• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄ سنڌ جي ڀلوڙ شاعر محترم عاشق هالائي جي شاعري جي ڪتاب عاشق جو اظهار جي مهورت آهي۔

نثارناز

سينيئر رڪن
ساري دنيا جا سنڌي دوستو ۽ سنڌ سلامت جا ساٿيو، جيئي سنڌ
اڄ سنڌ جي خوبصورت ترين شهر هالا سان تعلق رکندڙ خوبصورت جذبا رکندڙ شاعر محترم عاشق هالائي جي ڪتاب ” عاشق جو اظهار“ جي مهورت ممتاز مرزا آڊيٽوريم سنڌ ميوزم حيدرآباد سنڌ ۾ ٿي رهي آهي جنهن جي صدارت ناميارو اديب محترم عنايت بلوچ صاحب جن ڪندا۔ ڪافي ساريون ادبي شخصيتون به هن تقريب ۾ شرڪت ڪنديون جيڪي عاشق هالائي جي شاعري ۽ سندس ڪتاب تي پنهنجا ويچار ونڊيندا، ان کان علاوه هن رنگا رنگي تقريب ۾ سنڌ جا ڀلوڙ راڳي پڻ شرڪت ڪندا۔ ان ادبي مهورت واري تقريب ۾ شرڪت جي نينڊ وارو دعوت نامون پڻ مونکي مليو آهي جنهن جو عڪس حصو پهريون ۽ حصو ٻيو توهان سان تصوير جي صورت ونڊ پيو ڪريان، دوستو مان ته ضرور شرڪت ڪندس توهان مان جيڪڏهن ان تقريب ۾ اچڻ چاهي ته مونکي تمام گهڻي خوشي ٿيندي، ڇو جو ائين ڪرڻ سان سنڌ جي هڪڙي خوبصورت شاعر کي خراج تحسين سان گڏ ان جي همت افزائي ڪرڻ جو به اسان کي سُنهري موقعو ملندو۔ ۽ سنڌ جيجل جي سنڌي شاعر جو مان پڻ مٿاهون ٿيندو۔

ان مهورت واري تقريب جو دعوت نامون حصو پهريون
73467_458447223215_794048215_5362083_3969009_n.jpg


پيش آهي ان مهورت واري تقريب جي دعوت نامي جو تصويري عڪس حصو ٻيو

33934_458447728215_794048215_5362103_1084223_n.jpg

لک لائق توهان سڀني دوستن جا​
 
جواب: اڄ سنڌ جي ڀلوڙ شاعر محترم عاشق هالائي جي شاعري جي ڪتاب عاشق جو اظهار جي مهورت آ

ادا معلومات ڏيڻ جي مهرباني........
 
Back
Top