جواب: سليمان وساڻ کي سلام
پيارا اسد خير مبارڪ
اوهان جيڪو ڪجه منهنجي لاء لکيو آهي سچ پڇين ته اهو صرف منهنجي محبت ۽ خلوص ۾ لکيو اٿئي۔ نه ته ڪٿي مان ۽ ڪٿي هيتريون ساريون تعريفون ۔ اوهان جهڙا دوست جن سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ کي نه صرف آباد رکيو آهي پر هر وقت اسان جهڙن اڻڄاڻن جي مدد به ڪئي آهي اصل تعريف جا حقدار اوهين آهيو۔
اهوسنڌ سلامت ۽ اوهان دوستن جو خلوص ۽ سنڌ سان محبت ئي هئي جنهن مونکي ڇڪي اوهان سان ملايو۔ مان ۽ سنڌ سلامت جا دوست هڪ ئي آهيون۔ مان سنڌ سلامت ۽ سنڌ کانسواء ڪجه ناهيان
اوهان سميت سڀ دوست سنڌ لاء تڙپو ٿا، سنڌ جي ڳاله ڳائيندا ٿا رهو۔ مان به اهوئي گيت اهي ئي سُر اهوئي ڳالهيون پيو آلاپيان۔
مون هن ذميواري کي پنهنجو سمجهي قبول ڪيو آهي ۽ انشاءالله دوستن کي ڪٿي به مايوس نه ڪبو۔ پر تاڙي هڪ هٿ سان نه وڄندي اوهان جو ساث هوندو ته منزل کي رسنداسين۔
اوهان جا لک ٿورا جو منهنجي لاء دل ۾ هيڏي محبت ۽ عزت ٿا رکو۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
سچ ۾ ســـــــــــــنـــڌ ســـــــــلامــــــــت جي اڱڻ جا اهي ٿورا ڪڏهن ڪونه لاهي سگهبا جو اتي اچي اسان کي سنڌ جي قابل، محنتي ۽ هڏ ڏوکي فرزندن سان ملڻ جو، ڳالهائڻ جو ۽ ڏک سور ونڊڻ جو موقعو مليو آهي، سنڌ سلامت جي اڱڻ تي رهي ڪري اسان جيڪي ڳالهيون سکيون آهن، اهي پهرين سکڻ لاءِ سڪندا هئاسين. جيڪي ساٿ اسان کي مليا آهن، اهي ان کان پهرين ڪڏهن نه ڏسڻ لاءِ مليا نه وري ٻڌڻ لاءِ مليا.سائين سليمان وساڻکي مينيجنگ ايڊيٽر ٿيڻ تي دل جي گهرائيءَ سان مبارڪون
اونئن ته سنڌ سلامت جا سڀ دوست موتيءَ داڻا آهن پر هتي جن دوستن کي اسان سنڌ ۽ سنڌيت لاءِ پاڻ پتوڙيندي ڏٺو آهي، انهن ۾ سائين سليمان وساڻ به ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي، اردو ۾ هڪ محاورو آهي جنهن جو مقصد آهي ته ” هو آيو ۽ ڇانئجي ويو“ ته اها ساڳي ڳالهه سائين سليمان وساڻ جي متعلق اسان چئي سگهون ٿا، ٿورو عرصي ۾ سنڌ سلامت تي سائين جن پنهنجي محنت ۽ قابليت سان جيڪو مقام ٺاهيو اٿن اهو ڪنهن کان به لڪيل نه آهي. پنهنجي بهترين ڊزائين ۾ سنڌ جي مهان شاعرن جي شاعري کي اسان سان ونڊ ڪندڙ هن شخصيت جي محنتي، سنڌ دوست هجڻ جو ثبوت سندن اهي خوبصورت ڊزائينون آهن، جيڪي پنهنجي اندر خوبصورتيءَ ۾ سندن جذبات جي ترجماني ڪن ٿيون ۽ ڳالهائيندي محسوس ٿين ٿيون.
اهي ته سندن وڏا وڙ آهن جو هو پاڻ کي سنڌ سلامت جو جونيئر ميمبر سڏين ٿا، پر اها مست سميت سڀني کي خبر آهي ته سائين سليمان وساڻ جي شخصيت سنڌ سلامت جو اَڻ مٽ حصو آهي، سائين سليمان وساڻ جهڙي طرح فيس بوڪ جي سنڌي ڪميونٽي ۾ مشهور ۽ مقبول آهن، اهڙي طرح سنڌ سلامت جي اندر به هاڻ سندن نرالو مقام آهي، سائين رشيد سمون، نثار ابڙو، نثار ناز ۽ ٻين چند دوستن انٽرنيٽ تي سنڌ سلامت جو جيڪو سفر سنڌيت جي چاهه ۾ شروع ڪيو هو، ان سفر ۾ سائين سليمان وساڻ جهڙا دوست ملن ٿا ته حوصلو ٻيڻو نه بلڪه چوڻو ٿي وڃي ٿو. سنڌ سلامت لاءِ سندن محنت سڀني جي آڏو آهي، سنڌ سلامت کي جڏهن مال معاملن جي ڏکيائن بعد اشتهارن جي لڳائڻ جي ضرورت پئي ته ان معاملي ۾ اشتهارن جي حصول ۽ مارڪيٽنگ جي لاءِ سائين سليمان وساڻ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. جنهن ڪري انتظاميه جي طرفان متفق طور تي سندن کي سنڌ سلامت جو مينيجنگ ايڊيٽر بڻايو ويو آهي. يعني هاڻ پاڻ ان شعبي ۾ سنڌ سلامت جا ترجمان آهن. مينيجنگ ايڊيٽر جو عهدو سندن لاءِ اعزاز سان گڏ ذميواري به آهي، جنهن کي هو سنڌ سلامت جي مفاد ۾ بهترين نموني نڀائين پيا ۽ انشاءَ الله نڀائيندا.
مست طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر سائين سليمان وساڻ کي دل جي گهراين سان مبارڪون۔۔۔۔۔
پيارا اسد خير مبارڪ
اوهان جيڪو ڪجه منهنجي لاء لکيو آهي سچ پڇين ته اهو صرف منهنجي محبت ۽ خلوص ۾ لکيو اٿئي۔ نه ته ڪٿي مان ۽ ڪٿي هيتريون ساريون تعريفون ۔ اوهان جهڙا دوست جن سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ کي نه صرف آباد رکيو آهي پر هر وقت اسان جهڙن اڻڄاڻن جي مدد به ڪئي آهي اصل تعريف جا حقدار اوهين آهيو۔
اهوسنڌ سلامت ۽ اوهان دوستن جو خلوص ۽ سنڌ سان محبت ئي هئي جنهن مونکي ڇڪي اوهان سان ملايو۔ مان ۽ سنڌ سلامت جا دوست هڪ ئي آهيون۔ مان سنڌ سلامت ۽ سنڌ کانسواء ڪجه ناهيان
تو پنهنجا سيڻ نه بدليا ها،
مون تنهنجا سُرَ سڃاتا ها:
جي تنهنجي من ۾ تڙپيا ها،
مون گيت اُهي ئي ڳاتا ها