ڳالهه ڪر ۔۔۔ شاعره، نسيم حيدري

'سنڌي شاعري' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏29 آڪٽوبر 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    پيار، پريت ۽ عشق جي ڳالهه ڪـــر،
    زندگيءَ جي سونهن جي ڳالهه ڪر۔

    هر ڪــــوئي هت مهمان هجي ٿـــو،
    اي نادان! وقت ۽ پل جي ڳالهه ڪر۔

    ڪيئي آيـا ۽ ويــا زماني جــا سڪندر،
    تاريخ جي مهان انسانن جي ڳالهه ڪر۔

    خــدا جــا گهـــر بـــه قتــــل گــاهه بڻـــجــــي ويـــــا،
    انسان جي هٿان انسان جي عظمت جي ڳالهه ڪر۔

    جنـون شـوق عبادتِ اڄڪلهه وڌي ويو آ،
    حقيقت، معرفت ۽ طريقت جي ڳالهه ڪر۔

    هر پاسي ”نسيـــم“ کي اجنبي چهرا نظر آيا،
    هن ڌرتيءَ جي اصل وارثن جي ڳالهه ڪر۔
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڳالهه ڪر ۔۔۔ شاعره، نسيم حيدري

    واھ سائين واھ بهترين۔۔۔۔۔۔۔۔اسان کي شاعري جي تعريف ڪرڻ جي لا لفظ ئي ڪانهن

    ونڊ ڪرڻ جي مهرباني
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڳالهه ڪر ۔۔۔ شاعره، نسيم حيدري

    سائين نثار صاحب ادي نسيم جي شاعري ونڊ ڪرڻ جي مهرباني

    ادي نسيم هن شاعري ۾ جيڪي خيال پيش ڪيا آهن اهي انتهائي گهري سوچ جي عڪاسي ٿاڪن۔ سندس هنن سٽن ۾ وقت جي اهميت جو ذڪر به آهي ، وقت جي ظالم فاتحن جو به ته اڏول ۽ مهان انسانن جو به ذڪر آهي۔ عبادت جي روپ ۾ ٿيندڙ قهر جو ذڪر آهي ته اتي صوفياڻي رنگ جو به ذڪر آهي۔ سڀ کان وڏي ڳاله ته ادي نسيم به ڪراچي ۾ ٿي رهي ته هتي رهندڙ اجنبي چهرن جو به ذڪر ٿي ڪري پر ڳاله ٻڌڻ چاهي ٿي ته فقط ڌرتي جي اصل وارثن جي۔

    سندس سوچ ۾ ايڏي لوچ آهي ان ۾ سندس ادبي گهراڻي جي تربيت جو اثر به ضرور ايندو
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڳالهه ڪر ۔۔۔ شاعره، نسيم حيدري

    سائين مان شاعري کي تصوير جي شڪل ڏني آهي

    [​IMG]
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڳالهه ڪر ۔۔۔ شاعره، نسيم حيدري

    درياهه ۾ پئدا ٿيندڙ، انسانن کي درياهه جي ڪنن جي واقفيت هجي ٿي، محترمه نسيم حيدري به سنڌ جي ڏاهي محترم شمشير جي گهر ۾ پئدا ٿي آهي ۽ درياهه جي دهشت ۽ ڪارن ڪنن جي سڃاڻ به رکي ٿي، ۔۔۔ شاعر به غواص هجن ٿا ۽ پاتال مان موتي ڳولهي اسان جهڙن واپارين آڏو آڻين ٿا ۔۔۔ هاڻ اسانجو ڪم آهي ته ان مان حض حاصل ڪريون يا دڪان کوليون ۔۔۔

    سلام آهي سنڌ جي شاعرن کي جي پنهنجو ڪردار نڀائيندي سنڌ ۽ سنڌيت کي مان ڏين ٿا ۔۔۔ اوهانجا لک ٿورا جو ايترو سهڻو تجزيو ڪيو اٿوَ ۔۔۔ اوهانجا رايا شاعره تائين پهتا ٿيا آهن ۔۔۔

    دعائن ۾ گڏ
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڳالهه ڪر ۔۔۔ شاعره، نسيم حيدري

    لک ٿورا سهڻا دوست عاشق، اوهانجي ڏنل تصوير جي اورچائي شاعره جي خيالي ۽ لفاظي اڏام سان ٺهڪندڙ آهي ۔۔۔ شاعره اوهانجي ان محنت جا ٿورا ٿي مڃيا ۔۔۔ قبول پون ۔۔۔

    (*)
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڳالهه ڪر ۔۔۔ شاعره، نسيم حيدري

    ڪالهه مون وٽ موبائيل تي هڪ پيغام وصول ٿيو ته ڇا ڪڏهن طالبان طرفان شراب خانن، جوا خانن يا وري زنا خانن تي خودڪش حملا ٿيا آهن۔۔۔۔ ياد ڪندو رهيس پر اهڙو ڪوبه واقعو ياد نه آيو۔۔۔ پاڻ کي خدا پاڪ جي ويجهو سمجهندڙ انسان جي عظمت کي اهو سمجهيو آهي جو عظيم انسانن ۽ ولي الله عبدالله شاه غازي، بابا فريد شڪر گنج جن جي مزارن تي ڌماڪا ڪيا آهن ۽ بجاءِ شرمندو ٿيڻ جي وڌيڪ اهڙين مزارن ۽ مسجدن ۾ ڌماڪا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن۔۔ انهن جي نزديڪ انسان جي عظمت جي ڳالهه ادي نسيم ڪيڏو نه صاف ۽ سادن لفظن سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي۔۔۔۔
    چوندا آهن ته جڏهن انسان شيطان کي شڪست ڏيندي رب پاڪ جي عبادت کي جاري رکندو آهي ته شيطان پنهنجو پينترو تبديل ڪندو آهي ۽ هن دفعي انسان کي ڊگهين ڊگهين عبادتن ۽ وڏا وڏا سجدا ڏيڻ تي اڪسائيندو آهي۔۔ ۽ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ پنهنجي سندس مڪروه چهري تي شيطاني مسڪراهٽ اچي ويندي آهي جڏهن انسان اهڙي ڊگهي نماز کان تنگ ٿي وقت گسائڻ لڳندو آهي۔۔۔ هتي ادي نسيم اهڙن انسانن کي صحيح معرفت ۽ درست طريقت وٺڻ جي ڳالهه ڪئي آهي۔۔۔۔
    ادي نسيم جون ڪهاڻيون ته پڙهيون آهن پر سندس شاعري جو به جواب نه آهي۔۔۔۔ مختصر لفظن ۾ گهرو پيغام پنهنجي لفظن جي بهترين بيهڪ ۾ ڏيڻ يقينن وڏي شاعره هجڻ جو ثبوت آهي۔۔۔۔
     
  8. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ڳالهه ڪر ۔۔۔ شاعره، نسيم حيدري

     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڳالهه ڪر ۔۔۔ شاعره، نسيم حيدري

    عام فهم لفظن ۾ گهرو پيغام ڏيڻ جي هي صفت ڪنهن ڪنهن شاعر کي ملندي آهي۔۔۔ ادي نسيم حيدري جي هي شاعري به دل کي ڇهي وئي۔۔ زبردست۔۔
     
  10. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڳالهه ڪر ۔۔۔ شاعره، نسيم حيدري

    سائين بهترين.....
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڳالهه ڪر ۔۔۔ شاعره، نسيم حيدري

    سنڌ سلامت جي محترم دوستن جا ٿورا جنکي محترمه جي هيءَ ننڍڙي ڪاوش پسند آئي، جيئن چوڻي آهي ته ” گهر جو پير چلهه جو مارنگ“ انڪري محترمه بيشڪ شاعره به موچاري آهي ۽ ڪهاڻيون به وزندار لکندي آهي ڇونه لکي هڪ ته سندس حساس طبيعت آهي ٻيو ته اندر ۾ هڪ سهڻو انسان به اٿس انڪري جڏهن به لکندي آهي ته دل جي گهراين سان لکندي آهي، آءُ ڪوشش ڪري کيس همٿائيندو رهندو آهيان ته هوءَ سماجي، قومي ۽ انساني مسئلن تي ڀرپور اظهار ڪري ۔۔۔

    اڃان سندس کوڙ ساتري (رف لکيل) شاعري آهي، جيڪا ممڪن ٿيو ته وقت سر اوهان دوستن سان ونڊ ڪندو رهندس ۔۔۔

    دوستن جا لک ٿورا ۔۔۔
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڳالهه ڪر ۔۔۔ شاعره، نسيم حيدري

    پيارا سائين نثار ابڙا: اسان جي ڀيڻ سانئڻ نسيم حيدري صاحبه جيڪو ڪجهه سوچيو سو پنهنجي ڊائري ۾ لکي ڇڏيائين ۽ توهان به ايز اٽ اهي سوچيل خيال جيئن جو تيئن هتي ونڊ ڪري ڇڏيا۔ توهان ڏاڍو سُٺو ڪيو مٺا ابڙا، اها ئي ته حقيقي تخليقي سُونهن هوندي آهي، جنهن ۾ خيال جي گهرائي، پختگي، ڏات جي ديوي طرفان تخليق جو سرجڻ وارو عمل سڀ کان اتم ته وقت جي ڪاغذ تي پنهنجي خيالات جي قلم سان ڪجهه نه ڪجهه لکڻ ئي اصل ۾‌ هڪ شاعر يا شاعره کي نکاري نروار ڪري ٿو، دوست جيئن ته ڀيڻ نسيم حيدري هن شاعري ۾ پنهنجو تخلص استعمال ڪيو آهي ان ڪري پاڻ هن شاعري کي آزاد نظم وغيره ته نه ٿا چئي سگهون پر مجبوري اها آهي ته هن شاعري کي اسان ڪنهن شاعري جي گهاڙيٽي ۾ به نٿا آڻي سگهون، شاعري ۾ خاص ڪري نظم، غزل، وائي ، گيت، بيت ٽيڙو، ترائيل، چار سٽا، پنج ڪڙا، ٻه سٽا، مجبوري آهي ته ڪنهن نه ڪنهن ڪافيئي ۽ رديف جا محتاج هوندا آهن، اسان جي هن نهايت قابل احترام ڀيڻ جي هن بظاهر شاعري پر اصل ۾ هڪ سُندر خيال وارِي ڪنهن شي ۾ ڪافيا نظر ڪونه پيا اچن، جنهن جي ڪري هنن نهايت ئي اونچن خيالن کي رڌم، موسيقيت،ترنم ۽ سرگم ۾ آڻڻ لا مون هن ۾ ڪجهه هيٺين ريت ترميم ڪئي آهي، هن ۾ مون اڃا وزن بحر مطلب علم عروض سمايو ئي ڪونهي فقط اها ڄاڻ سانئڻ نسيم حيدري سميت نون لکندڙن کي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڪنهن به شاعري ۾ ڪافيو ۽ رديف ڇا ٿيندو آهي اهو ڇو ضروري هوندو آهي۔
    ڀيڻ نسيم حيدري جي اصل شاعري به هتي لکان ٿو ۽ جيڪا مون ان ۾ پنهنجي وس آهر محنت ڪئي آهي سا به لکان ٿو توهان کي خبر پئجي ويندي ته ڪهڙي کوٽ هُئي هن شاعري ۾ جنهن جو مون پورائو ڪيو آهي۔
    ڀيڻ نسيم حيدري جي اوريجنل شاعري​

    پيار، پريت ۽ عشق جي ڳالهه ڪـــر،
    زندگيءَ جي سونهن جي ڳالهه ڪر۔

    هر ڪــــوئي هت مهمان هجي ٿـــو،
    اي نادان! وقت ۽ پل جي ڳالهه ڪر۔

    ڪيئي آيـا ۽ ويــا زماني جــا سڪندر،
    تاريخ جي مهان انسانن جي ڳالهه ڪر۔

    خــدا جــا گهـــر بـــه قتــــل گــاهه بڻـــجــــي ويـــــا،
    انسان جي هٿان انسان جي عظمت جي ڳالهه ڪر۔

    جنـون شـوق عبادتِ اڄڪلهه وڌي ويو آ،
    حقيقت، معرفت ۽ طريقت جي ڳالهه ڪر۔

    هر پاسي ”نسيـــم“ کي اجنبي چهرا نظر آيا،
    هن ڌرتيءَ جي اصل وارثن جي ڳالهه ڪر۔​

    هاڻ هن شاعري ۾ سڀ خوبصورت ڳالهه اها آهي ته هن ۾ رديف (جي ڳالهه ڪر) تمام شاندار نموني سان اسان جي ڀيڻ استعمال ڪيو آهي رديف ان کي چئبو جو غزل يا نظم جي مطلعي (ٿلهه) جي ٻنهي سِٽن ۾ بار بار اچي اهو رديف آهي، هاڻي توهان ڏسو جن به سِٽن ۾ مون ڳاڙها لفظ ڀيڻ نسيم حيدري جي سٽن ۾ لکيا آهن انهن ۾ ڪافيئي جو ڪو نالو ڪونهي ڪافيو ان کي چئبو جيڪو شاعري جي بند ۾ بار بار بدلجي هم آواز هُجي،
    هاڻي مان جيڪي ترميم هن شاعري ۾ ڪئي آهي اها به لکان ٿو جيڪا آهي ته

    عشق پريت ۽ پيار جِي ڳالهه ڪر !
    سُونهن ڀريل سنسار جِي ڳالهه ڪر!

    هر ڪوئي هت مهمان اچي ٿو ،
    ڇا سُٺو ڇا بُرو آ ڪردار جي ڳالهه ڪر

    ڪيئي آيا ۽ ويا زماني جا سڪندر ،
    اي وقت ! زماني جي افڪار جي ڳالهه ڪر !

    خُدا جا گهر به قتل گاهه بڻجي ويا ،
    انسان ويچاري هت لاچار جي ڳالهه ڪر !

    جنون، شوق، عبادت اڄڪلهه ويو آ وڌِي ،
    حقيقت، معرفت طريقت باربار جي ڳالهه ڪر !

    هر پاسي ” نسيم“ ڇو اجنبي چهرا ٿا ڦرن ،
    اسان جي سنڌ ڌڻي سنڌي دلدار جي ڳالهه ڪر !​

    هاڻي توهان خود اندازو لڳايو ته هن ۾ صرف هم آواز ڪافيا لڳائڻ سان رڌم به اچي ويو، ترنم به اچي ويو، سرگم به اچي ويو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه جيڪا غزل ، نظم، وائي ، بيت ترائيل ، ٽيڙو وغيره وغيره لا انتهائي گهربل شي ڪافيو به اچي ويو۔ پيارا نثار لازمي ڪونهي ته منهنجي فني نقطي نگاهه سان تيار ڪيل هي شاعري ڀيڻ نسيم ۽ توهان ان کي قبول ڪريو ۽ ادا نثار هن ۾ متان ائين سمجهين ته هن ٽي درجي واري شاعر نثار ناز ڪا تنقيد ڪئي آهي قسم سان بلڪل نه پر خوبصورت خيالن جي وهڪري کي جيڪڏهن خوبصورت رڌم ، ترنم سرگم ڪافيئي جي صورت ۾ ڏنو وڃي ته اصل ڀيڻ نسيم حيدري جي هنن سُندر خيالن کي چنڊ ڇا پر چوڏهين جا لازوال چنڊَ لڳي ويندا۔ گُستاخي معاف ادا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  13. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڳالهه ڪر ۔۔۔ شاعره، نسيم حيدري

    سائين نثار ناز!
    اوهان جي اهڙي ڳالهين مان اسان کي گهڻو ڪجهه سکڻ‌لاءِ ملي ٿو۔۔۔ تمام بهترين
     
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڳالهه ڪر ۔۔۔ شاعره، نسيم حيدري

    سڀ کان پهريان ته سائين محترم نثار ”ناز“ ۽ سنڌ سلامت جي پياري ساٿيءَ جا لک ٿورا جنهن محترمه نسيم حيدريءَ جي شاعريءَ تي تمام سهڻي انداز سان ٽيڪا ٽپڻي ڪري ان ۾ ٿورڙي ڦيرگير ڪري جيڪو نظم لکيو آهي اهو به محترمه جي فڪري پهچ سان ٺهڪندڙ ، پر معني ۽ وڌيڪ وڻندڙ آهي ۔۔۔

    دوست نثار! اسين ادب جي دنيا ۾ ۽ خاص ڪري شاعريءَ واري صيغي ۾ ائين آهيون جيئن ڪو ڪار جو ڊرائيور صرف ڊرائيونگ ته ڄاڻندو هجي پر ڪار جي مشينري کان بلڪل ناواقف هجي ۽ جڏهن ڪار خراب ٿي پوي ته مٿي تي هٿ رکي بيهي رهي ۔۔۔ انڪري اسين به ان غير مڪينڪي ڊرائيور جيئان صرف شاعريءَ جي مقصد ۽ فڪر کان مستفيض ٿيندا آهيون، باقي لفظن جي تورتڪ کان بي خبر ۔۔۔

    محترمه جي مٿي ڏنل فڪري اڏام پسند آئي ته مون به انکي جيئن جو تيئن ونڊ ڪيو ۔۔۔ خئير آءُ کيس هي اوهان وارو نقطه نگاهه موڪليانٿو ته جيئن سندس رهنمائي ٿي سگهي ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔

    دعائن ۾ گڏ @};-
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو