جواب: ڳالهه ڪر ۔۔۔ شاعره، نسيم حيدري
پيار، پريت ۽ عشق جي ڳالهه ڪـــر،
زندگيءَ جي سونهن جي ڳالهه ڪر۔
هر ڪــــوئي هت مهمان هجي ٿـــو،
اي نادان! وقت ۽ پل جي ڳالهه ڪر۔
ڪيئي آيـا ۽ ويــا زماني جــا سڪندر،
تاريخ جي مهان انسانن جي ڳالهه ڪر۔
خــدا جــا گهـــر بـــه قتــــل گــاهه بڻـــجــــي ويـــــا،
انسان جي هٿان انسان جي عظمت جي ڳالهه ڪر۔
جنـون شـوق عبادتِ اڄڪلهه وڌي ويو آ،
حقيقت، معرفت ۽ طريقت جي ڳالهه ڪر۔
هر پاسي ”نسيـــم“ کي اجنبي چهرا نظر آيا،
هن ڌرتيءَ جي اصل وارثن جي ڳالهه ڪر۔
پيارا سائين نثار ابڙا: اسان جي ڀيڻ سانئڻ نسيم حيدري صاحبه جيڪو ڪجهه سوچيو سو پنهنجي ڊائري ۾ لکي ڇڏيائين ۽ توهان به ايز اٽ اهي سوچيل خيال جيئن جو تيئن هتي ونڊ ڪري ڇڏيا۔ توهان ڏاڍو سُٺو ڪيو مٺا ابڙا، اها ئي ته حقيقي تخليقي سُونهن هوندي آهي، جنهن ۾ خيال جي گهرائي، پختگي، ڏات جي ديوي طرفان تخليق جو سرجڻ وارو عمل سڀ کان اتم ته وقت جي ڪاغذ تي پنهنجي خيالات جي قلم سان ڪجهه نه ڪجهه لکڻ ئي اصل ۾ هڪ شاعر يا شاعره کي نکاري نروار ڪري ٿو، دوست جيئن ته ڀيڻ نسيم حيدري هن شاعري ۾ پنهنجو تخلص استعمال ڪيو آهي ان ڪري پاڻ هن شاعري کي آزاد نظم وغيره ته نه ٿا چئي سگهون پر مجبوري اها آهي ته هن شاعري کي اسان ڪنهن شاعري جي گهاڙيٽي ۾ به نٿا آڻي سگهون، شاعري ۾ خاص ڪري نظم، غزل، وائي ، گيت، بيت ٽيڙو، ترائيل، چار سٽا، پنج ڪڙا، ٻه سٽا، مجبوري آهي ته ڪنهن نه ڪنهن ڪافيئي ۽ رديف جا محتاج هوندا آهن، اسان جي هن نهايت قابل احترام ڀيڻ جي هن بظاهر شاعري پر اصل ۾ هڪ سُندر خيال وارِي ڪنهن شي ۾ ڪافيا نظر ڪونه پيا اچن، جنهن جي ڪري هنن نهايت ئي اونچن خيالن کي رڌم، موسيقيت،ترنم ۽ سرگم ۾ آڻڻ لا مون هن ۾ ڪجهه هيٺين ريت ترميم ڪئي آهي، هن ۾ مون اڃا وزن بحر مطلب علم عروض سمايو ئي ڪونهي فقط اها ڄاڻ سانئڻ نسيم حيدري سميت نون لکندڙن کي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڪنهن به شاعري ۾ ڪافيو ۽ رديف ڇا ٿيندو آهي اهو ڇو ضروري هوندو آهي۔
ڀيڻ نسيم حيدري جي اصل شاعري به هتي لکان ٿو ۽ جيڪا مون ان ۾ پنهنجي وس آهر محنت ڪئي آهي سا به لکان ٿو توهان کي خبر پئجي ويندي ته ڪهڙي کوٽ هُئي هن شاعري ۾ جنهن جو مون پورائو ڪيو آهي۔
ڀيڻ نسيم حيدري جي اوريجنل شاعري
پيار، پريت ۽ عشق جي ڳالهه ڪـــر،
زندگيءَ جي سونهن جي ڳالهه ڪر۔
هر ڪــــوئي هت مهمان هجي ٿـــو،
اي نادان! وقت ۽ پل جي ڳالهه ڪر۔
ڪيئي آيـا ۽ ويــا زماني جــا سڪندر،
تاريخ جي مهان انسانن جي ڳالهه ڪر۔
خــدا جــا گهـــر بـــه قتــــل گــاهه بڻـــجــــي ويـــــا،
انسان جي هٿان انسان جي عظمت جي ڳالهه ڪر۔
جنـون شـوق عبادتِ اڄڪلهه وڌي ويو آ،
حقيقت، معرفت ۽ طريقت جي ڳالهه ڪر۔
هر پاسي ”نسيـــم“ کي اجنبي چهرا نظر آيا،
هن ڌرتيءَ جي اصل وارثن جي ڳالهه ڪر۔
هاڻ هن شاعري ۾ سڀ خوبصورت ڳالهه اها آهي ته هن ۾ رديف
(جي ڳالهه ڪر) تمام شاندار نموني سان اسان جي ڀيڻ استعمال ڪيو آهي رديف ان کي چئبو جو غزل يا نظم جي مطلعي (ٿلهه) جي ٻنهي سِٽن ۾ بار بار اچي اهو رديف آهي، هاڻي توهان ڏسو جن به سِٽن ۾ مون ڳاڙها لفظ ڀيڻ نسيم حيدري جي سٽن ۾ لکيا آهن انهن ۾ ڪافيئي جو ڪو نالو ڪونهي ڪافيو ان کي چئبو جيڪو شاعري جي بند ۾ بار بار بدلجي هم آواز هُجي،
هاڻي مان جيڪي ترميم هن شاعري ۾ ڪئي آهي اها به لکان ٿو جيڪا آهي ته
عشق پريت ۽ پيار جِي ڳالهه ڪر !
سُونهن ڀريل سنسار جِي ڳالهه ڪر!
هر ڪوئي هت مهمان اچي ٿو ،
ڇا سُٺو ڇا بُرو آ ڪردار جي ڳالهه ڪر
ڪيئي آيا ۽ ويا زماني جا سڪندر ،
اي وقت ! زماني جي افڪار جي ڳالهه ڪر !
خُدا جا گهر به قتل گاهه بڻجي ويا ،
انسان ويچاري هت لاچار جي ڳالهه ڪر !
جنون، شوق، عبادت اڄڪلهه ويو آ وڌِي ،
حقيقت، معرفت طريقت باربار جي ڳالهه ڪر !
هر پاسي ” نسيم“ ڇو اجنبي چهرا ٿا ڦرن ،
اسان جي سنڌ ڌڻي سنڌي دلدار جي ڳالهه ڪر !
هاڻي توهان خود اندازو لڳايو ته هن ۾ صرف هم آواز ڪافيا لڳائڻ سان رڌم به اچي ويو، ترنم به اچي ويو، سرگم به اچي ويو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه جيڪا غزل ، نظم، وائي ، بيت ترائيل ، ٽيڙو وغيره وغيره لا انتهائي گهربل شي
ڪافيو به اچي ويو۔ پيارا نثار لازمي ڪونهي ته منهنجي فني نقطي نگاهه سان تيار ڪيل هي شاعري ڀيڻ نسيم ۽ توهان ان کي قبول ڪريو ۽ ادا نثار هن ۾ متان ائين سمجهين ته هن ٽي درجي واري شاعر نثار ناز ڪا تنقيد ڪئي آهي قسم سان بلڪل نه پر خوبصورت خيالن جي وهڪري کي جيڪڏهن خوبصورت رڌم ، ترنم سرگم
ڪافيئي جي صورت ۾ ڏنو وڃي ته اصل ڀيڻ نسيم حيدري جي هنن سُندر خيالن کي چنڊ ڇا پر چوڏهين جا لازوال چنڊَ لڳي ويندا۔ گُستاخي معاف ادا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔