سليمان وساڻ کي سلام

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏29 آڪٽوبر 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌ سلامت جا دوستو!

    اڄ آءُ دل جي گهراين سان سنڌ سلامت جي دوست، ۽ دوستن جي دوست، سنڌ ۽ سنڌيت لئه پاڻ پتوڙيندڙ دوست محترم سليمان وساڻ کي سنڌ سلامت جي اوطاق جي ” مينيجنگ ايڊيٽر “ ٿيڻ تي لک لک واڌايون ڏيانٿو ۔۔۔ ۽ اميد ڪريانٿو ته هي دوست پنهنجن ڪلهن تي پيل هن بار کي احسن طريقي سان نڀائيندو ۽ سنڌ سلامت جي اوطاق جي لاهن چاڙهن ۾ ساٿ نڀائيندو ۽ هن اوطاق جي سنڌ سلامت ساٿ سلامت واري نعري کي پنهنجي عقل ۽ فهم جا رنگ چاڙهي اسان سڀني دوستن کي هڪ ڌاڳي ۾ پائي ڇڏيندو ۔۔۔=d>

    ڪيتري عرصي کان آءُ دوست عبدالرشيد سان ان ڳالهه تي بحث ڪندو هيس ته سنڌ سلامت جي مالي ۽ مئنيجنگ معاملن سنڀالڻ لئه ڪو قدم کنيو وڃي، مونکي اهو سمجهه ۾ نه ايندو هو ته ڪهڙو ۽ ڪيئن قدم کنيو وڃي پر دوست سليمان وساڻ ان معاملي کي تمام سهڻي انداز سان نه فقط نڀايو آهي بلڪ سنڌ سلامت جي اڱڻ کي اڳ کان اڳري ڪرڻ خاطر پنهنجا سڀ وسيلا ۽ صلاحيتون استعمال ڪري رهيو آهي ۔۔۔:)>-

    سنڌ سلامت سان اهو قرب ادي سليمان وساڻ جو صرف ۽ صرف سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت سان عشق جي حد تائين پيار ڪرڻ سبب آهي، مونکي ذاتي طور اها خبر آهي ته اسانجو هي دوست ڪنهن به عهدي يا ڪنهن به حيثيت کان مٿاهون آهي ۔۔۔@};-

    ماڻهون سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج ۔۔۔ سليمان وساڻ هڪ سهڻو سنڌي انسان آهي، رب العالمين کيس ڪوسو واءُ نه لڳائي ۽ سندس من جون سڀ نيڪ خواهشون پوريون ڪري ۔[-o<۔۔ آمين
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    محترم دوست محمد سليمان وساڻ کي دل جي گهرائين سان دِلي مُبارڪون

    سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ
    اڄ هڪڙي خوبصورت ۽ دل کي ڇهندڙ ڳالهه اها نظر آئي ته اسان جي انتهائي محنتي محبوب سائين محمد سليمان وساڻ کي سنڌ سلامت لاءِ انتهائي اڻ ٿڪ محنتن عيوض خوبصورت ڪلر ڏنو ويو آهي، دوستو اهو خوبصورت ڪلر مينجينگ ايڊيٽر وارو آهي، ادا محمد سليمان وساڻ لاءِ هڪڙو شاهه سائين جو خوبصورت بيت جيڪو سُر راڻي مان آهي لکان ٿو ته
    تون ڍاٽي ڍٽ ڌڻي ڍولا، ! تنهنجو ڍَٽُ،
    پائي تُراڙي توريان، ته مُلڪ نه تُنهنجو مَٽِ،
    لاهي ڪسر ڪَٽُ، اَچي کوڙ قناتُون ڪاڪِ ۾ (شاهه)​

    دوستو توهان سڀ هن سنڌ سلامت جي سُهڻي گُلدستي جا خوبصورت گُل آهيو، ۽ محبوب سائين محمد سليمان وساڻ ته پنهنجي هُٻڪار جيان، سُرهاڻ جيان گُلاب جي گُل جي خوشبوجيان العرض سنڌ جي تازن سمورن گُلن جي خوشبو جيان سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڇائنجي ويو، ايتري ته کوڙ ساري محنت ڪيائين ته جو سنڌ سلامت جي انتظاميه کيس مينجينگ وارو اعزازي عهدو ڏنو، دوست هن جاکوڙي دوست کي منهنجي پاران دل جي گهرائين سان مُبارڪون ۽ دُعائون، شال هِي اسان جو دل گهريو دوست سدائين نت نوان پيار ماڻي ۽ سنڌ سلامت لاءِ پاڻ پتوڙي۔ شال ڪو ڏکيو ڏينهن نه ڏسي، پنهنجي پيارن سان سدائين آباد هجي۔ آمين دوست هاڻي توهان دوستن جي واري آهي اسان جي هن دوست کي ايتريون ته دل کولي کوڙ ساريون مُبارڪون ڏيو جو فضائن ۾ صرف مُبارڪون مُبارڪون جو مٺو آواز هُجي۔
    رهي اچجي راتڙي تن واڍوڙين وٽان
    جن کي سُور سرير ۾ گهٽ منجهاران گهاءَ
    لڪائي لوڪان، پاڻهين ٻَڌَنِ پٽيون (شاهه)​
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سليمان وساڻ کي سلام

    مٺا نثار معاف ڪجان لڳي ٿو سليمان وساڻ کي واڌايون ڏيندڙ ٻنهي نثارن جي لکڻين جو هڪڙو ئي ٽائم هو، مون سمجهيو پي ته اهي واڌايون ڏئي پنهنجو کوڙ سارو پيار سليمان وساڻ تان نڇاور ڪريان پر تون مون کان گوءِ کڻي وين ، تنهنجون واڌايون ۽ خوبصورت ترين مُبارڪون منهنجي ٿريڊ کان پهرين سنڌ سلامت جي اڱڻ جي سُونهن ٿِي وئي۔ مان به دوست سليمان کي هڪ ڀيرو ٻيهر انتهائي پيار مان اُتساهه مان واڌايون ڏئي ٿو ڇڏيان ادا محمد سليمان وساڻ توکي کوڙ ساريون

    مُبارڪون​
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سليمان وساڻ کي سلام

    پيارا ناز! هئا اڳهين گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا ۔۔۔ اوهانجي اندر ۽ منهنجي اندر جو آواز ته هڪ ئي آهي پر انهن جي گونج ۾ ڪئي آواز آهن ۔۔۔ خئير آهي ” وڌي واڙي لڳي ڀاڳ“ ۔۔۔ دوست سليمان کي واڌايون قبول پون ۔۔۔<:p
     
  5. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: سليمان وساڻ کي سلام

    سائين، مون مولائي جي جهولي ۾ به سوا دعائن جي ڪجهه ڪونهي، ڇوجو اڄ ڪالهه ديوالي جون موڪلون لڳيون پيون آهن، ڌنڌي ۾ مزو رهيو ڪونهي، سوچيان پيو پاڻ وارو پيٽي وارو ڪمپيوٽر وڪڻي، وڏي فقير کي ڀتو پهچايان، الله خيئر ڪندو، مولا ڪندو رهجي ايندي، شايد ديوالي واري ڏينهن تي مٺاين جي پيٽين سان گڏ نوٽن جا کوکا به ڀرجي ملن۔ باقي ته ادا وڏي سورن ۾ آهيان، جي لکڻ ويٺس ته ادو وڏو چوندو، ابا مولائي فقير هڪ ڏينهن ۾ ايترو لکندو ڪر جيترو اسان پڙهي سگهون، تُنهنجين انهن لکڻين کي پڙهڻ جي لا‌ هوٽل مان ڪجهه ڏينهن موڪل وٺڻي پوندي۔۔۔ پر ادا وڏا مان ان تائين ڳالهه کي پهچڻ ئي ڪونه ڏيندس، اصلي هاڻي ته اکين مان ڳوڙهن جو قطارون وهڻ‌ شروع ٿيون آهن، جنهن ڏينهن کان آ ايم ايف کان قرض ورتو اٿم، اصلي حال هيڻا لڳا پيا آهن۔۔۔ هاڻي توهان سوچيندا ته مولائي لڳي ٿو نشي ۾ آهي، يا وڌيڪ پي آيو آهي يا وري ڇاڻي ڪري نه پي آيو آهي، يا وري اصلي صفا پي ئي نه آيو آهي،
    بس سائين هاڻي ان ڳالهه کي اتي ئي پورو ٿو ڪريون ۽ پنهنجي پياري دوست سائين سليمان وساڻ صاحب کي مئنيجنگ ايڊيٽر ٿيڻ‌ تي دل جي گهراين سان ڪروڙ ڪروڙ مبارڪون ٿا ڏيون
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سليمان وساڻ کي سلام

    الا ڏاهي مَ ٿيان ، ڏاهيون ڏک ڏسن
    مون سين مون پرين ، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا

    سڀ کان پهريان ته خير مبارڪ

    سنڌ سلامت بابت گذريل سال عيدالفطر تي جڏهن سائين نثار ناز صاحب سنڌ آيو هو ته سچل ڳوٺ ۾ اسان جي اوطاق ۾ ئي مونکي ميمبر ٿيڻ جو چيو هئائين ۽ مان فورن ميمبر به ٿي ويو هئس۔ اها 6 آڪٽوبر 2009 جي ڳاله آهي۔ پر ميمبر ٿيڻ کانپوء مان نه ڪا به پوسٽ ڪئي نه وري ڪو رايو ڏنو۔

    مان فيس بوڪ تي سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچار ۾ لڳو پيو هئس۔ ڪيئي پروفائل ۽ البم ٺاهيندو رهيس ۽ ان سان گڏ شاه لطيف ۽ سنڌي شاعرن جي شاعري به ڊزائن ڪيم ته فيس بوڪ تي سائين نثار ابڙو ملي ويو ۽ هن مونکي سنڌ سلامت تي اچڻ جو چيو۔ مونکي ڪجه به پوسٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائي پي لڳي پر منهنجي رهنمائي ڪري مونکي سنڌ سلامت تي وٺي آيا ۽ 5 آگسٽ 2010 کان مان سنڌ سلامت جو ايڪٽو ميمبر ٿيس۔

    دوستن همٿ ڏياري ۽ پوء هن اڱڻ تي اسد ميرجت ، ڦلپوٽي فقير ، عمران درويش سومرو ، عاشق سولنگي ، سائين نثار ناز ، سائين رحيم بخش ۽ ادا رشيد جهڙا دوست مليا۔ هن عيد تي سائين نثار ابڙو سنڌ آيو ۽ عيد واري ڏينهن سندس ئي گهر تي ادا رشيد سان ملاقات ٿي ۽ مون محسوس ڪيو ته دوستن کي ساٿ جي ضرورت آهي۔

    هتي ئي پوء ڪافي دوستن سان ملاقات به ٿي جيئن ادو طاهر سنڌي ، عبدالوهاب قنبراڻي ۽ علي علي عراق وارو ۽ عرس پريو۔ سڀني سان اهو ضد رهيو ته سنڌ سلامت کي اڳتي وڌائجي ۽ ڪي پروجيڪٽس شروع ڪجن ته وري مالي مسئلن جو ذڪر آيو۔ مان سڀني کي چيو ته ڪو مسئلو ناهي اسان ڪجه اشتهار وٺي ڪم ڪري وينداسين ۽ ڪجه ئي ڏينهن ۾ هڪ اشتهار گل احمد جو ملي به ويو ۽ ڪجه ملڻ وارا آهن۔

    دوستن خاص ڪري ادا رشيد، سائين نثار ناز ۽ سائين نثار ابڙي اهو بار رکيو ته مان ان سيگمينٽ کي سنڀاليان۔

    سچ پڇو ته مونکي آئي هن اکڻ تي اڃان ٻه مهينا به ڪونه ٿيا آهن پر دوستن جو خلوص ، هنن جي محنت ڏسي مون انڪار ڪونه ڪيو۔ سچ پڇو ته اها دوستن جي وڏائي آهي جو مون جهڙي جونيئر ميمبرکي هي ذميواري سونپين۔

    خاص مهرباني ادا رشيد سمون جي جو هن اڱڻ کي اجارڻ ۾ پنهنجو ڪردار پيو ادا ڪري۔

    سائين نثار ابڙي، سائين نثار ناز ۽ رنجيت جي مهرباني جو هنن مباڪ ڏني

    دعا آهي ته الله مونکي اها توفيق ۽ همت ڏي جو مان دوستن جي اميدن تي پورو لهان ۽ سڄڻن لاء ۽ سنڌ سلامت لاء ڪجه ڪري سگهان۔
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: محترم دوست محمد سليمان وساڻ کي دل جي گهرائين سان دِلي مُبارڪون

    مونکي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾
    اڀا ايئن چون ته متان پاند پسائين

    سائين نثار سڀ کان پهريان خير مبارڪ۔ نه ته اوهان چوندا ته مون وٽ خير مبارڪ جي ريت ئي ڪانهي

    مان سنڌ سلامت جي انتظاميه خاص ڪري سائين نثار ناز اوهان جو، سائين نثار ابڙي جو ۽ ادا رشيد سمون جو ۽ سڀني ايڊيٽرن جو خاص ڪري اسد ، ڦلپوٽي فقير ۽ سائين رحيم بخش صاحب جو ٿورائتو آهيان جن مونتي اعتماد ڪيو۔

    مان سمجهان ٿو دوستن جيڪو اعتماد ڪيو آهي ان کان وڌيڪ مان پاڻ تي ذميواري ٿو محسوس ڪريان۔ هونءَ ته مان سنڌ سلامت جي هر سيڪشن کي سينگارڻ جو ذميوار آهيان پر مونتي جيڪا خاص ذميواري رکي وئي آهي اها آهي سنڌ سلامت جي مارڪيٽنگ جي شعبي کي هٿي وٺرائي سنڌ سلامت کي مالي طور مستحڪم ڪرڻ آهي جنهن جي شروعات ته اڳ ئي ٿي چڪي آهي اوهان دوستن جو ساٿ رهيو ته ضرور ڪامياب ٿينداسين۔

    باقي سائين نثار ناز اسان جهڙي اڻ ڄاڻ ۽ ڪوري ماڻهون جي ايتري ساري تعريف ڪري اسان کي شرمنده نه ڪندا ڪريو۔ اسان ته اوهان جهڙن ادب جي ڏاهن جي ڇپر ۽ ڇانو ۾ پيا هلون۔ اوهان جا لک قرب جو هيڏو پيار ۽ خلوص ٿا ڏيو
     
  8. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سليمان وساڻ کي سلام

    ادا اسان جي طرف کان به توهان کي مبارڪ هجي....
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سليمان وساڻ کي سلام

    ادا وسيم اوهان جي مهرباني
     
  10. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سليمان وساڻ کي سلام

    [​IMG]



    دعا ۾ ياد
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سليمان وساڻ کي سلام

    ڀا عاشق توهان جا لک قرب جو هيڏي پيار ۽ پاٻوه سان نه فقط مبارڪباد ڏني پر دعائون به ڪيون۔

    اهي اوهان دوستن جا وڙ آهن۔

    ٿورا نه ٿورا مونتي ماروئڙن جا
    ڀلايون ۽ ڀيرا ھني ڳڻيندس ڪيترا
     
  12. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سليمان وساڻ کي سلام

    ادا سليمان وساڻ توهان کي اسان جي طرفان به لک لک واڌايون هجن.
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سليمان وساڻ کي سلام

    ادا رياص توهان جي مهرباني۔
     
  14. سلمان ڪلمتي

    سلمان ڪلمتي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 جولائي 2010
    تحريرون:
    158
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سليمان وساڻ کي سلام

    ادا سليمان وساڻ توهان کي اسان جي طرفان به لک لک مبارڪون هجن۔
     
  15. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سليمان وساڻ کي سلام

    ادا سليمان وساڻ صاحب

    سڀ کان پهريائين ته توهان کي سنڌ سلامت فورم جو ميننيجنگ ايڊيٽر ٿيڻ تي مبارڪ باد هجي
    هن فقير طرفان توهان کي هڪ دفعو ٻيهر مبارڪ باد هجي
    اصل ۾ توهان جي محنت ئي سڄو ڪم ڪيو آهي سنڌ سلامت فورم تي توهان جي محنت واضع آهي ٻيو وري توهان جي اشتهارن جي حوالي سان جاکوڙ پڻ ساراهڻ جوڳئي آهي توهان جي محنت ئي توهان کي هن مقام تي پهچايو آهي سو مان کي اميد آهي ته توهان فورم تي اهڙي محنت جاري رکندو

    سدائين گڏ
     
  16. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سليمان وساڻ کي سلام


    سائين سليمان وساڻ‌کي مينيجنگ ايڊيٽر ٿيڻ تي دل جي گهرائيءَ سان مبارڪون​

    سچ ۾ ســـــــــــــنـــڌ ســـــــــلامــــــــت جي اڱڻ جا اهي ٿورا ڪڏهن ڪونه لاهي سگهبا جو اتي اچي اسان کي سنڌ جي قابل، محنتي ۽ هڏ ڏوکي فرزندن سان ملڻ جو، ڳالهائڻ جو ۽ ڏک سور ونڊڻ جو موقعو مليو آهي، سنڌ سلامت جي اڱڻ تي رهي ڪري اسان جيڪي ڳالهيون سکيون آهن، اهي پهرين سکڻ لاءِ سڪندا هئاسين. جيڪي ساٿ اسان کي مليا آهن، اهي ان کان پهرين ڪڏهن نه ڏسڻ لاءِ مليا نه وري ٻڌڻ لاءِ مليا.
    اونئن ته سنڌ سلامت جا سڀ دوست موتيءَ داڻا آهن پر هتي جن دوستن کي اسان سنڌ ۽ سنڌيت لاءِ پاڻ پتوڙيندي ڏٺو آهي، انهن ۾ سائين سليمان وساڻ به ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي، اردو ۾ هڪ محاورو آهي جنهن جو مقصد آهي ته ” هو آيو ۽ ڇانئجي ويو“ ته اها ساڳي ڳالهه سائين سليمان وساڻ جي متعلق اسان چئي سگهون ٿا، ٿورو عرصي ۾ سنڌ سلامت تي سائين جن پنهنجي محنت ۽ قابليت سان جيڪو مقام ٺاهيو اٿن اهو ڪنهن کان به لڪيل نه آهي. پنهنجي بهترين ڊزائين ۾ سنڌ جي مهان شاعرن جي شاعري کي اسان سان ونڊ ڪندڙ هن شخصيت جي محنتي، سنڌ دوست هجڻ جو ثبوت سندن اهي خوبصورت ڊزائينون آهن، جيڪي پنهنجي اندر خوبصورتيءَ ۾ سندن جذبات جي ترجماني ڪن ٿيون ۽ ڳالهائيندي محسوس ٿين ٿيون.
    اهي ته سندن وڏا وڙ آهن جو هو پاڻ کي سنڌ سلامت جو جونيئر ميمبر سڏين ٿا، پر اها مست سميت سڀني کي خبر آهي ته سائين سليمان وساڻ جي شخصيت سنڌ سلامت جو اَڻ مٽ حصو آهي، سائين سليمان وساڻ جهڙي طرح فيس بوڪ جي سنڌي ڪميونٽي ۾ مشهور ۽ مقبول آهن، اهڙي طرح سنڌ سلامت جي اندر به هاڻ سندن نرالو مقام آهي، سائين رشيد سمون، نثار ابڙو، نثار ناز ۽ ٻين چند دوستن انٽرنيٽ تي سنڌ سلامت جو جيڪو سفر سنڌيت جي چاهه ۾ شروع ڪيو هو، ان سفر ۾ سائين سليمان وساڻ جهڙا دوست ملن ٿا ته حوصلو ٻيڻو نه بلڪه چوڻو ٿي وڃي ٿو. سنڌ سلامت لاءِ سندن محنت سڀني جي آڏو آهي، سنڌ سلامت کي جڏهن مال معاملن جي ڏکيائن بعد اشتهارن جي لڳائڻ جي ضرورت پئي ته ان معاملي ۾ اشتهارن جي حصول ۽ مارڪيٽنگ جي لاءِ سائين سليمان وساڻ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. جنهن ڪري انتظاميه جي طرفان متفق طور تي سندن کي سنڌ سلامت جو مينيجنگ ايڊيٽر بڻايو ويو آهي. يعني هاڻ پاڻ ان شعبي ۾ سنڌ سلامت جا ترجمان آهن. مينيجنگ ايڊيٽر جو عهدو سندن لاءِ اعزاز سان گڏ ذميواري به آهي، جنهن کي هو سنڌ سلامت جي مفاد ۾ بهترين نموني نڀائين پيا ۽ انشاءَ الله نڀائيندا.
    مست طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر سائين سليمان وساڻ کي دل جي گهراين سان مبارڪون۔۔۔۔۔​
     
  17. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: محترم دوست محمد سليمان وساڻ کي دل جي گهرائين سان دِلي مُبارڪون

    سائين سليمان وساڻ کي سنڌ سلامت جو مينيجنگ ايڊيٽر چونڊجڻ تي مون مسڪين مست جي طرفان به دل جي گهراين سان کوڙ ساريون مبارڪون هجن۔۔۔
     
  18. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سليمان وساڻ کي سلام

    پيارا سٻ کان پهريائين توهان کي لک لک مبارڪون هجن۔۔۔۔ دوست سنڌ ء سنڌي ٻوليء جي خدمت اسان سٻني
    جو فرض آهي۔۔۔۔۔توهان جهڙن دوستن جو جذبو ڏسي اسانکي به همت ملندي۔۔۔۔
    ادا عبدالرشيد جيڪو هي ميلو مچايو آهي ان کي قائم ء دائم رکڻ لاء جيڪا ذميواري تواهانجي مٿان رکي وئي
    آهي هن وقت انجي اشد ضرورت هئي۔۔۔۔
    اميد ته توهان انکي جئين نڀائي رهيا آهيو هميشه ساث سلامت رهندو۔

    توهان لاء استاد بخاريء جو هي شعر عرض ڪريان ٿو۔۔۔۔

    [​IMG][/IMG]​
     
  19. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سليمان وساڻ کي سلام

    ادا سلمان خير مبارڪ

    اوهان جون مهربانيون
     
  20. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سليمان وساڻ کي سلام

    مهرباني ڀا ڦلپوٽه ۽ خير مبارڪ

    ادا اصل محنت اوهان جهڙن دوستن جي آهي جيڪي هن فورم کي سنڀاليون پيا اچن۔ هن فورم تي آئي مونکي آئي ته جمعو جمعو اٺ ڏينهن ٿيا آهن۔

    اوهان دوستن جيڪو اعتماد ڪيو آهي ۽ حوصلو ڏياريو آهي۔ انشاء الله ڪوششون جاري رکي سنڌ سلامت کي پنهنجي منزل تي پهچائينداسين۔

    هڪ دفعو ٻيهر اوهان جا لک قرب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو