چڪنائي وارا کاڌا جسم ۾ ڪوليسٽرول کي وڌائين ٿا، تيئن گهڻو مٺو کائڻ سان خون ۾ موجود Lipids کي نقصان رسائين ٿا جيڪي دل جي بيمارين جو سبب ٿين ٿا.
    شاعرن دل تي گهڻي شاعري ڪئي آهي. ايتري قدر جو دل نه هجي ها ته ڪائنات ۾ محبت ئي نه هجي ها. جڏهن ته محبت ۽ نفرت، خوشي ۽ غم، چڱو برو، سڀ دماغ سوچي ٿو، دل ته هر ڳالهه کان بي خبر بس ڌڙڪي ٿي. صبح جو سوير چهل قدمي ۽ ورزش ڪرڻ سان نه رڳو ذهني طور انسان ترو تازه رهي ٿو، بلڪه ائين ڪرڻ سان دل جا مرض به گهٽ ٿين ٿا.
    امريڪا جي هڪ يونيورسٽي ۾ Buffalo ۾ تازي هڪ تحقيق ٿي آهي جنهن مان خبر پئي ته صبح سوير چهل قدميءَ کي معمول ڪرڻ وارن جي جسم ۾ خون جي گردش بهتر رهي ٿي، جنهن سان رڳن ۾ خون جي رواني بحال رهي ٿي ۽ نه رڳو دل جي ڌڙڪن کي صحيح رکي ٿو، بلڪه بلڊ پريشر کي به معمول تي رکڻ ۾ انتهائي موثر ثابت ٿئي ٿو.
    شاعر چوندا آهن ته دل ۾ جڏهن ڪو گهر ڪري ويندو آهي يا ڪو دل کي وڻندو آهي ته پوءِ دنيا حسين لڳندي آهي. هر شيءِ ۾ رنگ نظر ايندا آهن ۽ اتي به دل جي تعريف تي دل خوش آهي ۽ وري ڪنهن شيءِ کي حاصل ڪرڻ جي خواهش پيدا ٿي پوي ته دماغ جي سوچ ضد تي مجبور ڪندي آهي، جنهن جو تعلق دل سان آهي ئي ڪونه، پوءِ به چيو ويندو آهي ته هي ته ڪيڏو پٿر دل آهي، ان جو ته خون ئي اڇو ٿي ويو آهي، ڀلا خون به اڇو ٿيندو آهي؟ ۽ اگر اڇو خون ٿي وڃي ته انسان سُڄي (ڦوڪجي) وڃي. ڇو ته انسان جي خون ۾ ٻن قسمن جا سيل هوندا آهن، اڇا سيل، چڪنائي هضم ڪرڻ ۾ ڪم ايندا آهن ۽ ضرورت کان وڌيڪ چڪنائي اڇن سيلز کي نقصان به رسائي سگهي ٿي.
    دل جون بيماريون اڪثر وڏي عمر جي ماڻهن ۾ ٿينديون آهن. عورتن جي نسبت مردن ۾ دل جون بيماريون وڌيڪ ٿين ٿيون. انهن ۾ وال بند ٿيڻ، هاٽ اٽيڪ ٿيڻ جڏهن ته ٻارن ۾ اڪثر ڪيسن ۾ دل جا سوراخ ظاهر ٿيڻ ٿئي ٿو. دل جو مريض تمام گهڻو حساس ٿي ويندو آهي. لاشعوري طور تي خوفزده هوندا آهن ته هي نه کائجي، وزن نه کڻجي، ننڊ مان ڇرڪ ڀري نه اُٿجي، ڪٿي ڪري نه پوان، جلد مري نه وڃان ۽ اهڙا ڪئين وسوسا.
    هن وقت پاڪستان ۾ ٻن ڪروڙن کان به وڌيڪ دل جا مريض آهن، جن مان هر سال 5 هزار کان 9 هزار ماڻهن کي مناسب علاج جون سهوليتون موجود ڪونه آهن. جنهن سبب هر سال 16 سؤ کان 18 سؤ تائين ماڻهو موت جي مُنهن ۾ هليو وڃن. اڄ سڄي دنيا ۾ دل جي مريضن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. ان موقعي تي ڪيئي سيمينار منعقد ڪيا ويا آهن، پر وري به ماڻهن ۾ آگاهي جو فقدان آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته نجي ۽ سرڪاري سطح تي دل جي بيمارن جي لاءِ خاص آگاهي جا پروگرام منعقد ڪيا وڃن. خاص طور ڳوٺن ۾ ان بيماري جي باري ۾ آگاهي جا خاص پروگرام ترتيب ڏنا وڃن ته جيئن ان جان وٺندڙ بيماريءَ کان بچي سگهجي. ۽ سلامت هجن اسان جا شاعر، جن جي وسيلي دل جي هر ڪيفيت ۽ بيقراري ڊاڪٽرن کان پهرين شاعريءَ جي رنگ ۾ عوام آڏو اچيو وڃي ۽ عوام کي خبر پئجيو وڃي ته دل جي حقيقت ڇا آهي؟
    دل جي مريضن کي گذارش آهي ته هو پنهنجي صحت جو خيال رکندي دل جون دوائون پاڻ سان گڏ رکن، ڇو ته،
    ”دل تو هي دل،/ دل ڪا اعتبار ڪيا ڪيجيئي؟“

    بشڪريه روزانه عبرت اخبار
    ڪوليسٽرول: دل جي بيماري لاءِ مفيد​

    ويچار ڊيسڪ
    نئين ريسرچ کانپوءِ سائنسدانن چيو آهي ته هر ٽين ماڻهون ۾ ڪجهه اهڙا جينيات هوندا آهن جيڪي دل جي بيماري کي روڪڻ لاءِ مفيد ثابت ٿي سگهندا آهن. هڪ لک ستيتاليهه هزار مريضن جو مشاهدو ڪرڻ کانپوءِ اها ڳالهه واضع ٿي آهي جو CETP جينز کانپوءِ نمونا اهڙا هوندا آهن جيڪي نام نهاد ”بهترين ڪوليسٽرول“ جي سطح ۾ اضافو ڪندا آهن.
    برطانيه ۾ ڊچ محققين جي اها تحقيق جيڪا ”آمريڪن هارٽ ايسوسي ايشن جرنل“ ۾ شايع ٿي آهي، ٻڌايو ويو آهي جو اهڙي طرح جي جينز سان هارٽ اٽيڪ ٿيڻ جي شرح ۾ پنج سيڪڙو ڪمي واقع ٿيندي آهي.
    يونيورسٽي ڪاليج لنڊن ۾ جينيٽڪس جي لئڪچرر ڊاڪٽر ارون هنگوراني جو چوڻ آهي جو هن تحقيق سان جيڪا معلومات حاصل ٿي هن سان بيماري جي سبب ۽ اثرات کي سمجھڻ ۾ مدد ملندي آهي ۽ جڏهن اها ڳالهه سمجھ ۾ اچي وڃي ته بهتر دوائون ٺاهي سگهجن ٿيون جنهن سان هن جو انتظام ٿي سگهي.
    هڪ برطانوي ماهر جينيات جو چوڻ آهي ته هن ريسرچ کانپوءِ دوائن سان ڪيترن ماڻهن کي فائدو ٿي سگهندو آهي. سائنسدان اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته رت جي نظام ۾ ”خراب ڪوليسٽرول“ جي سطح ۾ ڪمي سان دل کي محفوظ رکي سگهجي ٿو.
    هن ريسرچ سان برطانيه جي ڪيمرج ۽ نيوڪاسل يونيورسٽيز جڏهن ته هالينڊ جي گروننجن يونيورسٽي جون ٽيمون سموري دنيا ۾ هڪ لک ستيتاليهه ماڻهن تي ڪيل پنهنجي هڪ سئو مشاهدن کان گڏ ڪيو آهي.
    هن ريسرچ ۾ CETP جينز جي ڇهه مختلف صورتن مان هڪ جي اثرن باري جاچ ڪئي وئي آهي. پروفيسر جان ڊينش جيڪو هن ريسرچ جو سرپرست آهي، سندس چوڻ آهي ته نئين سٽڊي هن خيال کي طاقتور بڻائيندي جنهن هيٺ چيو ويندو هو ته ”ايڇ ڊي ايل ڪوليسٽرول“ جي سطح کي وڌائي دل جي بيمارين کي روڪي سگهجي ٿو. ائين ڪجهه دوائن سان ٿي سگهندو اهي جيڪي CETP کي گهٽائيندي آهي.
    واضع رهي جو 2006 ۾ ”ايڇ ڊي ايل ڪوليسٽرول“ جي سطح وڌائيندڙ دوائن جو تجربو هن مهل ختم ڪيو ويو هو جڏهن هارٽ اٽيڪ ۽ هن سبب موت جي شرح ۾ اضافو ٿيو هو.
    ”برٽش هارٽ فائونڊيشن“ جي پروفيسر پيٽر ويسبرگ جو چوڻ آهي ته هن سٽڊي جو فائدو ته آهي پر هاڻي به هن باري ۾ وڌيڪ ريسرچ ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهو طئي ڪري سگهجي جو هن سان وڌيڪ ڪيترا مفيد نتيجه حاصل ٿي سگهن ٿا.
     
  2. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: دل جي بيماري: ۽ دل جي حقيقت دل آهي ڇا؟

    تمام سهڻي اندار ۾ لکيل آهي مهرباني ادا محترمه سميرا مختيار جو اهڙو ليک ونڊ ڪرڻ تي
     
  3. غلام الله سيال

    غلام الله سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    101

هن صفحي کي مشهور ڪريو